سوا سيرِ
پر هاڻي منهنجي نڙيءَ مان آواز فقط هن جي ڳالهائڻ سان ئي ٿي نڪتو، نه ته آئون “سائيلينس پرسن” ٿي ويو هوس. هن جي رابطي مونکي ڪچهرين ۽ محفلن مان ڪڍي هڪ اهڙي سوڙهي گهٽيءِ ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو هو، جتي هن جو آواز ئي مون لاءِ آڪسيجن هو. هن سان ڳالهائيندي ڪلاڪ پلن جيان گُذري ويندا هُئا. ڪجهه ڏينهن کان هن جو نمبر ٻي لائن سان به جڙيو هيو، اُن لائن ئي مون کي هن کان آف لائن ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هُيو.
ڪلهه رات جڏھن مون ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ وھمن کي ختم ڪرڻ لاءِ هُن کان پڇيو هو
“شائسته! مون کي ڪجهه ڏينهن کان توهان جي رويي ۾ اوپرائپ محسوس ٿي رهي آهي. جڏهن مون سان ڳالهائيندا آهيو، ته مون کي ائين لڳندو آهي ته توهان جو ذهن ڪنهن ٻئي طرف هوندو آهي. توهانجون مون مان پهرين واريون دلچسپيون به گھٽ ٿينديون وڃن...... ڇا اڄ ڪلهه توهان...؟”
هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
‘‘چوڻ ڇا ٿو چاهين؟”
مون وراڻيو
‘‘آئون چوان ٿو مونکي ڪلهه ۽ اڄ جي شائسته ۾ فرق نظر اچي ٿو. جيڪا شائسته ڪلهه منهنجي پيار جي حصار ۾ هُئي، سا اڄ ڪنهن ٻئي جي .......’’
هوءَ ڄڻ وڄ بنجي مون تي وري هُئي
‘‘ شرم اچڻ گھرجي توکي، مون تي شڪ ٿو ڪرين. تنهنجو دماغ ته جاءِ آهي، بڪين ڇا پيو؟ ايتري ڪريل آهيان نه مان، نه ڳالهائج مون سان ھاڻي.......’’
“شائسته.........شائسته .........شائسته.........!!شا.......’’
هُن ڪال ڪٽي نمبر ئي آف ڪري ڇڏيو.
هوءَ پهرين به رُسندي هئي، هونئن به رُسڻ پرچڻ پيار جو مَرڪ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ رُسڻ کانپوءِ ٿيندڙ پرچاءُ ماڻهو کي وڌيڪ هڪٻئي جي ويجھو آڻي ٿو. پر هن جي هن ڀيري واري رُسڻ ۾ ڌاريائپ محسوس ٿي ھئي. ڄڻ هن ۽ منھنجي وچ ۾ ڪنهن ڪوٽ جي ديوار اچي وئي هُئي، آئون ٽٽي وکرڻ لڳو هُوس. اکين جا بند ٽٽڻ وارا هُئا ته مونکي سائيڪالاجسٽ ميڊم سوميه جو مشورو ذهن تي هُري آيو.
‘‘جڏهن توهان پاڻ کي مايوس ڀانيو يا زندگي خفا لڳي، ته پنهنجو گذريل اهو وقت يا لمحا ياد ڪندا ڪريو. جيڪي توهان لاءِ خوشيءَ جو سبب بڻيا هُجن. انهن کي بار بار ياد ڪريو، ته توھان اھڙي عمل سان پاڻ کي مطمئن ڀائيندا.’’
آئون به هن سان گھاريل سُٺا پل ياد ڪرڻ لڳس. اهي سڀ ڳالهيون ڀوڳ، موج مستيون ذھن تي هُري آيون، جيڪي مون لاءِ هن وقت ڪيلشيم ثابت پئي ٿيا. هڪ وقت هن چيو هو
‘‘سُڪار! جي مان توهان سان نه ڳالهايان ها ته شايد مونکي زندگي جي تلخ حقيقتن ۽ شوخ حسناڪين جو ڪڏهن به شعور نه ٿئي ها. توهان جي ذات ئي مونکي عام ڇوڪري مان باشعور بڻايو آهي، ريئلي ٿينڪس ڊيئر.’’
ڪنهن ڇوڪري جي زباني پنهنجي واکاڻ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو هوس، من مست ٿي ويو هو.
مون وراڻيو ھو
‘‘شائسته اهو ڪارنامو فقط منهنجو نه پر توهان جو به آهي. ٻي ڳالهه اهو تڏهن ممڪن ٿيو. جڏهن توهان منھنجو ساٿ ڏنو. سچ پُڇين ته جانان تون مون کي بڙ جي ڇانوَ جيان پيار جو احساس ڏياريو آهي، جنهن جي ٽاڪ منجھند ۾ ٿڪل مسافر کي تلاش هوندي آهي، قسم سان آئون به زندگي جي رِڻ ۾ رُلي ٿڪجي پيو هُوس.’’
هُن پُڇيو ھو
‘‘توهان کي خوف نٿو ٿئي، جيڪڏھن مون توهان کي ڇڏي ڏنو ته.........؟’’
مون پنهنجي عشق جي پُختگي واضح ڪندي وراڻيو ھو
‘‘ايئن نه ٿيندو شائسته! هونئن به انساني فطرت رهي آهي. هن کي جنهن شيءَ جو خوف هوندو آهي، يا ان کي ڪنهن طرف وڃڻ کان روڪبو آهي. هو اُن طرف هليو ويندو آهي. هن جي اندر ۾ ان چيلينج جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿي پوندو آهي تون ته وري به...’’
هن بوريت محسوس ڪندي وراڻيو ھو
‘‘اڙي بابا ڪا نارمل ڳالهه به ڪر، وري کڻي فلسفو ويهي رهين.’’
آئون اهو سڀ سوچي رهيو هُوس ته ڀيڻ سڏ ڪيو
‘‘سُڪار ادا....امان سڏي پئي اچي ماني کاءُ.’’
آئون ڄڻ گھري ننڊ مان ڇرڪ ڀري سُجاڳ ٿيس
‘‘ها آئون اچان ٿو.’’
رات کانپوءِ منهنجي زبان مان اهو پهريون جملو نڪتو هو. اکيون مھٽي ٻاهر آيس ته امان مون کي ڏسي پڇيو
‘‘پُٽ ڇا ڳالهه آهي؟ صفا مجنون ٿي ويو آهين، بس هاڻي ان جو حل تنهنجي شادي ۾ آهي.’’
امان جي اُن ڳالهه سان سندس ڀر ۾ ويٺل منهنجي منڱيتي شازيه لڄي ٿيندي ڪمري ۾ ھلي ويئي. شازيه خوبصورتيءَ ۾ ڪنهن پري کان گھٽ نه هُئي. پر نه ڄاڻ ڇو منهنجي مت کُٽي وئي هُئي، جو مون نانگن جي ٻرن ۾ آڱريون وجھڻ جي ڀُل ڪئي هُئي. هن جو فطرتي حُسن مون کي نظر نه پئي آيو،
جڏهن ته شائسته سان ڳالهيون مون کي توانائي ڏينديون هُيون. شازيه کي نظرانداز ڪري ڄڻ آئون پنهنجي ڀاڳ کي پُٺي ڏئي رهيو هُوس، هن کي اهو پتو هيو ته مان شائسته جي چاهه ۾ چريو آهيان. پر شازيه ايتري ته سادي هُئي جو هن انهيءَ جو اثر ئي نه قبوليو. هن جون نظرون هميشه مون تي مهربان رھنديون هُيون. اڄ ته کاڌو به رت ٿي لڳو ھو.
آئون کٽ تي ويٺس ڀيڻ ماني کڻي اچي مون کي ڏني. مون مانيءَ جو هڪڙو گرهه وات تي رکيو ته موبائل ٽون وڄڻ لڳي. مون اهو گرهه وات ۾ وجھڻ بدران واپس رکي موبائل ڏٺي ته شائسته جي ڪال هُئي. سڄي جسم ۾ ڄڻ توانائي موٽي آئي، ماني اُتي ڇڏي چريي وانگي منهن وات ڪري گھر مان نڪري آيس.
پويان امان ۽ ادي سَڏَ ڪيا، پر انهن جا سڏ ڄڻ مون کي قبر جي ڪوٺ محسوس ٿيا. ڪال رسيو ڪري هن اڃا ڪجهه وراڻيو ئي نه، تيستائين مون ڪنهن بزدل سپاهيءَ جيان آڻ مڃي وراڻيو
‘‘شائسته، آئي ايم سوري....ويري سوري، مون توهان کي هرٽ ڪيو. مون کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو، توهان ته پاڪ.’’
اڄ ته پيار ۾ مُڇ جو وار ٿي پيوهُوس، هن جون اڳيون پويون غلطيون وساري کيس مسجد جو ڪک سمجھڻ لڳو هُوس. هن رکو جواب ڏنو
‘‘ اٽز اوڪي، پليز آئيندا خيال ڪجو.’’
هن اڃا ايترو چيو، نه ڄاڻ اندر ۾ ڪهڙي لُڇ هُيم، جو هن جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ ئي چيم
‘‘نه شائسته ھاڻي ايئن نه ٿيندو، تون ٻُڌاءِ ڪيئن آهين. گھر وارا ڪيئن آهن، وقت ڪيئن گُذريو. مان ياد آيس؟ سچ پُڇين ته منهنجو جيءُ تو بن جُھري پيو ھو، ايئن ٿي لڳو ڄڻ مون کان ڪائنات رُسي وئي هُجي. پليز مان ته سچ ۾ چريو آهيان، بيوقوف آهيان. تنهنڪري توهان منهنجي ڳالهين کي درگُذر ڪندا ڪريو. باقي مان توهان کي.......’’
مون اهو سڀ چئي ڇڏيو، اڃا ڳالهه جاري هُئي، ته هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
‘‘هاڻي بس به ڪريو، مونکي به ڳالهائڻ ڏيندا يا فقط توهان.’’
‘‘ جي....جي.... توهان ٻڌايو، آئون ته سڄي عمر توهان کي ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان.’’
هن منهنجي ڳالهه تي ڀوڳ ڪندي وراڻيو
‘‘سڀ مرد ايئن چوندا آهن، پر جڏهن مستي لهندي اٿن ته ڍنڍ جي پکين جيان اڏري وري چهنب وڃي ٻي ڌاڻي ۾ ھڻندا آهن. هڪ جام مان ڍاپجڻ مرد ذات جي فطرت ۾ ئي ناهي. ڇاڪاڻ کين گھٽ موقعن تي موکيءَ جا هٿ لڳندا آهن.’’
سندس ڳالهه تي منھنجو وات پٽجي ويو
‘‘ڏاڍي چالاڪ ۽ بولڊ ٿي وئي آهين!’’
هن وراڻيو
‘‘انھيءَ ۾ چالاڪي جي ڪابه ڳالهه ناهي، عام ڳالهه ڪئي اٿم. ٻي ڳالهه ته هڪ بيڊ نيوز آهي........’’
هن جي ڳالهه ڄڻ مون کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، مون خوف ۽ تجسس مان پُڇيو
‘‘ڇه...ڇه .....ڇا ٿيو شائسته! خير ته آهي؟”
لفظ نڙيءَ کي رهڙي نڪتا، هن وراڻيو
‘‘ها خير آهي، مائٽ هميشه اولاد جي ڀلي لاءِ سوچيندا آهن. منهنجي مائٽن جو خيال آهي ته منهجي عمر چڙهي رهي آهي، تنهنڪري منهنجي شادي.’’
هن ته دهلن ۽ شرناين جي ڳالهه ڪئي، پر مونکي خوف وٺڻ لڳو. دل تي ضبط ڪندي مون وٽانئس پُڇيو
‘‘ ته....ته پوءِ تنهنجي مرضي ڇا آهي شائسته ........؟’’
‘‘هن اطمينان مان وراڻيو
‘‘مون اڃا ان تي غور نه ڪيو آهي، توهان ٻُڌايو مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟’’
هن ڄڻ مونکي امتحان ۾ وجھي ڇڏيو، پر مون وري به پنهنجي دل جو حال رکيو
‘‘شائسته مون توکي دل جي گھرائين سان چاهيو آهي، آئون ته ڪڏهن به نه چاهيندس ته منهنجي محبت ڪنهن ڌاريي جي سيڄ تي لانئون لهي. ان لاءِ آئون توکي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ وڃائي سگھان ٿو جانان.’’ هن آٿت ڏيندي وراڻيو
‘‘مونکي توهان تي ڀروسو آهي. پر پيار ۾ ايڏو جذباتي نه ٿيو، جو سڀاڻي وڇوڙي جي سٽ سهي نه سگھين. ٻي ڳالهه ته مون کي نه ڏٺو اٿئي نه پرکيو اٿئي، پوءِ به.’’
مون روايتي پيار جو پتو ڇڏيندي وراڻيو
‘‘ شائسته! عشق ذات پات، اوچ نيچ، شڪل و صورت کان مٿانهون ٿي ڪبو آهي. مون اکيون بند ڪري توکي چاهيو آهي. تون ڪهڙي به هُجين....ڪيئن به هُجين.... مونکي قبول هوندينءَ. .’’
هن وراڻيو
‘‘مونکي تنهنجي انڌي عشق تي خوف ٿو ٿئي سُڪار’’
مون هن کي حوصلو ڏيندي وراڻيو
‘‘خوف نه ڪر چري، مونکي پاڻ تي ۽ توتي پورو ڀروسو آهي. پنهنجو پيار ضرور بهارون ماڻيندو.’’
هن وراڻيو
‘‘اوڪي بابا، مون وٽ اڄ توهان لاءِ هڪ سرپرائيز آهي.’’
منهنجو ذهن حيرت جي درياھ ۾ ٽوٻا ڏيڻ لڳو،پڇيم: “سرپرائيز! ڪھڙو سرپرائيز شائسته...مونکي ٻڌايو پليز ؟ “
‘‘اُهو اِهو ته مان توهان سان ملڻ لاءِ تيار آهيان. پر هڪ شرط آهي ته ملڻ کانپوءِ توکي پويان موٽڻو نه پوندو. جيئن چاهين ٿو تيئن ئي مونکي چاهيندو رهندين. ايئن نه ٿئي ته مون کي ڏسڻ کان پوءِ تنهنجو پيار هوائي ڦوڪڻو ثابت ٿئي، ۽ اُن مان عشق جي هَوا نڪري وڃي. تنهن ڪري مون سان پليز سوچي سمجھي ملجانءِ.’’
هن ڄڻ مون کي خبردار ڪندي مون کان وچن وٺي ڇڏيو، پر آئون عشق جي جھاز ۾ يرغمال هُيس. مون تي ڪابه خبرداري اثر نه ڪري رهي هُئي. مون وراڻيو
‘‘شائسته چري آهين ڇا؟ منهنجي پيار تي شڪ ٿي ڪرين. شاباس اٿئي .... اھو سوچ جيڪو ماڻهو تنهنجي اڻ ڏٺي توتي ايترو فدا آهي، ۽ هو ڏسڻ کان پوءِ......’’
هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي ناز مان وراڻيو
‘‘ الائي ! مون سوچيو ڪٿي توتان عشق جو نشو لهي نه وڃي. ڇا ڪاڻ هن دؤر جي عاشقن جي سرڪشي نشي تائين هوندي آهي، جيستائين خمار هوندا اٿن تيستائين آسمان تان چنڊ لاهڻ جون ڳالهيون پيا ڪندا آهن. جڏهن نشو لهندو اٿن ته ذميوارين جي ڄار ۾ ڦاسي يا ته چريا ٿي ويندا آهن، يا وري موالي ٿي ويندا آهن. ان لاءِ ئي مان چوندي آهيان حقيقتن تي ويساھ ڪري انسان کي حقيقت پسند ٿيڻ گھرجي، ته جيئن ھو مُعاشري جي اُهنجن پيچرن تي زندگي جي گاڏي صحيح ڊرائيوِ ڪري سگھي.’’
هوءَ جيتري منهنجي خيالن ۾ حسين هُئي اوتري ذهين به هُئي. جڏهن به ڳالهائيندي هُئي ته گُل ورکيندي هُئي. ڪڏهن ڪڏهن مان هن اڳيان پاڻ کي ٻار محسوس ڪندو هوس.
اسان ۾ ٻي ڏيھاڙي 4 بجي Sea view تي ملاقات طئه ٿي. ملڻ جي خوشي ۾ منهنجو من ڪارونجھر جو مور بنجي ويو هو. ڇاڪاڻ ته منھنجي ٿر جهڙي ڏڪاريل سيني تي پهرين ملاقات جي برسات وسڻ جي اُميد ٿي هُئي.
اهو اسان جي 7 مهينن جي پيار ۾ پهريون موقعو هو. ان کان اڳ مون هن تي ملڻ لاءِ ڪيترا ئي زور ڀريا پر اُهي سڀ بي اثر ثابت ٿيا هُئا. هن چئي ڇڏيو هو ته
‘‘ اسان فقط ڳالهائڻ جي حد تائين رهنداسين، مون ۾ وڌيڪ ڪا به اُميد نه رکجو.’’
پر تنهن کانپوءِ ڪجهه عرصي کان شروع ٿيل منهنجي ديوانگيءَ هن جو من ميڻ جيان پگھاري ڇڏيو هو. نيٺ هوءَ ملڻ لاءِ راضي ٿي وئي.آئون هن کي بي بيحد ۽ بي عقل ٿي چاهي رهيو هُوس. اهڙي چاهڻ ۾ هن جي ديد مون لاءِ عيد کان گھٽ نه هُئي.
اڄوڪي رات ته انتظار ۾ 21 ڊسمبر واري رات کان به ڊگھي ٿي وئي ھئي. هن سان ملڻ جي مُسرت ۾ نيڻن بند نه ٿيڻ جو وچن ڪري ڇڏيو هيو. جيئن فجر جي اذان ٿي، ته آئون تياري ۾ لڳي ويس. تيار ٿي 7 بجي اهو چئي گھران نڪتس ته منهنجو اڄ ڪراچي ۾ انٽرويو آهي. دُعا ڪجو ڪامياب ٿي اچان.
سفر ۽ انتظار جي بيچيني سهندي آخر 3 بجي ڪراچي پهتس، سمُنڊ جو فطري رنگ ڏسي آئون اکين جو نور وڌائڻ لڳس. تيستائين هن جي ڪال آئي
‘‘توهان ڪٿي پهتا آهيو؟”
مون خوشيءَ خوشيءَ مان وراڻيو
‘‘شائسته آئون ڪلاڪ کان سمنڊ ڪناري تي آهيان سمُنڊ جون لهرون ڏسي........’’
هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
‘‘اوڪي آئون به پهچي وئي آهيان، توهان هيئن ڪريو درگاه عبدالله شاھ غازي جي سامهون Play Place مان انٽر ٿي سڌو پارڪ ۾ اچو. پارڪ جي گيٽ مان داخل ٿي ساڄي پاسي موڙ کائيندي سڌو هليا اچو.’’
مون پُڇيو
‘‘ پر شائسته توهانکي آئون ڪيئن سُڃاڻيندس؟”
هن چيو
‘‘اهو توهان مون تي ڇڏي ڏيو، توهان جلد اندر اچو.’’
آئون سي ويو تان موٽي درگاه عبدالله شاه غازي جي سامهون پارڪ ۾ آيس ، پارڪ ۾ داخل ٿي سڌي طرف وڃي رهيو هُيس. هن کي منهنجا نيڻ ڳولي رهيا هُئا، هتي ڪيئي حسينَ جلوه افروز ٿيا هُئا. پر منهنجي نظر صرف شائسته کي ڏسڻ لاءِ آتي هُئي. ٻي ڪا به گھور مون کي گھائي نه پي سگھي. ڪجهه قدم اڳيان وڌيس ته مونکي پويان سڏ ٿيو
‘‘سُڪار......سُڪار.’’
جيئن ئي پويان ڪنڌ ڦيريم ته منهنجا ڪن ئي کڙا ٿي ويا. هن تي هڪ نگاھ وجھڻ سان ئي منهنجي سوچن ۽ احساسن تان وير وري وئي، ڄڻ پيار جا سڀ ليڪا لهرن جي تک سان مٽجي ويا. ڇاڪاڻ منهنجي دل ۾ جيڪو پيار جو خاڪو ٺهيل هو، ھيءَ ان جي بلڪل ابتڙ هُئي. سانورو رنگ، بي ڍولو جسم، ۽ بي معنيٰ اکيون هُيس. ھوءَ مون کي منهنجي دل جي ڪينواس تي چٽيل شائسته جي تصوير سان مسخري ٿي لڳي.
منهنجي دل ۾ اتفاق سان اهو تاثر پيدا ٿيڻ لڳو ته واقعي انسان ٻي جي معرفت پاڻ سان ئي پيار ڪندو آهي. انتظار، اقرار، ناز سڀ ماڻهو جا پنهنجو پاڻ سان ئي هوندا آهن، نه ته هن کي ڏسي منهنجي سوچ جو لاڙو نه بدلجي ها. جڏهن هوءَ منهنجي دل ۾ ويٺل شائسته کان مونکي مختلف لڳي ته آئون هن کي قبولڻ کان انڪار ڪرڻ لڳس. ڇا ڪاڻ اِهي احساس ۽ پيار سڀ مون هن جو تصور رکي پاڻ سان ڪيا هُئا. آئون سوچن جي ڪشمڪش ۾ هُيس ته هن ٻيهر سڏ ڪيو “سُڪار، ڇا پيا سوچيو....هيڏانهن اچو.؟”
مون پاڻ کي ڄار ۾ ڦاسندي محسوس ڪيو، پاڻ کي شڪار ٿيندو ڏسي پچي، لُڇي، کامي رهيو هُوس. دل و دماغ ۾ ڇڪتاڻ هُئي. هن سان گڏ پارڪ جي لان ۾ ويهي رهيس.
هن پُڇيو
‘‘ توهان پريشان ڇو پيا لڳو، ھاڻي پنهنجي زباني ٻُڌايو ته اڄ جي ھن مُلاقات ۾ ڇا پيا محسوس ڪريو؟”
مون ڪوڙ جو سهارو ورتو
“زبردست! تمام سُٺو.... ۽ توهان به ڪافي سُٺا آهيو.’’
هن جي چهري تي مُرڪ وري آئي.
‘‘شڪريه جناب’’
ڳالهه اڳتي وڌَي، تنهن کان اڳ آئون پير پويان ڪرڻ جو سايو ڪرڻ لڳس
‘‘شائسته! ھتي ھرڪو اسان کي چتائي رھيو آھي. هاڻي پاڻ کي هلڻ گھرجي، مونکي به ڳوٺ وڃڻو آهي.’’
هن وراڻيو
“ڇو سُڪار؟ ايترو جلدي، تو ته چيو هو ته گڏجي ڊنر ڪنداسين.. گھمنداسين .’’
مون وراڻيو
‘‘ها....... ها شائسته پر.......!’’
هن منهنجي بيزاري محسوس ڪري ورتي. چيائين
‘‘پر ڇا.....؟ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته مان توهان کي پسند نه آيس. توهان تان عشق جو نشو لهي ويو.’’
مون صفائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
‘‘نه ..... نه شائسته! اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، توهان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو. عشق ٿوري ايترو آسان.’’
هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
‘‘ڇا....ڇا ... مان ڇا پئي ٻُڌان! توهان جو عشق نه هو، پوءِ توهان جون وڏيون وڏيون ڳالهيون.’’
آئون پنھنجي ڪيل ڳالھين ۾ ڦاسي پيو ھوس، پريشان ٿيڻ لڳس. هن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي وراڻيم
‘‘ڏس شائسته ! اسان ساٿي آهيون، هڪ ٻئي مان ڪافي سکيو اٿئون. پر يار عشق ٻي چيز آهي، منهنجون ڳالهيون جذباتي هُيون. مڃان ٿو ته آئون تو سان قول ۾ ڪوڙو رهيو آهيان، پر جي اعتبار ڪريو ته منهنجو مڱڻو به ٿيل آهي. پاڻ سُٺا دوست آهيون.’’
مون هن کي قائل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، لهجو رُکو ٿيندي ويوم. هن جي چهري تي احتجاج جون لڪيرون صاف صاف نظر اچي رهيون هُيون، هن وراڻيو
‘‘تون وڏو مڪار آهين....ٻهروپيو آهين.... انسانيت تي داغ آهين.’’
آئون پاڻ کي ڪريل محسوس ڪرڻ لڳس
‘‘سوري شائسته، اوهان کي جيڪو وڻي چئو. آئون ڪجهه به نٿو چئي سگھان. بس...بس آئون هلان ٿو.’’
هن کان اڳ مون پاڻ کي ڪڏهن به ايڏو ڪٺور محسوس نه ڪيو هو، اصل ۾ مون پاڻ کي هن تي مڙهڻ نه ٿي چاهيو. هونئن به اُهي رشتا بي مقصد هوندا آهن جن ۾ روحن جو پاڻ ۾ جوڙ نه هُجي. مون هن سان ڪال تي ڪيل ڳالهين تي پاڻ کي شرمندو محسوس ڪيو. آئون هن کان ڪجهه قدم اڳتي وڌيس ته مونکي پويان کان سڏ ٿيو
“سُڪار’’
پر هي ته آواز شائسته جو هو، پوءِ آئون ڪنهن سان ملي رهيو هُيس. منهنجو دماغ ڦرڻ لڳو ته ڪٿي خواب ۾ ته ناهيان. ڪنڌ ڦيريم ته دنگ رهجي ويس. ناز و حُسن سان سرشار ڪا اپسرا پنهنجن نفيس هٿڙن سان تاڙيون وڄائي رهي هُئي. افسوس ظاهر ڪندي چوڻ لڳي “ويري سيڊ! مسٽر سُڪار......، ويري سيڊ... مونکي ڏاڍو افسوس آهي، ته توهان هارائي چُڪا آهيو، ڇي ....ڇي آئون منجھي پيس
‘‘آئون هارائي ويس، اهو ڇا.. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي هي سڀ ڇا..!؟”
هن وراڻيو
‘‘ توهان مرد آهيو ئي اھڙا ...پنهنجو مُنهن آئيني ۾ ڏسڻ بدران ڳاڙهي ڪنوار حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيو. اهو ته سُٺو ٿيو مون پنهنجي نوڪرياڻي کي ڍال بنائي تنهنجي دل جي ڪاراٺ ڏٺي، ته ڪيترو تنهنجي اندر ۾ چاھ آهي. تو دل جي خوبصورتي ڏسڻ بدران ظاھري حُسن کي اھميت ڏني. اڄ جيڪڏھن منهنجي نوڪرياڻي جي جڳهه تي مان هُجان ها، ته هڪ مرد جي سطحي سوچ جي سبب ڪيڏو نه برو ٿئي ھا مون سان.... تون نالي جو مرد آهين. جيڪڏھن تو ۾ ٿورا به مردانگي جا ڪڻا موجود هُجن ها ته تون هر حال ۾ پنهنجي پيار کي تسليم ڪرين ها. پُٺي نه ڏين ها، نه ڄاڻ هن مُعاشري ۾ تو جھڙا ڪيترا احساسن جا قاتل پلجندا هوندا. جيڪي پنهنجي پيار کي سبز باغن جا خواب ڏيکاري سندن عصمتن جا گُل لُٽيندا هوندا. توکي ياد آهي نه، ته مون تو سان ملڻ کان اڳ واعدو ورتو هُوته توهان مون سان ملڻ کان پوءِ پويان نه ڏسجو........ پنهنجي چاهت ختم نه ڪجو. مونکي پڪ آهي اڄ جيڪا توکي لَپاٽَ لڳي آهي. سا توکي پُٺ تي مڙهڻ به نه ڏيندي...... پر مان وڃان ٿي ....... ۽ ٻُڌ آئينده ڪنهن سان ايئن نه ڪجان... باءِ.’’
آئون ڀت ٿي ويو ھيس، هوءَ وڃي رهي هُئي. ڪيڏي نه اوچائي تان ڪريو هوس. هن مونکي آئينو ڏيکاري ڇڏيو. ھوءَ واقعي سوا سير هُئي.