دير
ڪٿي دل سندو پکي ھن جي نيڻن سندي ڄار ۾ ڦاسي ته نه پيو آھي، نه نه ائين ڀلا ڪيئن ھوندو....مون ته ھن کي ڪڏھن پنھنجو مٽ ڀانيو ئي ڪونه ھو. ھن کي ڏسندي منھنجي دل مان ڌڪار جو احساس نڪرندو ھو، ھوءَ مونکي ڏٺي ڪونه وڻندي ھئي....پر اڄ ھي مون سان ڪھڙو لقاءَ ٿي رھيو ھو، ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه اچي رھي ھئي. من جو سُٽ منجھي پيو ھو، جنھن کي ٺاھڻ منھنجي وس مان نڪري رھيو ھو. مسلسل سوچي سوچي منھنجو ذھن سخت دٻاءُ جو شڪار ٿي رھيو ھو. ڪجهه وقت پھريان جڏھن ٻنيءَ تان ڦيرو ڏئي گھر ڏانھن اچي رھيو ھوس، ته ھوءَ ڳوٺ جي ڀرسان وھندڙ واٽر تان پاڻي ڀري رھي ھئي. آئون ھن کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري اڳيان وڃڻ لڳس ته ھُن مونکي پويان سڏ ڪيو ‘‘اياز.....اياز.’’
مون ھن ڏانھن ڪوبه ڌيان ڪونه ڌريو، ته ھن ٻيھر سڏ ڪيو “اياز! مونکي گھڙو ته کڻائي ڇڏ“
نه چاھيندي به جڏھن ھن جي ويجھو وڃي، ھن کي گھڙو کڻائڻ لڳس، ته ھن پنھنجون ڪجليون ڪاريون اکيون مون ۾ کُپائي ڇڏيون. دعائيه انداز ۾ چيائين
‘‘مولا وقت کي ڪو نيئر ھڻ، ته آئون پنھنجو. ...’’
مون چڙ مان گھڙي مان ھٿ ڇڏائي ورتو، منھن اٿلائي ھليو آيس. ھن پويان ڪيئي سڏ ڪيا، پر مون کيس ڪنھن به سڏ جو جواب نه ڏنو. ھن کي ھميشه ائين نظرانداز ڪندو رھندو ھئس، منجھس مونکي تر جيتري به تمنا نه ھئي. ڇاڪاڻ مونکي ڳوٺاڻين ڇوڪرين ۾ ڪابه دلچسپي نه ھئي.
ھونئن ته ھوءَ ڪا ايتري بي ڍولي به نه ھئي، پورو پنو قد، گول مھانڊو، ڪاريون اکيون، مٿين چپ جي ساڄي ڇيڙي مٿان تر، اڀريل ڇاتي ۽ رنگ ۾ نه گھڻي ڳوري ۽ نه ئي گھڻي ڪاري ھئي. مطلب ته ھوءَ پاڻ ۾ ڪنھن کي به بيتاب ڪرڻ جو پورو پورو تاب رکندي ھئي، پر منھنجو من ھن تي موھت ٿيڻ کان نابري واريو بيٺو ھو. پر اڄ مون سان سڀ ڪجهه الڳ الڳ ٿي رھيو ھو.
ڪجهه مھينا شھر ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ڪلهه جڏھن ڳوٺ آيس ته ھوءَ مون کي ڪٿي به نظر نه آئي، ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ ڳوٺ ۾ مونکي ڪجهه به نظر نه پيو اچي. ڳوٺ جي ٻاڙي ٻاڙي مونکي کائڻ لڳي رھي ھئي.جڏھن ھن جي ڪمي ائين محسوس ٿيڻ لڳي، ته منھنجي اکين جي آڏو ھن کي گھڙو کڻائڻ وارو منظر ترورا ڏيڻ لڳو.
ڪجهه وقت اڳ ھن جيڪي مون ۾ اکيون کُپايون ھيون، تن جو اثر اڄ محسوس ڪري رھيو ھوس، ساڳي جڳهه تي ھن سان ڪيل بدسلوڪي تي منھنجو من ندامت جا ڳوڙھا ڳارڻ لڳو ھو. پر اڄ ھن کي ڏسڻ جي تانگ روح روڙي رھي ھئي، ۽ ھوءَ لڳاتار گم ھئي. فقط ھوءَ گم نه ھئي، پر ھن سان گڏ آئون به گم ھيس. جيڪڏھن آئون بابا کي چوان ھا ته ھو مون کي زينت جو سڱ ڪاڪا گُلڻ کان وٺي ڏي ھا. پر آئون انا جو شڪار ھوس، شھر ۾ رھڻ سبب آئون ڳوٺاڻو مزاج وڃائي ويٺو ھوس. ھڪ ڀيرو بابا کي چيو ھيم
‘‘بابا اسان ڪيترو وقت رڻ ۾ زندگي گذارينداسين، ھلو ته لڏي ھلي شھر ۾ رھون.’’
پر ھو ڪاوڙ ۾ صفا رت ٿي پيو، چيائين
‘‘ھي اسانجا اباڻا ڪک آھن، اسان جو راڄ ھتي آھي، اسان جا ابا ڏاڏا ھتي دفن آھن. تن کي ڇڏي اسان ٻي وطن ڇو وڃون.؟”
تڏھن مونکي بابا تي ڏاڍو افسوس ٿيو ھو، اھا سوچ رُڳو منھنجو بابا نٿو رکي. پر اسان جي تر ۾ رھندڙ اڪثر ڳوٺاڻا اھا ئي سوچ رکن ٿا. ھنن کي پنھنجي ڳوٺ کان سواءِ باقي جڳ پرديس لڳندو آھي، اھو ئي سبب آھي جو اسان اڄ پنھنجي ئي ديس ۾ ڄڻ پرديسي ھجون. پنھنجن ئي شھرن ۾ اسان سان گڏ اوپرائپ سفر ڪندي آھي.رُڳو ايترو نه پر اسانجي ڳوٺ جي ڀر ۾ مھاڻن جو قديم ڳوٺ آھي، سندن گذر سفر مڇيءَ مارڻ تي آھي. جڏھن انگريزن جو راڄ ھو، تڏھن تن کين چيو ھو ته
‘‘ اوھان اچو ته اوھان کي اسان سرڪاري زمينون الاٽ ڪريون، اھي آباد ڪري گذر سفر ڪريو.’’
تن ھمراھن اھو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ھو
‘‘نه نه اسان ھن حال ۾ خوش آھيون ، زمينن سان اسان جي ٽنگ ٻڌجي ويندي.’’
جڏھن مونکي شھر ۾ نوڪري جي آڇ ٿي ھئي، تڏھن مون سان به ڪا گھٽ جٺ نه ٿي ھئي. امان ڪو مون مان ھٿ ڪڍي، چوي ته ‘‘رُکو سُڪو ٽُڪر تڏي جو ڀلو.’’
پوءِ کيس منٿون ڪري سندس مرشد جو قسم ڏئي اجازت ورتم، تنھن کانپوءِ به ھُن مونکي روئي رڙي روانو ڪيو. ڄڻ نياڻيءَ کي رخصت ڪري رھي ھئي. اھي ئي سبب ھئا جو منھنجي ڳوٺ ۾ دل ڪونه لڳندي ھئي. ڪجهه مھينا اڳ امان چيو ھيو
‘‘ھڪڙو پُٽ آھين، توکي سڪي پني مرشد کان ورتم. ھاڻي تيار ٿي ته تنھنجي شادي ڪرايان، اميد ڏسان’’
امان مونکي راضي ڪرڻ لاءِ گھڻي جذباتي ٿي وئي ھئي، پر مون ڪنٽار ڪري ڇڏي ھئي. ھن شايد ڳوٺ ۾ ڪا ڇوڪري پسند ڪئي ھئي، پر کيس منھنجي ناپسندگيءَ جو علم نه ھو.
پر اڄ زينت جي ڪميءَ منھنجي سوچ بدلائي ڇڏي ھئي، منھنجي خوابن تي پاڻي وري ويو ھو. منھنجي ھر احساس تي ھوءَ حاوي ٿي وئي ھئي. ٻيھر سوچڻ لڳس
آخر ھُن وٽ اھڙو ڇا ھو، جو ھن جي ڳوٺ ۾ غيرموجودگي مون کي چريو ڪري رھي آھي. ھوءَ ته ھڪ اھڙي عام رواجي ڳوٺاڻي ڇوڪري ھئي، جنھن جي خوابن جي دنيا محدود ھوندي آھي. جنھن جي سوچ جي دائري ۾ بيوٽي پارلر، ٻاھر ڊنر، ٻاھرين طرز جي شاپنگ مال مان خريداري ڪرڻ نه ھوندو آھي. پر ھن جي دنياُ گھر ٻار جي سنڀال ۽ ٻني ٻاري جي ڪمن تائين محدود ھوندي آھي.اھا حقيقت آھي ته ٻھراڙي جون عورتون مردن سان گڏ ھر ڪم ۾ پيو وھنديون آھن، پر اڪثر جاين تي ته سڀ ڪم عورتن کي ئي ڪرڻا پوندا آھن. مڙس ته مڇن کي تيل مَکي پيا ھوٽلن جا بينچ جھوريندا آھن. ھوءَ به ھڪ اھڙي ذميوار ڇوڪري ھئي. پر اڄ کان پھرين مون تي شھري شارٽ لباس پھرڻ وارين ڇوڪرين جو ڀوت سوار ھو، جن کي ھرشيءِ ھٿ تري تي کپي. تڏھن ته ھن کي نظرانداز ڪندو رھيس. آخري ڀيرو مون ھن کي تڏھن ڏٺو ھو.
جڏھن آءٌ ڳوٺان بيگ کڻي شھر واپس وڃي رھيو ھوس، ته ھن ڊوڙي اچي منھنجي ٻانھن جھلي وراڻيو
‘‘ايتري بي پرواھي سٺي ڪونھي اياز، وڃڻ کان اڳ موڪلائين ته ھا.’’
مونکي ھن تي تمام گھڻي ڪاوڙ آئي ھئي، زور سان پنھنجي ٻانھن ڇڏائي کيس چيو ھيم
‘‘جيڪڏھن توکي پنھنجي عزت جو ٿورو به خيال ناھي، ته گھٽ ۾ گھٽ ڪاڪا گلڻ جي لڄ جو احساس ڌار. وڏي ڪا بي حياءَ آھين.’’
مون ھن کي ڄڻ لفظن ۽ لھجي سان ڏاڙهيو هو ، ھن جي نيڻن جا بند ٽٽي پيا ھئا. اکين مان لڙڪن لار شروع ٿي ويس ۽ آئون نڪري آيس.
تڏھن ته مونکي ھن جو تر جيترو به احساس نه ٿيو ھو، پر اڄ مونکي پنھنجي رويي تي شرمندگي ٿي رھي آھي. سوچيان پيو ته اڄ منھنجو روح ڪيترو نه بي چين ٿي پيو آھي، ۽ ھن جي منھنجي بنا ڇا حالت ٿي ھوندي.؟ ھن پتو ناھي ڪيئن منھنجي ياد جا ڏيئا ٻاري اجھايا ھوندا، جيئن اڄ ھن جي لاءِ آئون بيوس ٿي پيو آھيان. ھن جي ياد جا سلسلا اڻ کٽ ٿي پيا آھن، تيئن ئي ھن منھنجي غيرموجودگيءَ ۾ خبر ناھي ڪيئن پاڻ پليو ھوندو.؟ھاڻي ائين لڳي رھيو ھو، ڄڻ زينت سان منھنجو جنم جنم جو ناتو ھُجي. آءٌ به عشق جي اڙانگن پيچرن تي پنڌ پوڻ لڳو ھيس.
نيٺ مون اھو طئه ڪيو، ته اجايي سوچڻ کان سٺو آھي ته آئون امان سان ڳالهه ڪريان. کيس چوان ته مون کي زينت جو سڱ وٺي ڏي. ڇاڪاڻ منھنجو من ھن لاءِ ماندو ٿي پيو ھو، منھنجي دل ھن کي چاھي ويٺي آھي. سڀ سوچون ترڪ ڪري گھر موٽي آيس. امان رلي ٺاھي رھي ھئي، آءٌ خاموشي سان اچي سندس ڀر ۾ ويھي رھيس. ھن شايد منھنجي ماٺ مان منھنجي من جي آنڌ مانڌ محسوس ڪري ورتي ھئي، تنھن رلي کي ويڙھي ھڪ پاسي رکندي مون کان پڇيو
‘‘پُٽ خير ته آھي، اٻاڻڪو اٻاڻڪو پيو لڳين. ڪنھن ڪجهه چيو آھي ڇا.؟”
مون ڌيرج سان وراڻيو
‘‘امان اھڙو ڪجهه ڪونھي....بس مون ھڪ فيصلو ڪيو آھي’’
امان شڪي نظرن سان مون ۾ نھاريندي پڇيو
‘‘فيصلو، ڪھڙو فيصلو پُٽ.؟”
مون ڳالهه اڳيان وڌائي
‘‘امان مون اھو فيصلو ڪيو آھي ته ھاڻي اوھان کي اُميد ڏيکاريان.’’
امان جو چھرو خوشيءَ ۾ ٻھڪي پيو. تنھن جھومندي پڇيو “اڙي واھ پٽ، ڇا تو ڪنوار ڳولي ورتي يا آءٌ ڪوشش ڪريان ’’
‘‘ھا امان، ھوءَ آھي نه چاچا گلڻ جي ڌيءَ...’’
‘‘ھا ھا پٽ ھوءَ زينت.’’
امان ھن جو نالو کڻندي ئي خيالن ۾ گم ٿي وئي، سندس منھن تي پريشاني جون لڪيرون واضح ٿيڻ لڳيون. آئون اھو سڀ ڏسي پريشان ٿيڻ لڳس
‘‘امان خير ته آھي، ھن جو نالو وٺندي تون ڪيڏانھن گم ٿي وئينءَ. ڇا ھوءَ توکي پسند ڪونھي.!؟”
امان وراڻيو
‘‘نه ابا اُھا ڳالهه ڪونھي. اصل ۾ زينت جو مڱڻو ٿي ويو آھي، ڪجهه ڏينھن کان پنھنجي ٿيڻ واري گھوٽ جي ڳوٺ مائٽن سان گڏ دعوت کائڻ وئي آھي’’
پتو ناھي امان اھو سڀ ايترو آساني سان ڪيئن چئي وئي، سندس انھيءَ ڳالهه ڄڻ مون تي تيزاب ھاري وڌو ھو. مون تڙپندي وراڻيو
‘‘زينت جو گھوٽ! امان زينت جو گھوٽ مونکان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ٿي سگھي....تون اھو ڇا چئي وئينءَ.؟”
امان وراڻيو
‘‘پُٽ تون ھاڻي انھيءَ خوشفھميءَ ۾ نه رھو، زينت ھاڻي ڪنھن ٻي جي امانت...’’
مون امان جي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
‘‘ٻي ڪنھن جي امانت! امان ھوءَ فقط ۽ فقط منھنجي امانت آھي. زينت جو ته مڱڻو ئي ٿيو آھي نه.....مڱڻي کي ڪير ٿو پُڇي. ماڻھو ته نڪاح ڪريو ڦريو وڃن.’’
امان ڌيرج سان مونکي سمجھائڻ لڳي
‘‘پٽ جذباتي نه ٿي....ھيءُ ڳوٺ آھي. ھتي جيڪا ڇوڪري جنھن جي نالي ٿي وئي، سا تنھن جي ئي رھندي....شھر ۾ انھن ڳالھين جي واقعي اھميت نه ھوندي. پر ھتي انھن ڳالھين جي ڪري ماڻھو ھڪٻئي جي سسي لاھيندي به ڪونه گُسن...’’
مون امان جي ڳالهه رد ڪندي وراڻيو
‘‘امان تون شايد مونکي ڊيڄاري رھي آھين، توکي شايد خبر ڪونھي زينت به مونکان سواءِ مري ويندي .... ھوءَ به مون سان پيار ڪري ٿي.’’
امان وراڻيو
‘‘پٽ زينت جي دل تي ھاڻي پٿر اچي ويو ھوندو. مونکي خبر ھئي ھن جو توتي راز ھو. پر تو ھن کي ڪڏھن ماڻھو ڪري به نه ليکيو. توکي ياد آھي مون ڪجهه عرصو اڳ توتي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ھو. اھا ڇوڪري ٻي نه پر زينت ھئي. پٽ تنھنجي ھٿن مان وقت نڪري ويو آھي. تو ڏاڍي دير ڪري ڇڏي ابا....ڏاڍي دير ڪري ڇڏي.’’
امان جي وضاحت کانپوءِ آئون ھاءِ جا ھٿ ھڻڻ لڳس، اکيون اشڪبار ٿي ويون، امان پنھنجي پوتيءَ سان منھنجا لڙڪ اگھندي وراڻيو
‘‘پٽ دلجاءِ ڪر، آئون توکي زينت کان به سھڻي ڇوڪريءَ سان پرڻائينديس.’’
مون امان جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي وراڻيو
‘‘نه امان مونکي فقط ۽ فقط زينت گھرجي. آئون يقين سان چوان ٿو ھوءَ جڏھن به مونکي ڏسندي ته تڙپي اٿندي. سڀني کي ڇڏي مون ڏانھن ھلي ايندي’’
امان وراڻيو
‘‘نه پُٽ اھڙو ڪجهه به نه ٿيندو. جيڪڏھن ھوءَ اتفاق سان تنھنجي سامھون به آئي، تڏھن به ھوءَ توکي ڌارين جيان ڏسي ھلي ويندي. ھن جي ذھن ۾ ھاڻي فقط سندس ٿيڻ واري ور جو ئي خيال ھوندو.’’
آئون امان سان ڪجهه گھڙيون بحث ڪري گھر کان ٻاھر ڳوٺ جي کُلي پوٺي تي نڪري آيس، اڄ مونکي ڳوٺ پاڻ ڏانھن وڌيڪ ڇڪي رھيو ھو. ڳوٺ جا اھي سڀ گس گام گھٽيون جتان جتان ھوءَ لنگھي ھئي، اھي سڀ مون کي دنيا جي ڪل خوبصورتي لڳي رھيا ھئا. دل چيو پي ته اتان ڪو ٻيو نه لنگھي، ڳوٺ جي پوٺو صاف صاف لڳو پيو ھو. جنھن تي ڳوٺ جا ٻار مختلف رانديون کيڏي رھيا ھئا، سندن ٻاتا ٻول ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ٽھڪ ڄڻ ڳوٺ جي چھري کي به ٻھڪائي رھيا ھئا.
جڏھن ته ڳوٺاڻا گھرن ڏانھن موٽي رھيا ھئا، ڪن جي ھٿ ۾ ڪوڏر، ته وري ڪن جي ھٿ ۾ سيڌو سامان، ته وري ڪي رڍون ٻڪريون ڪاھي ڳوٺ ڏانھن لڙي رھيا ھئا. ڪجهه گھڙيون ته آئون انھن منظرن ۾ گم ٿي ويو ھوس.
تيستائين مين رستي تان ڳوٺ جي پٽڙيءَ تي ھڪ رڪشو لٿو، رڪشي جي اڳين سيٽ تي مونکي چاچا گُلڻ نظر آيو. اڄ ته گلڻ به ڄڻ مونکي گلي جو ھار پي لڳو، نه ته انھيءَ شخص سان منھنجون اکيون وڙھنديون ھيون. ھي سڀ نينھن جو ڪمال ھو. نينھن ڄڻ منھنجي اندر مان رات ختم ڪري ڏينھن ڪري ڇڏيو ھو.
چاچا گلڻ کي ڏسندي ئي منھنجي جسم ۾ ساھ پئجي ويو، دل ۾ ڄڻ جمالي تي جھوم ٿي وئي. ڪجهه ئي پلن ۾ رڪشا منھنجي ڀر مان گذريو، ڪاڪا گلڻ وڏي واڪي منھنجي نالو کڻندي مونکي کلي کيڪاري اڳيان گذريو. پوئين سيٽ تي زينت پنھنجي ماءُ سان گڏ ويٺل ھئي. زينت جيئن مونکي ڏٺو، ته مون ائين محسوس ڪيو...ڄڻ ھن جي اڳيان ڪو غيرمحرم شخص اچي ويو ھجي. ھن تڪڙ تڪڙ ۾ پنھنجو منھن ٻي پاسي ڪري ڄڻ منھنجي منھن تي لپاٽ واھي ڪڍي، منھنجو من منھنجي انا جي سبب ڪيل دير تي ملامت ڪرڻ لڳو ڪجهه ڏينھن کان مون ۾ جيڪو ھُن جو چاھ اٿيو ھيو، تنھن ڄڻ منھنجو ساھ ٿي ڪڍيو. مون سامھون ڏٺو ته ھوءَ وڃي رھي ھئي، آسمان تان پکيءَ به واپس آکيرن ڏانھن موٽي رھيا ھئا، سامھون سج به اُلھي رھيو ھو، ھر شيءَ جي موٽ ٿي رھي ھئي پر مون ۾ ھن جي چاھت گھڙيءَ گھڙيءَ جي گذرڻ سان وڌي رھي ھئي.
***