ڪھاڻيون

گُلن سان تعزيت

”گلن سان تعزيت“ ۾ شامل 19 ڪهاڻيون مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن. جن ۾ سماج جي درست عڪاسي کان وٺي رومانوي جذباتيت کي به شانائتي جاءِ ڏني وئي آهي. شاندار ڪٿائون ئي عبدالسلام ٿهيم کي نئين ٽهيءَ جي ٻين ڪٿانويسن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون. عبدالسلام ٿهيم جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ويڪرو آڳر، سندس سادي ٻوليءَ ۽ نون موضوعن جي روشنيءَ سان سدائين جڳمڳائيندي نظر اچي ٿو.
Title Cover of book گُلن سان تعزيت

پرَ ڪٽيل پکيئڙو

ھن پڇيو
‘‘تنھنجو ۽ منھنجو ناتو ڪھڙو آھي.؟”
مون چيس
‘‘جيڪو اُڃ جو پاڻيءَ سان ھوندو آھي.’’
چيائين
‘‘ھل ڪوڙ، اڃا به ٻُڌاءِ.’’
مون وڌيڪ چيو
‘‘جيڪو ٻج جو ڌرتيءَ سان ھوندو آھي.’’
ھن پڇيو
‘‘اڃا به ٻڌاءِ.’’
مون وراڻيو
‘‘جيڪو پکين جو وڻن سان ھوندو آھي’’
ھن پڇيو
‘‘اُهو وري ڪيئن..؟”
مون پنھنجو ڪنڌ ھن جي گوڏي تي رکي وراڻيو
‘‘جيئن پکين جي وڻ پناھ گاھ ھوندا آھن، تيئن ئي تنھنجا زلف مون لاءِ تتيءَ ۾ ڇانورو ھوندا آھن.’’
ھن پنھنجن وارن ۾ منھنجو منھن لڪائي ڇڏيو، سندس چپڙا منھنجي منھن تي ڪجهه ڳولي رھيا ھئا. ڪجهه گھڙين کانپوءِ ھن وار ھٽايا، ائين لڳو ڄڻ منھنجي چپن تان ڪنھن آب حيات جو پيالو ورايو ھيو. پڇيائين
‘‘تنھنجا جواب ايترا غير روايتي ڇو ھوندا آھن.؟’’
چيومانس
‘‘جڏھن تنھنجي ڀر ۾ ھوندو آھيان، تڏھن منھنجي ڏات جي پکيئڙي جا ڪٽيل پرَ، کيس واپس لڳي ويندا آھن. پوءِ جيڪو ڪجهه ڳالھائيندو آھيان. سو مونکان ڪا ٻي طاقت ڳالھرائيندي پئي آھي.’’ ھن مرڪندي چيو
‘‘منھنجي تعريف ڪر’’
مون انڪار ڪندي وراڻيو
‘‘مون کان ڪو نه ٿيندي’’
ھن جي چھري تي وڌيڪ ناز رقصان ٿيڻ لڳو، ھوڏ مان چيائين
”پوءِ تنھنجي اھا ڏات ڪھڙي ڪم جي، جنھن ۾ توکان منھنجي تعريف نه ٿئي.’’
مون ڌيرج مان وراڻيو
‘‘منھنجو ھر ٻول تنھنجي خوبصورتي جو گواھ آھي، منھنجي روحاني قوت جي ڏيئي جو تون تيل آھين. تون ئي منھنجي سوجھرن جي سفر جو بنياد آھين. منھنجي خيال ۾ اھڙي سچ کي تعريف جي ڪابه ضرورت ناھي.’’
ھن چيو
‘‘تڏھن به.’’
مون چيس
‘‘تنھنجا نيڻ حيا جا حوالا آھن، تنھنجي مرڪ ۾ نئين ڄاول ٻار جي معصوميت آھي’’
ھن مونکي روڪيندي چيو
‘‘بس بس’’
مون پڇيو
‘‘ڇو ڇا ٿيو، تعريف نه وڻين ڇا.؟
ھن وراڻيو
‘‘وڻين ۽ منھنجي اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به ايتري تعريف نه ڪئي آھي’’
چيومانس
‘‘ته پوءِ پڪ سمجھه، اڄ تائين توکي مونکان سواءِ ڪنھن چاھيو ئي ناھي’’
ھن وراڻيو
‘‘ھا شايد، پر ھاڻي.’’
ھوءَ ڪجهه چوندي چوندي رڪجي وئي، مون عاجزي سان چيو
‘‘ھڪ گذارش آھي.’’
ھن ٺهه پهه وراڻيو
‘‘مونکي ڇڏي نه وڃجانءِ....جھڙي روايتي ڳالهه نه ڪجانءِ.’’
خبر ناھي ڪيئن ھن منھنجي التجا ٻڌڻ کان اڳ ۾ سمجھي ورتي ھئي. مون چيو
‘‘نه نه! گذارش اھا آھي ته تنھنجي ڪري منھنجي ڏات جي پکيئڙي کي اڄ جيڪي پر مليا آھن، تن جي توکي پارت آھي’’
ھن ڪجهه سوچي پڇيو
‘‘ڪٿي اھو پکيئڙو توکي مون کان پري ته نه کڻي ويندو.؟” چيومانس
‘‘نه...جي کڻي به ويو، ته انھيءَ جو سبب غير روايتي ھوندو.’’
ھن چيو
‘‘مطلب ته ائين ٿي سگھي ٿو، منھنجي زندگيءَ ۾ تمام گھٽ اھڙا امڪان رھيا آھن. جيڪي نه ٿيا ھجن. ھي پکي منھنجو دشمن آھي، مان ھن کي پر نٿي ڏئي سگھان.’’
ھن شايد مستقبل جو چھرو ڏسي ورتو ھو، ۽ موٽي وئي. مون وٽ مون جيان ڏات جو پر ڪٽيل پکيئڙو جي رھيو آھي.

***