ڪھاڻيون

گُلن سان تعزيت

”گلن سان تعزيت“ ۾ شامل 19 ڪهاڻيون مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن. جن ۾ سماج جي درست عڪاسي کان وٺي رومانوي جذباتيت کي به شانائتي جاءِ ڏني وئي آهي. شاندار ڪٿائون ئي عبدالسلام ٿهيم کي نئين ٽهيءَ جي ٻين ڪٿانويسن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون. عبدالسلام ٿهيم جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ويڪرو آڳر، سندس سادي ٻوليءَ ۽ نون موضوعن جي روشنيءَ سان سدائين جڳمڳائيندي نظر اچي ٿو.
Title Cover of book گُلن سان تعزيت

ايج ڊفرنس

“بابا بابا مون کي اسڪول ڇڏي اچ.’’
جمال جي ڇاتيءَ تي ڄڻ عديل جي ڳالهه ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھنيا. جنھن جو سبب اھو ھو ته عديل جنھن جي اسڪول نه وڃڻ واري ضد تي ھن جو ڪوبه وس نه ھليو ھو، ۽ عديل مارڪٽ، دڙڪا ۽ گاريون سهسائي ڏاڍو ٿي ويو ھو. آخر جمال کيس چوڻ ڇڏي ڏنو. پر عديل جو استاد اسلم جتي به جمال کي ملندو ھو، ته کيس سختيءَ سان عديل کي اسڪول موڪلڻ لاءِ چوندو ھو. جمال ھا ۾ ھا ملائي ھليو ايندو ھو. عديل جيڪو ستين ڪلاس تائين پڙھائيءَ ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان ھو، ۽ اٺين ڪلاس ۾ سندس پير اسڪول وڃڻ کان ڇو سست ٿي ويا۔؟انھيءَ جو سبب نه کلي طرح عديل ٻڌايو، نه ئي انھيءَ جي گھرائيءَ ۾ وڃي سوچڻ جي صلاحيت جمال ۾ ھئي. بس عديل گسائيندو ھو، جمال کيس بي عزتو ڪري ڍورن جيان ڪٽيندو ھو، ۽ سائين اسلم کيس اسڪول موڪلڻ لاءِ جمال تي زور ڀريندو ھو. بظاھر ڪھاڻي ايتري ئي ھئي. پر عديل نه ويو سو نه ويو، ۽ انھيءَ ڳالهه کي چار سال گذري ويا.
ھاڻي جڏھن ھو ڪجهه وڌيڪ سمجھه ڀريو ٿيو، ۽ سندس خوبصورت چھري تي مُڇيون ظاھر ٿيڻ لڳيون، تڏھن اڄ ھن پڻس کي اسڪول ڇڏي اچڻ لاء چيو.
ٻي ڏينھن جمال ھن کي سوير اسڪول ڇڏڻ ويو. ھيڊماستر سان انھيءَ معاملي تي ڳالھايائين، پھريان ته ھيڊ ماستر عديل جي مسلسل اسڪول کان غير حاضر رھڻ جو جواز ڏئي کيس ٻيھر اٺين ڪلاس ۾ داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پر پوءِ کيس ترس آيو ۽ ھن اٺين ڪلاس جي استاد سائين اسلم کي گھرايو، اسلم جڏھن آفيس ۾ آيو ته جمال ھن ۾ اميد ۽ پنھنجائپ سان نھاريو. پر ھو کيس اوپري نگاھ سان نظر انداز ڪري ھيڊماستر وٽ وڃي ويھي رھيو.
ھيڊ ماستر اسلم سان مخاطب ٿيندي چيو
‘‘سائين اسلمَ! عديل کي ڪلاس ۾ ويھار.’’
اسلم لاپرواھيءَ مان وراڻيو
‘‘ھيڊ ماستر صاحب! درويش ته ناھيو، ھي لوفر پڙھندو ڇا جو ھن کي.؟’’
عديل ڄڻ پنھنجي منھن تي لپاٽ لڳندي ڀانئي، سندس ڳورو چھرو ڳاڙھو ٿي ويو. جمال منٿ ڪئي
‘‘سائين مھرباني ڪريو. توھان ئي ته چوندا ھئا ته ھن کي اسڪول موڪليو ۽ ھاڻي’’
اسلم عديل ڏانھن ڪاوڙ ۾ ڏسندي ڪڙڪو ڪندي وراڻيو “ھا ھا چوندو ھوس، پر چار سال اڳ....تڏھن ھن نه سمجھيو. ھاڻي ھي وقت وڃائي چڪو آھي..! ھيڊ ماستر صاحب ايج ڊفرنس جو مسئلو آھي، ھاڻي ھي پاڻ کان چار سال ننڍن ٻارن سان گڏ ويھندو ته ھو خوف محسوس ڪندا.’’
ھيڊ ماستر جي اسلم سان گھڻي ڪانه لڳندي ھئي، ھنن جو ھميشه تڪرار رھندو ھو. سياسي اثر سبب اسلم جو ھنن تي رعب ھو، ھيڊ ماستر ٻيھر چيو
‘‘ڏس اسلم صاحب! اھڙو ڪجهه به نه ٿيندو، ھي ڇوڪرو پڇتاءُ جو شڪار ٿي آيو آھي. مونکي اميد آھي ته ھي پڙھندو’’
اسلم مغروريءَ مان وراڻيو
‘‘ته پوءِ توھان ئي کيس ھتي ويھي آفيس ۾ پڙھايو.’’
عديل جيڪو ڪيتري ئي دير کان ذلت برداشت ڪري رھيو ھو. تنھن چيو
“سائين اسلم! ڪلهه به ايج ڊفرنس جو ئي مسئلو ھو. جو مون توھان جي دوستيءَ واري آڇ رد ڪندي پنھنجا چار سال ضايع ڪيا. اچ بابا.......!’’
عديل پڻس سان گڏ روانو ٿي ويو، ھيڊماستر نفرت جي نگاھ سان اسلم کي ڏسڻ لڳو.
اسلم کي ڏھين ڪلاس ۾ ھڪ ڪلاس فيلو سان ڪيل بدتميزيءَ تي لڳل لپاٽون ڄڻ ٻيھر منھن تي لڳي رھيون ھيون.

***