ٻه قبرون
باقي جيڪو عزيز قريب سندس گھر آيو ٿي، سو آڏيون ابتيون خبرون ڪري سندس جيءُ جھوري ٿي ويو، اھو سڀ ٻڌي ٻڌي ھاڻي ھي ٿڪي پيو ھو.
جڏھن ھن ھر طنز جي تير جو رُخ پنھنجي پاسي ايندو ڏٺو، ته روح صفا ڇڄي پيو ھيس.جنھن ڌُر سندس ٻانھن ڦٻائي ھئي، تن ڄڻ ڪو وڏو تير ھنيو ھو.جھالت جي اھڙن ساٿارين خوشيءَ ۾ جھمريون پي ھنيون، انھن کي انھيءَ ڳالهه جو ڪوبه فڪر نه ھو ته ڪو گھر رسوائيءَ جي باھ ۾ ٻري رھيو آھي، ۽ ان گھر جا ڀاتي قيامت جھڙي ذلت مان گذري رھيا آھن.
آخر ھو تر جي ڀوتار وٽ داد رسائيءَ لاءِ ويو، ڀوتار آڏو ڌيءَ ورائڻ لاءِ کڻي جھولي وڌائين، تنھن چيس
‘‘منٺار توکي مون پھريان به چيو ھو، ته تنهنجي ڇوري ڇتي ٿيو بيٺي آھي....گھاٽي واڌي رات جي پيٽ ۾ لاھينس، پر تو نه مڃيو......’’
وڏيري ڄڻ منٺار کي ڊسٽ بن سمجھي ڪچرو ڦٽو ڪيو ھو، ھن ھيڻائي مان وراڻيو
‘‘سائين ھوءَ منھنجي نياڻي ھئي، ڍڳو ڍور ٿورئي ھو، جو ائين لاھيانس...!!؟”
وڏيرو ڄڻ وڄ ٿي پيو ھو، تنھن مٿس وراڪو ڪري وار ڪيو
‘‘اھڙي ڇوري مئي ڀلي...جيڪا پٽ جي ڌوڙ منھن ۾ وجھي...نه مڃيئي ھاڻي ٿي خوار...راڄ به کلايو اٿئي.....’’
وڏيري جي ڳالهه ھن جي زخمن تي پاھ رکڻ بدران لوڻ ٻرڪڻ ۾ ڪامياب وئي ھئي، منٺار بي عزتيءَ جو بار مشڪل سان سھندي وراڻيو؛ ‘‘سائين جمعون توکان ڏاڍو ڪونھي، منھنجي عزت بچايو.’’
وڏيري ھن کي ٻيءَ ٺوڪر ھڻندي وراڻيو
‘‘مڃان ٿو! جمعون مونکان ڏاڍو ڪونھي، پر منٺار آڱر تنھنجي ڪني آھي، جمعون...! ٽڪي جھڙو جمعون.... کاڄي ڇا سان....!؟ ڇا ڪجي ھو تنھنجي ڇوريءَ جي ڏڍ تي پيو کيڏي.....’’
منٺار وڏيري جو زھر ڀريل لھجو مشڪل سان ھضم ڪيو.
مسڪين ماڻھو جي زندگي ڄڻ فوٽ بال جيان ھوندي آھي، دنيا جا سڀ رانديگر پنھنجي فتح لاءِ ھن کي ٿُڏا پيا ھڻندا آھن، ۽ ھڪ ڏينھن ھو ختم ٿي ويندو آھي، منٺار کي به ھنڌان ھنڌان اھڙا ٿُڏا لڳي رھيا ھئا. ھن شڪ ظاھر ڪندي وراڻيو
‘‘سائين....راڄ ۾ اھا ڳالهه پئي ھلي ته جمعي جا وڏيرو پٺا پيو ٺپري..!’’
ھن انھيءَ ھڪ جملي سان ڄڻ وڏيري جي چوري پڪڙي ورتي ھئي، تنھن اُنھيءَ تي چادر چاڙھيندي منٺار کي ھيسائيندي چيو
‘‘راڄ ۾ ته اھا به ڳالهه آھي، ته منٺار جي زال ھٿ سان ڌيءَ ڀڄائي آھي...! پوءِ ائين آھي ڇا.....!؟”
ھن جو ڪنڌ پھريان ئي رسوائي سبب ھيٺ ھو، وڏيري مٿس ٻيو الزام ھڻي سندس منھن جو پاڻي وٺي ڇڏيو.
منٺار جي ڌيءَ پارس وڏيري جي خاص ماڻھو جمعي جي پٽ کنئي ھئي، منٺار تمام شريف ماڻھو ھو، پر جمعي جن جا لڇڻ سڄي راڄ کان ساريا پيا ھئا، پارس جو جمعي جي پٽ سان ڪيئن ۽ ڪٿي پيچ پيو، ان جي منٺار کي لکا ڪانه ھئي.
منٺار ٿڪل قدمن سان گھر موٽي آيو، سوچيائين زال کي آٿت ڏئي وقتي طور تي سندس پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ڪوڙ ھڻندس. زالينس وڌي اچي وٽانئس حال ورتو، ھن چيس
‘‘رحيمان وڏيري خاطري ڪرائي آھي، تون پريشان نه ٿي.’’
ھُن ڄڻ رحيمان جي ھانءَ تي ٿڌي پاڻيءَ جو ڇنڊو ھڻي ڇڏيو ھو، تنھن خوش خوش ٿيندي چيو
‘‘اي مرشد ڀلائي ڪجان.’’
زال کي خوش فھميءَ ۾ ڏسي منٺار جو ارادو بدلجي ويو، شڪسته لھجي ۾ چيائين؛ ‘‘ڀلائي لاءِ بچيو ڇا آھي رحيمان، وڏيري ته سڌو جمعي جن جو پاسو کنيو آھي، ھو چون ٿا ته پارس جي وڃڻ ۾ تنھنجي زال شامل آھي.’’
رحيمان ڄڻ ڀت ٿي وئي، گھڙيءَ لاءِ ھن پنھنجو ساھ ويندي ڀانيو ھو، منٺار جي ڳالهه جاري ھئي
‘‘پر ڪا به ماءُ پنھنجي اولاد کي چور دروازي مان ڀڄڻ نه ڏيندي آھي، ھا ڪافي عورتون اھڙا قدم کڻنديون به آھن، پر انھن جون زميني حقيقتون کين ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪنديون آھن.’’
رحيمان جي ذھن ۾ اڃا به وڏيري واري تھمت جي ولوڙ ھئي، تنھن چيو؛ ‘‘پر منٺار مون نه’’
ايترو ئي ڪُڇي سگھي، منٺار کيس آٿت ڏيندي چيو
‘‘مون ته توکي ڏوھ ڪونه ڏنو سڄڻ، ماڻھو ته ھميشه پنھنجن ڪيل ڏوھن جا ھٿ پراون ڪپڙن سان اگھندا آھن، تون فڪر نه ڪر.’’
منٺار اٿيو، ڪمري مان پلاسٽڪ جو ڪٽو ۽ ڪوڏر کنيائين، جنھن ۾ ھن رات جي وقت ڪجهه بند ڪري رکيو ھو. ٻاھر وڃڻ لڳو ته رحيمان چيس
‘‘ڪوڏر کڻي ڪيڏانھن پيو وڃين.......جا ڏس آرام ڪر’’
درد سان ٻڏل لھجي ۾ منٺار وراڻيو
‘‘پارس جو درد وڌيڪ مون کان سَٺو نٿو ٿئي رحيمان، مونکي انھيءَ سور کي ٺڪاڻي لڳائڻو آھي!’’
رحيمان کي خوف ورائي ويو، سوچڻ لڳي،
منٺار، جيڪو اڪثر پارس کي ڌڙڪي ڏيڻ تان مون سان وڙھندو ھو ڀلا اھو ڪيئن ڌيءَ کي ماريندو. پر ڌيءَ به سندس ڪھڙو ڀرم رکيو آھي، جو ھو ھن سان رعايت ڪري...ھن ڊوڙي وڃي دروازو بند ڪيو، ۽ در جي آڏو ديوار ٿي بيھي رھي
‘‘رحيمان ڏس منھنجو گس نه بند، مون جيڪو فيصلو ڪيو آھي سو ئي ٿيندو!’’
کيس روڪڻ لاءِ ھُن ڪيئي سندس مانڌان جھول وڌا، پر ھو نه رُڪيو. گھر مان نڪري گھٽين مان گذرندي سڌو قبرستان تي آيو.کيس اھڙي حالت ۾ ڏسي سندس اوڙي پاڙي جا ماڻھو سندس پويان پويان اچڻ لڳا، ھي مقام ۾ قبر کوٽڻ لڳو، پھريان ھڪ قبر پوءِ ٻي قبر.... سندس اھڙي حالت ڏسي بيٺل ماڻھن مختلف ڳالھيون پي ڪيون، ڪنھن چيو
‘‘لڳي ٿو ته خواريءَ کيس چريو ڪري ڇڏيو آھي.’’
وري ٻي سوال ڪيو؛
‘‘ڪٿي ائين ته ناھي ڇوري کي مارائي ڇڏيو اٿس.....۽ ھاڻي....!؟’’
‘‘اڙي نه نه.....اھڙي جي غيرت ھجيس ھا ته ڇوريءَ جي ڀڄڻ کان اڳ ئي کيس ڪھاڙو ھڻي ميڄالو ڪڍي وٺيس ھا.......ھون.’’
جيترا وات، اوتريون ڳالھيون، جھڙا ذھن تھڙيون سوچون.....
پر منٺار جو ڪنھن ڏانھن به ڌيان نه ھو، زور زور سان قبر کوٽي رھيو ھو.جڏھن قبرون کوٽي بس ڪيائين، ته ھڪ قبر تي ڪاٺ جا ڏڪ رک خالي بند ڪري ڇڏيائين ۽ ٻي قبر ۾ ڪٽو ڇنڊڻ لڳو، جنھن مان رانديڪا ۽ ڪپڙا قبر ۾ ڪِري رھيا ھئا.
اھو ڏسي سڀني کي حيرت وٺڻ لڳي، کين ھن جي چريي ھئڻ جو ڄڻ سرٽيفڪيٽ ملي ويو.
ھن ٻي قبر تي به ڏڪ رکي قبر بند ڪري ڇڏي، ڪوڏر ڪلھي تي رکي واپس وڃڻ لڳو ته بيٺلن مان ڪنھن طنز ڪندي ٽھڪ ڏنو
‘‘ھا ھا ھا ھا....چريو ڪنھن جاءِ جو!’’
منٺار جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هُئا. ھن بيٺل ماڻھن ڏانھن مڙندي چيو؛
‘‘آئون چريو ناھيان، ھيءَ قبر منھنجي ڌيءَ پارس جي آھي، جيڪا گھر جي در جي چانئٺ اورانگھي مون لاءِ مري وئي، ۽ ٻي اُن جي پيءُ منٺار جي آھي جيڪو پڻ ان سان گڏ مري ويو........!’’
***