ڪهاڻي جاتيءَ جو ويجهو مِٽ ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم
هُن جون ڪهاڻيون جيڪي سامونڊي هوائن واري گِهم کڻي چوماسا بڻجي رهيون آهن، تن کي جيڪڏهن ڪو گهٽ يا گهيڙ ملي ويو ته ضرور پنهنجي کيتر ۾ ملهائبيون.
لاڙ جي پاڇاٽي پاسي واري شهر جاتي جو رهواسي عبدالسلام پنهنجي سيبتي ڪَلا ۾ ساحلي رنگ رکندو اچي. سندس موضوع ۽ اُڻٽ جيتوڻيڪ اڃان پاڇاهي (بادشاهي) کي نه رسيا آهن پوءِ به هو ڄاپي ڄاڻڻ واري ايڪسرسائيز ۾ سُئي جي پاکڙي مان پنهنجي ڏات جو اُٺ اُڪارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. ڪيٽي بندر، شاهه بندر ۽ شاهه يقيق جي اوڀرائين ڪڙ وارين هوائن ۾ عبدالسلام پنهنجي ڪهاڻين کي جنهن رنگ سان ڏسي ۽ لِکي پيو، سو نج ۽ نئون آهي، جنهن سان پنهنجون روايتون به ڳنڍيل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ سادگيءَ جا ڪيئي رنگ آهن جيڪي لاڙ جي رواج جيان سِٽن ۽ جملن ۾ جڙيا پيا آهن. هو جنهن نِهار ۽ اک سان نِهاري ٿو سان هڪ حساس ماڻهوءَ جي نگاهه آهي جنهن ۾ ڪيئي آدرش به سمايل آهن، هڪٻئي پُٺيان لکيل سندس ڪهاڻيون اُنهي ساڳئي آدرشي هٻڪار سان ڀريل آهن.
لاڙ جو ٺٽي سجاول کان ويندي کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر، شاهه بندر ۽ جاتي وارو سمورو تر، سنڌوءَ جي ڇاڙن جيان سونهن سان سَٿيو پيو آهي جنهن ۾ ڀانت ڀانت جون ڀاونائون به آهن. اُهي ڀاونائون هتان جي سماج جي رهڻي ڪهڻي کان ويندي تهذيب جي توازن کي هڪ تسلسل ۾ جوڙيو اچن جنهن کانپوءِ ئي هڪ شاندار ڪلچر جُڙندي نظر اچي ٿو. عبدالسلام جيڪو اُنهي سموري منڊل ۽ ماحول ۾ وڌي ٻوٽو ٿيو آهي تنهن کي هڪ ڏينهن وڌي وڻ به ضرور ٿيڻو آهي، کوڙ سارين شاخن ۽ پتن وارو وڻ، پنهنجي ڀرپور سايي وارو وڻ جنهن جي اولڙي ۾ ڪهاڻيءَ جا سچا پچا احساس ۽ آڌيڪار لهڻا آهن. کيس آس پاس جي اُن اُساٽ کي به ساڳئي ترنگ سان پنهنجي سايي دار سرحد جي دائرن سان به همڪنار ڪرڻو آهي جيڪي سندس ڪلا ۾ ڪٿي لِڪيل آهن پر اُن لاءِ کيس تمام گهري مُشاهدي سان گڏوگڏ تمام گهڻي مطالعي جي به ضرورت پوندي ۽ هاڻوڪي دؤر واري اشتهار بازي واري شوشي کان پاسو ڪرڻو پوندو اهو سڀڪجهه ان لاءِ چوڻو ٿو پويم ته اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا جي دؤر ۾ هڪ وڏو الميو اهو به آهي ته اسان جا گهڻي قدر لکندڙ سوشل ميڊيا کي مڃتا جو پليٽ فارم سمجهي رهيا آهن، اهو ايئن آهي جيئن ماضيءَ ۾ ڊائجسٽ ڪلچرل هو. اڳ ۾ جيئن، ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اسان کان سُٺا لکندڙ کَسي گم ڪري ڇڏيا ائين هاڻي سوشل ميڊيا به تخليقي ماڻهو ڳڙڪائي رهي آهي، مان ڪنهن جو نالو نٿو کڻان پر مون کوڙ سُٺا تخليقي لکندڙ سوشل ميڊيا تي فضوليت ۾ غرق ڏٺا آهن، مختصر ڪهاڻي، ننڍي ڪهاڻي، يا وري ڪنهن ٽوٽڪي لکي اُڇلائڻ کي ئي سڀڪجهه سمجهن ٿا ۽ بدلي ۾ تماشائين جا ڪجهه ڪمينٽ پڙهي خوش ٿين ٿا ۽ بس اُهائي پنهنجي مڃتا سمجهن ٿا. پر مڃتا جو سفر تمام ڏکيو ۽ طويل آهي، اُن کي ڪڏهن به شارٽ ڪٽ يا سستي شهرت جي ضرورت نه پوندي آهي، اُن کي منزل وقت سان ملندي آهي ۽ اُها عارضي ناهي هوندي.
ڪهاڻي جنهن کي دريافت ڪرڻ بنهه ڏکيو آهي، ڇو جو منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ڪهاڻي کي ڪنهن اينگل، ٽرينگل يا ٽياڪڙي ۾ ڦاسائي نٿو سگهجي، نه وري ڪهاڻيءَ کي ڪنهن ٽرمنالاجيءَ ۾ ٻُڌائي بيان ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي هڪ “يم” ويم مثل آهي. هڪ جنم آهي. جنهن جا سور ۽ خوشيون بنهه فطري آهن. اُهي سمورا سور يا خوشيون ڪنهن به ماپي ۾ توري نٿيون سگهجن نه وري ڪنهن معيار مقدار ۾ مڙهي سگهجن ٿيون.
ڪهاڻي جيڪا هڪ ڊليوري (يم) جي بنهه سادي صورت آهي، سا بلڪل جيوگهرڙي جيان پيچيدا هُجڻ سان گڏ بنهه هلڪڙي ۽ ننڍڙي آهي. باوجود اُن جي فڪشن يا ادب جي عمارت، باڊي يا جسم اُن معمولي شيءِ جي، بي معنيٰ ۽ خالي آهي.
بگ بينگ (Big Bang) کان ويندي ڪائنات جو جُڙڻ ۽ ڌرتيءَ جو وجود ۾ اچڻ ۽ زندگيءَ جي ارتقا، هر ڪهاڻيءَ جو بنيادي جُز آهي. جنهن کي سمجهڻ دريافت ڪرڻ ۽ سياحي (مَس) واري ناڙيءَ ۾ اوتي ڇَٽڻ يا هاري ڇڏڻ ئي ڪهاڻي آهي. ها پر اوتي ڇٽڻ يا هاري ڇڏڻ وارو ڍنگ آرٽ آهي هُنر آهي. اُهو هُنر يا آرٽ ڪهڙي به صورت ۾ هُجي فطرت سان هم آهنگ ضرور هوندو آهي، نئين ۽ جديد دنيا جي جديد علمن ۾ آرٽ جون کڻي ڪهڙيون به معنائون هُجن ۽ آرٽسٽ جو ڀل ڪهڙيون به تشريحون ٿيل هُجن پر منهنجي نظر ۾ آرٽسٽ فطرت جو هڪ عڪس آهي، جيڪو پنهنجي رنگن ۽ احساسن سان اُڀري ٿو ۽ نکري ٿو.
وڻ تي ويهي چيهاٽ ڪندڙ چيهو به هڪ آرٽسٽ آهي ۽ سندس چيهاٽ سادو ۽ سهڻو آرٽ آهن، جيڪي حواسن تي سُريلا احساس ۽ سهڻيون تصويرون گهڙين ٿا.
ائين ئي ٻنڌڻن ۾ سُتل ٻار به هڪ آرٽسٽ آهي، جيڪو ننڊ ۾ هڪ مٺڙي مُرڪ مُرڪي ٿو، جيڪا مصنوعيت کان پاڪ ۽ فطرت سان هم آهنگ آهي. مطلب ته آرٽ هڪ فطري رنگ ئي آهي جيڪو آرٽسٽ جي ادا يا پيشڪش (Presentation) جي سادگي سان ظاهر ٿيئي ٿو.
عبدالسلام جي ڪهاڻين ۾ ڪيئي فطري رنگ آهن، هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ فطرت سان هم آهنگ ٿي به هلي ٿو، هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ روايتن سان گڏ نواڻ به جوڙيو اچي، پر ڪٿي ڪٿي هو مصنوعيت جي گهٽيءَ مان به گذر ڪريو وڃي، جنهن کان بهرحال پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو جو جيڪڏهن اهڙيون شيون ڪلا يا لکڻين ۾ ڇاپ بڻجي ويون ته پوءِ آرٽ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندو. عبدالسلام پنهنجي ڪهاڻين جي جنهن سادگي سان شروعات ڪري ٿو سا پنهنجي ڍنگ ۾ سندس انفراديت کي ظاهر ڪري ٿي جيتوڻيڪ هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪنهن ٻهراڙي جي ماڻهوءَ وانگي گُم به ٿي وڃي ٿو جيڪا فطري ڳالهه آهي پر ڪٿي ڪٿي ڄاڻي واڻي راهه وڃائي ويهڻ يا ڀٽڪي وڃڻ صفا سمجهه ۾ نٿو اچي، الائي ڇو هو ڪهاڻيءَ جي سادگيءَ ۾ چالاڪي جو اجايو فِليور ملائڻ جي ڪوشش ۾ ڪهاڻيءَ جو ذائقو ڦٽايو وڃايو ڇڏي ۽ پوءِ ڪهاڻي ڪهاڻيءَ جي دائري مان نڪري ڪنهن ڊرامي جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿي.
ڪهاڻي پنهنجي ٿيم جي بڻاوت جوڙجڪ يا ايئن کڻي چئجي ته پلاٽ پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي، ڪهاڻي جيڪا هر تخليقڪار جي تصور ۾ ڏينهَن جا ڏينهن، مهينن جا مهينا پچندي رهندي آهي سا پنهنجا گهاڙيٽا يا مرچ مصالا به پاڻ سان کڻي ايندي آهي تنهن کي اجايا رندا هڻڻ نه گهرجن نه وري منجهس بازاري مصالا ملائڻ گهرجن.
وري به شروعاتي ڳالهه ڏانهن موٽندي ته عبدالسلام ڪهاڻي جاتيءَ جو ويجهڙو مِٽ لڳڻ ڪري گهڻو اڳتي نڪري سگهي ٿو ۽ سندس ڪهاڻيون ايندڙ کيتر يا ٽهي ۾ سرواڻيءَ واري واڳ به سنڀالي سگهن ٿيون جنهن لاءِ نيڪ نيتيءَ سان کيس دعائون ڏيڻ سان گڏ اُتساهجي ٿو.
ضراب حيدر
حيدرآباد
16 نومبر 2017