ڪھاڻيون

گُلن سان تعزيت

”گلن سان تعزيت“ ۾ شامل 19 ڪهاڻيون مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن. جن ۾ سماج جي درست عڪاسي کان وٺي رومانوي جذباتيت کي به شانائتي جاءِ ڏني وئي آهي. شاندار ڪٿائون ئي عبدالسلام ٿهيم کي نئين ٽهيءَ جي ٻين ڪٿانويسن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون. عبدالسلام ٿهيم جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ويڪرو آڳر، سندس سادي ٻوليءَ ۽ نون موضوعن جي روشنيءَ سان سدائين جڳمڳائيندي نظر اچي ٿو.
Title Cover of book گُلن سان تعزيت

ڏار

عارب ڪُلهي تي ڪوڏر رکي پگھر اُگھندي گھر ڏانهن وڃي رهيو هو. ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي وڏيري مُراد خان جي جاگير ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ جي ڀر ۾، چوڪڙي زمين جي کڻت ۾ اٿس. باقي گُذر سفر مڇي مارڻ تي اٿن. ڪجهه سالن کان پاڻي جي کوٽ سبب نالين مان اڪثر واري اُڏامندي نظر اچي ٿي. جنهن سبب مڇين جا ته نسل ختم ٿي ويا. اڳ جڏھن شاخن ۾ رڇ، ڄاريون، گھائيون ۽ نڙو هڻندا هُئا، ته پوپري، مُنڊي، بوهڻ، موراکا، ڪرڙي ۽ ٿيري مڇيءَ جا پاڻيءَ مان جھول نڪرندا هُئا. سانوڻ جيئن وسندو هو، ته مڇي آني ڇڏيندي هُئي. بڊي ۾ ته ڄڻ شاخن مان مڇي نه ناڻو نڪرندو هو، پوءِ هنن جا ڀاڳ ڀلا ٿي پوندا هُئا. هي پنهنجي حال مان ايترا ته خوش ھوندا هُئا جو سندن ڳوٺ مان سلوڪ، ميٺ محبت جي ٿڌڙي هير گُلندي پئي هُئي. سُکَ ته هونئن به مٿانئن سانوڻ جي مينهن جيان وسندا هُئا. پر جڏهن کان پاڻي جي اڻاٺ ٿي، ته ڏکن ڄڻ هنن جي سُکن جا گس سراپڻ شروع ڪيا. بُک ۾ کين ڪلفتون ورائڻ لڳيون. ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا، نه ته اڳ چيڪي مٽيءَ سان راڳيل سندن ڪُشادا ۽ اُجرا ٿلا رات جي وقت دير تائين مُڙسن مان ڀريا پيا هوندا هُئا. ڀوڳ، چرچا، خبرون چارون ڪندي ويهائو تاري جيان رات ويهائيندا هُئا. غريب هُئڻ باوجود به اهڙي سلوڪ سبب هنن ڪڏهن به پاڻ کي ننڌڻڪو نه سمجھيو هو. ڪڏھن ڪنھن سان ڪو مسئلو ٿيندو ھو، ته آڌي ساڌي رات سات مِڙي مُٺ ٿي ويندا هُئا. پوءِ جيئن جيئن مٿن مُصيبتون وريون، تيئن تيئن ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. وسندل ٿلن تي اچي سُڃ واسو ڪيو. هرڪو پنهنجن جي حال کان بي خبر رهڻ لڳو. ڪنهن کي ڪنهن جي ڪل نه رهي، ڪو مري يا ڪو بچي.........! رهيل ڪسرون ننڍي ڇات ڪڍي ڇڏيون، ڳالهه ڳالهه تي مُنهن اٽڪاءُ. صدين کان قائم ڳوٺ جو ڪلفتن نقشو ئي بدلائي ڇڏيو، هڪ ڳوٺ مان ڦري ٿيا چار ڳوٺ. چئني چڱن مڙسن روڊ تي پنهنجي نالي ڳوٺ جو بورڊ لڳائي واٽ ئي نئين ٺاهي ڇڏي. سڄي ڳوٺ ۾ ھڪڙو سارنگ ئي سلجھيل ھو، جيڪو پنھنجي شوق سبب ڪجهه پڙھي اڳتي نڪتو ھو. شھر ۾ سندس علمي ادبي دوست به ھئا، سندن صحبت سبب ھو شعور رکندو ھو. ڳوٺ جون موجوده حالتون ڏسي سندس من ٻرڻ لڳو، نيٺ ھو ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن سڀني کي منٿ ميڙ ڪئي، هڪ دفعو سڀني ڳوٺاڻن کي هڪ جڳهه تي ويهاري کين سمجھائڻ لڳو.
‘‘اسانجي ڇڙوڇڙ رهڻ جو فائدو موقعي پرست ماڻھن کي ملي رھيو آھي. توهان سڀ گڏجو، اسان سڀن جو گڏجڻ اسان جي وجود ۽ بقا جو ضامن آهي. جڏهن ماڻهو اندران ڪمزور ٿي ويندو آهي ته ٻاهريون طاقتون ان تي آسانيءَ سان حملو ڪنديون آهن. اسان مُسلسل استعمال ٿي رهيا آهيون.’’
عارب کي هُن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. هو ضدي ڳاٺاڻو هو، سندس قول هوندو هو ته
‘‘مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو.’’
تنهن طنزيه لهجي ۾ وراڻيو
‘‘ڇورا ! چار درجا ڇا پڙهي پيو آهين، ھليو آھين ڪيا بولتا ڪرڻ....... مونکي تنهنجون اهي ڪمزوريون ٻمزوريون نٿيون سمجهه ۾ اچن. اهي حڪيمن وارا ڏس وڃي ڪنهن مريض کي ڏي.’’
سارنگ هنن جو مرض سمجھي ورتو ھو، تنھن سندن دارون دوا ڪرڻ پئي گھري. پر هو ته اُبتو مٿس ڏمرجي سينا تاڻي هليا ويا. هي سندن حال تي بيوسي جو ماتم ڪرڻ لڳو، پنهنجي ڳوٺ جو بگڙيل چهرو ڏسي پنهنجن جي حال تي پشيمان ٿيڻ لڳو. هن نٿي چاهيو، ته سندن پنهنجا اڃا به وڌيڪ استعمال ٿي نفرت جي پاتال ڀيڙا ٿين. هڪ ته اڳ ئي سندن ڳوٺ مان تپندڙ روين جا اُلا اُٿي رهيا هُئا. مٿان آئي اليڪشن، تنهن سياسي لحاظ سان به ڳوٺ کي ٻن ڌڙن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. عارب وارا وڏيري دودل جي حمايت ڪري رھيا ھئا، جڏهن ته حيات ۽ باقي ڳوٺاڻا وڏيري مُراد خان سان گڏ هُئا. حيات جي ڀيٽ ۾ عارب وارن سان گھٽ ماڻھو گڏ هُئا، پر ضد ۽ انا ۾ هنن کان چڙھيل هُئا. اڃا به مُعاملو تڏهن خراب ٿيو، جڏهن عارب وارن دودل خان جي پارٽي جا جھنڊا حيات جي زمين ۾ بيٺل وڻن ۾ لڳائي ڇڏيا. مُراد خان جي ڀڇ تي جڏهن حيات جن جھنڊا لاٿا، ته عارب وارا لٺين ۽ ڪُهاڙين سان پُڄي ويا هُئا. پوءِ مُڙسن ۾ مارو ٿي ويو. ڳوٺ ۾ عورتن ۽ ٻارن جون ريهون ۽ راڙ ٻُري اُٿيا هُئا. نيٺ پوليس آئي، هڪڙا ويا جيل ۾ ٻيا ويا اسپتال ۾. جيل وارن کي پوليس ڪافي هٿ جو پاڻي ڏنو، ٻئي ڏينهن کين وڏيرن ڇڏائي ورتو. هاڻي جڏهن ڪاٺ ڪمائي نڪتا ته مُڙسن جو جوش اڃا به سوايو ٿي ويو. نچندي ٽُپندي نعرا هڻندي پٽ کيڙي رهيا هُئا. بس رُڳو جيئي دودل خان...... جيئي مُراد خان. باقي برادري ۾ ته جيئري مُئي جا ڌنگ اچي ويا هُئا، سارنگ ويچارو بيوسيءَ جا لُڙڪ وهائيندو رهيو. سندن ڳوٺ ۾ جيڪي سياست ۽ بُک ڏار وڌا هُئا، سي هي ڏسي گھٻرائيندو رهيو. منجھن باقي جيڪي پنھنجائپ ڪڻا بچيا هُئا، سي به هن ڏچي کانپوءِ پورا ٿي ويا. هاڻي سارنگ سوچيو ته هن تماشي کي ڏسڻ کان ڀلو آهي، ته هو ڪنهن ٻي پار هليو وڃي. پر سندس دل ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار نه هُئي. هن جي دل ۾ اها اُميد به پيدا ٿي رهي هُئي، ته هو هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي ماڳ تان رُسي ويل سلوڪ کي پرچائي واپس وٺي ايندو. ٻيهر ڀائپي جي فتح جا جمالا گونجندا، هي اهڙي اُميد سان حيات وٽ ويو ۽ کيس منٿ ڪيائين
‘‘چاچا آئون مڃان ٿو ته زماني جي لاهن ۽ چاڙهن جا تجربا اوهان جا منهنجي عمر کان به وڌيڪ آهن. پر اڄ جيڪا منافقيءَ جي هوا گھُلي آهي، تنھن توھان سڀني مان سڃاڻپ ختم ڪري ڇڏي آھي. توھانجون اکيون ٻوٽجي ويون آھن، خدارا اکيون کوليو.’’
حيات کي هن جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، هونئن به حيات سوڀر قسم جو ماڻهو هو. تنهن وراڻيو
‘‘ پُٽ آءٌ توکي سمجھان ٿو، اسان کي پنهنجي رت کان وڌيڪ ٻيو ڪير به ناهي. جيڪڏهن عارب وارا هوڏ تان لهن ته اسان جا هو ڀائر آهن. اسان کي ڪابه ويڙھ جي ريس ناھي، اڳيون پويون سڀ وساري ڇڏينداسين. پر شرط اھو آھي ته ھو به مڃين.’’
حيات جي موٽ تي سارنگ پُر اعتماد ٿي ويو. سندس نيڻ تارن جيان چمڪي پيا. وري اهڙي ئي آس کڻي عارب وٽ آيو، ھن کي ڏسندي عارب وراڻيو.
‘‘حڪيم، اڄ وري ڪو نئون ٽوٽڪو کڻي آيو آهين ڇا؟ ٻيلي ڪامريڊ خُدا جو اٿئي واسطو جان ڇڏ.’’
هن کي عارب جي لهجي مان طنز محسوس ٿي، هٿ ٻڌي عاجزي مان چيائين : ‘‘چاچا عارب، خُدا کي مڃو دلين ۾ نفرتون نه پاليو. اسان جا وڏا صدين کان هتي ڪٺا رهي گُذاري ويا، ڪڏهن به هنن جي سلوڪ ۾ ڪنهن به لوڪ جي طوفان ڏار نه وڌا. هاڻي به سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي سگھي ٿو، بس اوهان رُڳو ضد تان لهو. اسان جو جيئڻ مرڻ گڏ آهي. اسان ڇو پاڻ ۾ وڙهون؟ آءٌ چاچا حيات سان به مليو آهيان، هو به صلح چاهي ٿو.’’
عارب حيات جو نالو ٻُڌندي ئي تپي رک ٿي ويو. پنھنجي مزاج جو سمورو زهر لهجي ۾ سموئي وراڻيائين.
‘‘اڙي چُپ ڪر حيات جا چمچا، کڻي هليو آهي پڻس جي وڪالت! حيات کي وڃي چئو ته جنگ اڃا هاڻي شروع ٿي آهي. مُڙسئي جا ڪي منجھس ڌاڻا باقي هُجن ته مقابلو ڪري. ھا اھو به چئجانس پير سنڀالي کڻي، بس رڳو دودل خان چونڊ کٽي وٺي. پوءِ ته...!’’
سارنگ جي چهري جو رنگ بدلجي ويو، عارب جي ٽهڪندڙ لهجي هن جي معصوم چهري جو پاڻي وٺي ڇڏيو. ھن جذباتي ٿيندي وراڻيو
‘‘ هميشه ڀولڙن جيان وڏيرن جي ڍولڪي تي ٽاپيون پيا هڻجو، ۽ هو ھميشه مداري بنجي اوهان کي نچائيندا رهندا. رهجو سدائين انهن افعالن ۾......!’’
عارب مڇرجي پيو، کٽ تان اُٿي ڳوٺاڻن کي ھُشي ڏيندي چيائين
‘‘اڙي! اسين ٿياسين ڀولڙا ۽ هي مڙس.. ڇورا ڪيڏانهن ويا، وٺوس، اھڙا پادر ھڻوس جو.’’
پوءِ سارنگ لٺيون برداشت ڪيون هُيون، تنهن بعد پاڻي مٿي کان چڙهيل ڏسي چُپ ڪري ويهي رهيو هو. عارب جي مٿي مان گرمائش تڏهن نڪتي، جڏهن دودل اليڪشن هارائي ويو. هنن فقط عزازت ۾ ڏار ئي وڌا، هونئن ته اڃا واٽ تان ايندي ويندي اليڪ سليڪ ڪندا هُئا. پر هاڻي ته هڪ ٻئي جي شڪل به ڏٺي ڪانه وڻندي هُين. جڏهن به هڪ ٻئي جي سامهان ايندا هُئا، ته منهن ڦيرائي هليا ويندا هُئا. ڪُلفتن سبب منجھائن احساس جو پاڻي نڪري ويو هو. دلين ۾ ديوارون اچي ويون هُين. اڄ جڏهن عارب ڪوڏر ڪلهي تي رکي پگھر اُگھندي زمين کان ڳوٺ جي ويجھو پهتو، ته پويان گاڏي جي اچڻ جو آواز ٻڌائين. رستو ڇڏي پُٺ ڏانهن مُڙي ڏٺائين، ته وڏيري دودل خان جي پيجارو لَٽ اُڏائيندي مُراد خان جي فارم هائوس ڏانهن هلي وئي. دل ۾ هڪ خوف پيدا ٿيڻ لڳس، ڇاڪاڻ دودل خان تازو مُراد خان کان چونڊ ۾ شڪست کاڌي هُئي. . سوچيائين ڪٿي دودل ڪو قدم کڻي، ڪافي گُمان سندس دل ۾ پيدا ٿيڻ لڳا. جھڙپ ڏئي گھر آيو، ۽ ماڻهن کي هُشي ڏنائين ته
‘‘سگھو لٺيون، ڪُهاڙيون، هٿيار کڻو، ۽ هلو مُراد ڏانهن...ان جيڏا ٿيون ٿا. دودل اڪيلو ويو آهي اوڏانهن....... کيس ان مُصيبت جي گھڙيءَ ۾ آءٌ اڪيلو نٿو ڇڏي سگهان.’’
ڪن ڪُهاڙا کنيا، ڪن لٺيون ۽ ڪن هٿيار. گاڏي مُڙسن مان ڀرجي وئي، هنن جي جڏهن اهڙي ڪاوڙ سارنگ ڏٺي ته هو به ٽپ ڏئي گاڏي ۾ چڙهيو. کين سمجھائڻ لڳو
‘‘اڙي چاچا عارب! ٻار نه ٿي. ڪا سُڌ ڪر. اليڪشن هُئي ختم ٿي وئي...... ڇو ٿو ماڻهو مارائين، ڪٿي هو باز ۽ ڪٿي توهان جھرڪيون........’’
عارب ڪاوڙ مان وراڻيو
‘‘هاڻي گھڻي بڪ ڪري منهنجو ميٽر نه گھمائي، ھڪڙي گوليءَ جو خرچ آھين.’’
سارنگ سينو تاڻي وراڻيو
‘‘ها هڻ مونکي گولي، گھٽ ۾ گھٽ وڌيڪ تماشو ته نه ڏسي سگھندس. اڙي هو وڏيرا وڏيرن جا يار.....اوهان ڇو ٿا ڪاراٺ کڻو.؟’’
هن سارنگ کي ٻُڌي اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيو. جڏهن مُراد خان جي فارم هائوس تي پهتا ته اُتي جشن جو سماءُ لڳو پيو هو. ماڻهو مُراد خان کي مُبارڪون ڏئي اجرڪون اوڍائي رهيا هُئا، دودل به سندس ڀر ۾ ويٺل ھو، ھو ٽنگون ٽنگن تي چاڙهي رکي رکي مراد خان سان ڳالهائي ٽهڪ ڏئي رھيو ھو. سڳا ڀائر لڳي رهيا هُئا. عارب جيئن اهو لقاءُ ڏٺو ته ھن سندس ماڻهن کي گاڏي ۾ ئي رهڻ جو چيو. پاڻ ڪجهه اڳتي آيو، سارنگ سندس ڪڍ هو. هُن جي نظر ڪمدار تي پئي، ته وڌي وڃي وٽائنس پُڇيائين
‘‘ڪمدار هي ڪهڙو لقاءُ پيو ڏسان.!؟’’
ڪمدار حيرت منجھان پُڇيس
‘‘لقاءُ! ڇا مطلب، ڇا جو لقاءُ؟’’
ڪمدار مُڪمل اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪئي، عارب ڪجهه ڳالهه تان پردو کنيو.
‘‘وڏيرو دودل خان، وري مُراد خان جي ڀر ۾...اڃا ڪالهه ته.’’
ڪمدار حيرت مان وراڻيو
‘‘ته ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اڌ مغزي، اهو ته…’‘ عارب سندس ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
‘‘حيرت جي ڳالهه بروبر ڪونهي ڪمدار، پر هي ته هڪٻئي جا دشمن..... ۽.........۽ .......!!.’’
عارب چوندي چوندي رُڪجي ويو، ڪمدار پُڇيس
‘‘توکي ڪنهن چيو ته هي دشمن آهن؟’’
عارب سڄي ڳالهه کولي ٻُڌائي
‘‘ڪمدار، اڃا ته ڪالهه اليڪشن ۾ هڪ ٻئي تي الزام ھڻندي نه پئي ٿڪا.... ھڪ ٻي جا عيب ڳڻائڻ ۾ به بس نه پئي ڪيائون.’’
ڪمدار کي عارب جي ڳالهه تي ٽهڪ ڇڏائي ويو، ٺڙڪ وراڻيائين
‘‘ھا ھا ....اڙي بيوقوف هاڻي آءٌ توکي ڇا چوان....... ھا ھا ھا ھا !؟
سياست جي خبر هُجي ها توکي، ته اهو سوال ئي نه ڪرين ها.’’
عارب حيرت ۾ پئجي ويو .
‘‘سياست........!؟’’
ڪمدار کيس سمجھايو .
‘‘ها بابا سياست ۾ سڀ جائز آهي. هي وڏيرا راڄن ڀاڳن جا ڌڻي، سو ٿوري سياستڙي جي ڪري پنهنجا واسطا خراب ڪندا.’’
عارب ڄڻ ڀت ٿي ويو، ڪمدار هليو ويو. هن سارنگ سان اکيون ملائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو
‘‘پُٽ! تون صحيح هُئين، هنن وڏيرن جا ته واسطا اسان جي رت جي رشتن کان به وڌيڪ سگھارا آهن. اسان جي ته رشتن ۾ به ڏارَ...!’’ هن پنهنجي مٿي تان پٽڪو لاهي، سارنگ جي مٿي تي رکي کيس ڀاڪُرن ۾ ڀري ڇڏيو.

***