سرپرائيز
اڄ اڃا ننڊ مان سندس اک نه کُلي ھئي. تيستائين سندس موبائل جي ٽون وڳي ۽ ھي سجاڳ ٿي ويو. اکيون مھٽيندي ڪال اٽينڊ ڪيائين ته آواز آيو
‘‘سر توھانکي مبارڪون.’’
ھي خير مبارڪ ڪري سوچڻ لڳو
‘‘ھي واڌايون ڇا جون ھيون.!؟ اڄ نه عيد نه ھولي... ڀليو ھوندو پڪ سان.’’
ھي اٿيو، تيار ٿيڻ لڳو ته ٻيھر کيس ڪال آئي. آواز ٻيو، ڳالهه ساڳئي.
‘‘آخر ھي سڀ ڇا پيو ٿئي.اڄ تاريخ.....پھرين اپريل. مطلب ته مون سان پيا اپريل فول ملھائين. ھون سڀ بيوقوف ۽ واندا......’’
ھن سان ائين ٿيندو رھيو، ڪي ڄاڻ سڃاڻ وارا ته ڪي اڻڄاڻ ھن کي واڌايون ڏيندا رھيا. ھي خوش اسلوبيءَ سان کين جواب ڏئي پنھنجي پرِ ۾ ھنن کي بنائي رھيو ھو.
منجھند تائين ھن کي پنج ڪالز اچي چڪيون ھيون. مارڪيٽ کان گھر وڃي رھيو ھو، ته کيس ٻيھر فون ڪال آئي. گرميءَ سبب سندس مزاج ۾ ڪجهه چڙ پيدا ٿي ھئي، ڪال اٽينڊ ڪيائين
‘‘واڌايون سر، توھانجي وڏي حياتي لاءِ دعاگو آھيان’’
ھن وراڻيو
‘‘مھرباني پٽ، پر توکي حياء ڪرڻ گھرجي.’’
ڪال تي نوجوان پريشان ٿي ويو
‘‘حياء، ڇو سر مون ڇا ڪيو.!؟”
ھن جذباتي ٿيندي وراڻيو
‘‘پنھنجي پيءُ جيڏي سان مذاق ڪرڻ توکي زيب ڏي ٿو ته ڀلي ڪر. باقي پٽ تون اپريل فول مون سان ڇا ملھائيندين، مون تو جھڙا ڪيئي اُٺ پڙھائي ڇڏيا.’’
وش ڪرڻ واري نوجوان کي ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي، تنھن چيو
‘‘سر آئون اکين وارو آھيان، توھان منھنجا بزرگ آھيو.. مون کي شرم نه ٿيندو جو توھان سان’’
پروفيسر سندس ڳالهه ڪٽيندي طنزيه لھجي ۾ وراڻيو
‘‘پوءِ ڇا پڻين جو پيريءَ ۾ پٽ ڄائو آھي، جو واڌايون پيو ڏين” نوجوان مسڪرائيندي وراڻيو
‘‘او نو سر، اڄ توھان جو برٿ ڊي. فيس بوڪ تي ’’
منھنجو ڀرٿ ڊي، فيس بوڪ.! او او سوري ينگ مين. ٿينڪ يو.’’ پروفيسر کي ڪجهه افسوس ٿيو، سوچڻ لڳو
‘‘پر آئون ته فيس بوڪ تي ناھيان، پوءِ ھي سڀ! پڪ سان مون واري پوٽي خرم جي شرارت آھي. بس گھر پھچان ته ڪن پٽيانس.’’
پروفيسر کي ڪالز تي واڌاين جو سبب ملي ويو، تڪڙو تڪڙو گھر ڏانھن ويو. ھن دروازي تي بيل جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو. نوڪر آيو،جيئن دروازو کليو، ته اندران خوشيءَ مان آواز آيا
‘‘ھيپي ڀرٿ ڊي ڊيئر گرانڊ فادر، ھيپي برٿ ڊي بيلوڊ ابو’’
ھن کان سرپرائيز جي خوشيءَ ۾ شڪايت وسري وئي.
***