ڀونڊو
ڪلاس ۾ پروفيسر جميل ساگر پنهنجي ليڪچر کانپوءِ خواهشن تي ڳالهائيندي اها راءِ ڏني. سڀني جي واتان واھ واھ نڪري وئي، پر آءٌ انهيءَ سان سهمت ڪونه ٿيس. اهو ضروري ته ڪونهي ته ماڻهو خواهشن جي ڪڍ پوي، اهو خيال پروفيسر ساگر جو ذاتي ته ٿي سگھي ٿو، پر ھر ڪنھن جو نٿو ٿي سگھي.
ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن آءٌ ڳوٺ واپس آيو هوس، ته مون سان به عجيب اتفاق ٿيڻ لڳو هو، عيد جون موڪلون هُيون. عيد جي ڏينھن شام جي وقت چاچا عارب جي گھر ويو هُيس، هن جو گھر اسانجي گھر کان ٿورو پرڀرو آهي.
سندس ٻني ٻارو بابا کان جدا آهي. ڏاڏا جي حال حيات ۾ ئي هو ملڪيتون ورهائي الڳ ٿي ويا هُئا.
چاچا عارب جي گھر ۾ منهنجي نظر اوچتو سندس ڌيءَ صدوري تي پئي هُئي. صدوريءَ ۾ مون سندس شادي کان پهرين اهڙي ڇڪ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هُئي. هن کي ڏسڻ سان ئي منهنجو انگ انگ ڀڙڪي اُٿيو هو. لڱن مان ڪانڊار اندر رهڙي ٻاهر نڪتي هُئي، اڳ ڪڏهن به مون تي ايئن جبلتن جا بند ڪونه ٽُٽا هُئا. جھڙي طرح هاڻي بيچينيءَ ۾ منهنجو من ويچارو ويچارو ٿي پيو هو.
هوءَ ٽن ٻارن جي ماءُ هُئي. سند وَر جوان جماڻ هو. هو به ساڻن گڏ گھر ناٺي ٿي رهندو هو. پوءِ به آءٌ حوس جي هٿان مات کائي هن جي طرف پاڻ کي ڇڪي ورتو هوس. اُن وقت مون تي پروفيسر جميل ساگر جون ڳالهيون اثر انداز ٿيڻ لڳيون هُيون، مون ۾ اخلاقي قدرن جي بلڪل اُبتڙ ھڪ خواهشن جاڳي پئي ھئي. جنهن جي پورائي لاءِ مون مان رشتن جو تقدس قائم رکڻ وارو پاڻي سُڪڻ لڳو هو.
اڄڪلهه مون به چاچا جن جي گھر اچڻ وڃڻ تي گھڻو زور ڏنو هو. هوءَ جڏهن به پنهنجين ڪجلين ڪارين اکين سان مون ڏانھن ڏسندي هُئي ته پوءِ آءٌ هوش مان نڪري ويندو هوس. من چوندو هو ته آئون باز جيان هُن جھرڪي کي جھٽي وٺان. ھن جي قربت حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف بھانا ڳولڻ لڳس. خانگي ڏسن ۽ ٽوٽڪن ۾ هونئن به ٻهراڙيءَ جون عورتون ڀڙ هونديون آهن. آءٌ به هن کي ويجھو ٿيڻ لاءِ مختلف ترڪ تال ڪرڻ لڳو ھوس.
‘‘صدوري اک ۾ ڪٽر پيو آهي ڪڍي ڇڏ.’’
يا وري
‘‘صدوري پيٽ ۾ سور پيو ٿئي، پيٽ تي هٿ ھڻي ڇڏ.’’
مطلب ته اهڙيون حرڪتون پيو ڪندو هوس. ته جيئن هوءَ مون کي ڇُهي سگھي، ۽ آئون کيس پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب وڃان.
چاچا جي گھر گھڻو اچڻ وڃڻ تي امان کي شڪ وٺي ويو ھو. تنھن چيو
‘‘پٽ خادم! اڄڪلهه چاچين عارب جي گھر مان نڪرين ئي نٿو. خير ته آهي پُٽ؟”
امان جي ڳالهه تي مونکي چڙ آئي
‘‘ڇو امان، ان ۾ ڪو هرج آهي ڇا...چاچا جو ته گھر آهي. تنهنجو مطلب نه وڃان ڇا؟”
مونکي جذباتي ٿيندو ڏسي امان مرڪي پئي، چالاڪي سان وراڻيائين
‘‘نه پُٽ، اھڙي ڪا ڳالهه ناھي. ڪنوارين نياڻين وارو گھر آهي. تنھنڪري اتي اکيون سنڀالي ويندو ڪر.’’
مون کي پڪ ٿي وئي، ته امان کي شايد ذهن ۾ اهو آهي ته آئون چاچا عارب جي ڪنوارين ڇوڪرين مان ڪنهن جي ڪڍ آهيان. هن کي يقين ڏيارڻ لاءِ چيم
‘‘ امان اهڙي ڪابه ڳالهه ناھي، چاچا جون ڪنواريون ڌيئون مون کي ڀيڻن جيان آهن. آئون ته خالي صدوريءَ جا ٻار کيڏائڻ ويندو آهيان، هو مون سان ٺهي ويا آهن. تون ئي ته چوندي آهين، ته ٻار قُرب جا مِٽ هوندا آهن.’’
‘‘صدوريءَ جا ٻار! هوندو ابا....!’’
امان چپ ڀيڪوڙي هلي وئي، شايد منهنجي ڳالهه تي هُن ويساھ نه ڪيو. پر مون سندس ڳالهه جو ڪو خاص اثر نه ورتو. منهنجو ته صبح سانجھيءَ هنن جي گھر چڪر ٻڌو پيو هو.
جڏهن هنن جي گھر ويندو هوس ته سڀني کي اکين ۾ جھلي صدوريءَ جي ويجھو ويجھو ٿيڻ جي پوري ڪوشش پيو ڪندو هوس. جڏهن هوءَ پنهنجي ننڍڙي کي ٿڃ ڏيندي هُئي، ته پوءِ آئون هن جو پاسو ئي ڪونه ڇڏيندو هوس. ٻار جي بهاني هن سان پيو کينچل ڪندو هوس.
منهنجي اندر ۾ هڪ اهڙو احساس جاڳي پيو هو، جنهن جي اظهارڻ لاءِ منهنجي زبان منهنجو ساٿ نه پئي ڏنو. جڏهن به دل تي وڏو پٿر رکي هن کي ڪجهه چوڻ چاهيندو هوس، ته لفظ زبان ۾ اٽڪي پوندا هُئا. آئون ٻئي موضوع جو سهارو وٺي چالاڪي سان ڳالهه بدلائي وٺندو هوس.
اڄ جڏھن ھن جي ننڍڙي کي گھمائي واپس سندن گھر ڇڏڻ آيس، ته ڏٺم صدوري نم جي گھاٽي وڻ هيٺان چولي تي ٽڪون ٽانڪي رهي هُئي. باقي گھر ڀاتي نظر نه پئي آيا، هن کي اڪيلو ڏسي ڄڻ مان شينهن ٿي پيو ھوس. مون اڳيان وڌي وڃي کيس ننڍڙو ڏنو، جيئن هن ٻانهون وڌائي منھنجي ھٿن مان ننڍڙو ورتو ته منھنجا ھٿ ھن جي ڇاتي تي لڳي ويا. پھريان ته مونکي تمام گھڻو خوف ٿيو، پر پوءِ محسوس ڪيم ته هن تي ان عمل جو ڪو به اثر نه ٿيو ھو. ڄڻ لاشعوري ۾ اهو ٿيو هُجي، پر منھنجي پياسي روح کي ڄڻ سڪون ملي پيو ھو. ھن چيو
‘‘ سئوٽ ويهه.’’
آئون سندس سامهون پيل ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. من ۾ خيال آيو ته هن جھڙو شايد ٻيو موقعو نه ملي، تنهنڪري ڪوشش ڪري ھن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪريان. پڇيومانس
‘‘ صدوري تنهنجو گھر وارو ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ؟”
هن وراڻيو
‘‘ توکي وريام جي خبر ناهي ڇا سوٽ؟”
مون حيرت مان انڪار ڪندي پڇيو
‘‘نه نه، ڇا ٿيو هن کي!؟”
صدوريءَ وراڻيو
‘‘نه، هن کي ته ڪجهه به ناهي ٿيو. بس ڪمائڻ لاءِ عربن جي مُلڪ ِ ويو آهي.’’
مون وراڻيو
‘‘ اڇا......اڇا ته سعودي ۾ ڌنڌو ڪرڻ ويو آهي’’
ھن ڪنڌ لوڏي ھاڪار ڪئي، مون وراڻيو
‘‘صدوري جيڪڏھن دل ۾ نه ڪرين ته هڪڙي ڳالهه چوانءِ؟”
صدوري چيو
‘‘ھا سئوٽ ٻُڌاءِ. ’’
‘‘تون سدا ملوڪ آهين، تنهن ڪري توکي به تو جھڙو شهزادو ملڻ کپي ها. ڪو پڙهيل لکيل.’’
صدوريءَ وراڻيو
‘‘بس سئوٽ لکيي جو ليک! لکيو ائين ھو، وريام به صحيح آهي مون لاءِ.’’
‘‘مون ڳالهه اڳيان وڌائي
‘‘ صدوري آءٌ توکي ڪيئن ٿو لڳان...؟’’
هوءِ شرمائي وئي، مون چيس ؛
‘‘ اڙي چري ڪنڌ ته مٿي کڻ’’
هن چيو
‘‘سُٺو آهين، اخلاق وارو آهين سئوٽ.’’
رکي رکي چيو مانس
‘‘ صدوري هڪ ڳالهه چوان، جي تون.’’
هن پڇيو
‘‘ جي جي، چئو سئوٽ ڪهڙي ڳالهه.؟”
هن ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ دلچسپي ڏيکاري، مون سڀ وهم وساري چيو ‘‘صدوري ڳالهه اها آھي ته........آءُ چاھيان ٿو ته ته’’
اهي لفظ اُچارڻ سان ئي منهنجي دل جي دڙڪو وڌي ويو. اندر ۾ باھ ٻري اُٿي، چوڻ جو حوصلو باقي نه رهيو. منهنجي مُنهن تي شايد هُن ڳڻتيءَ جون لڪيرون ڏسي ورتيون. سنجيدگيءَ سان وراڻيائين ‘‘سئوٽ، تنھنجو منھن ڇو ائين ٿي ويو آھي. اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي چئو نه.....چُپ ڇو آهين.؟”
مون هڪ ڀيرو ٻيھر ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زُبان مان اُف به نه نڪتو. ٿوري دير پهريان جيڪو شينهن ٿي هن جي آڏو آيو هُوس، سا منھنجي بهادري پوري ٿي وئي هُئي. جھڙپ ڏئي اُٿيس، پُٺ ڏنم ته ڏٺم چاچا عارب اسان ڏانهن اچي رهيو هو. گھٻراٽ گھٽجڻ بدران ويتر وڌي وئي هُئي. هُن وراڻيو
‘‘ سئوٽ، ڪيڏانهن.... ڳالهه ته پوري ڪر.’’
مون اڃان هن کي مُڙي جواب نه ڏنو، ته چاچا اچي مونکي ڀاڪُرَ وڌا
‘‘ خادم پُٽ ڀلي ڪري آئين.’’
مون به ڀليڪار جو جواب ڏئي وراڻيو
‘‘ڀلائي چاچا، صدوريءَ جي ننڍڙي کي گھر وٺي ويو ھُوس، تنھنکي ڇڏڻ آيو آھيان.’’
چاچا جي پُڇڻ بنا پنهنجي صفائي پيش ڪيم
‘‘ چڱو چاچا هاڻي آءٌ هلان ٿو.’’
کن پل لاءِ ته پاڻ کي چور جيان سمجھڻ لڳس.
چاچا وراڻيو
‘‘ٺيڪ آهي پُٽ، پر شام جو ياد سان اچج. پاڻ واري مُرشد ولايت شاھ جو ميلو آهي، يڪي گاڏي ڀاڙي اٿم. تون به اسان سان گڏ زيارت لاءِ ھلجان.’’
چاچا ڳالهه ته منهنجي مَن جي ڪئي ھئي، پڪائي ڪندي وراڻيم؛
‘‘ چاچا، نه مهرباني. توهان ٿي اچو، اسان لاءِ به دُعا گھرجو.... آءٌ نٿو هلي سگھان.’’
صدوري پنهنجو ننڍڙو کٽ ۾ ٻڌل رئي جي لوڏ ۾ وجھندي وراڻيو
‘‘ اهو وري ڇا... توکي هر حالت ۾ هلڻو پوندو. جيڪڏھن تون نه هلندين ته پوءِ آءٌ به ڪونه وينديس.’’
چاچا ٽھڪ ڏيندي وراڻيو
‘‘ھا ھا ھا ھا، ڏاڍو سئوٽن جو پاڻ ۾ رسِ آهي، هاڻي ته پُٽ ضرور هلڻو پوندوني.’’
منهنجي انڪاري فيصلي تي هن جي انڪار ڄڻ منهنجي من ۾ هن بابت پيدا ٿيل خواهش کي پاڻي ڏئي سائو ڪري ڇڏيو. آءٌ هنن سان گڏ ميلي تي هلڻ جو واعدو ڪري گھر موٽي آيس.
مُنهنجي ذهن ۾ ھن جو تصور گھر ڪري ويھي رھيو ھو، هن جو جملو، ‘‘جي تون نه هلندين، ته آءٌ به ڪونه وينديس.’’ هر هر ڪنن ۾ گونجي رھيو ھو.
دل ۾ اهو گُمان پڪ جي دڳ تي رُسڻ لڳو، ته شايد هُن جي من ۾ به مون جيان ڇِڪ آهي. پر عورت هُئڻ ڪري هوءَ پهل ڪرڻ بدران منهنجو اوسيئڙو ڪري پئي. سوچيندي سوچيندي شام ٿي وئي. آءٌ تيار ٿي پرفيوم لڳائي رهيو هوس، تيستائين صدوريءَ جي ڌيءَ آئي. مون کي ڏسي چيائين
‘‘چاچا چاچا هل، گاڏي بيٺي آهي. دير پئي ٿئي، امان توکي گھرائي پئي.’’
امان سوير کان منهنجي لُڇ پُڇ سمجھي ورتي هُئي. بس چئي نه پي سگھي. وڃڻ وقت چيومانس
‘‘ امان آءٌ چاچا جن سان گڏ سائين ولايت شاھ جي ميلي تي وڃان ٿو، گھر اچڻ ۾ دير ٿي سگھي ٿي.’’
امان جواب ۾ وراڻيو
‘‘ٺيڪ آهي پُٽ، سُٺي مُهاڙ ڏانهن وڃين پيو. من ۾ ڪا کوٽ هُجي ته ختم ڪري وڃجانءِ، نه ته خطا کائيندين.’’
امان جي ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري صدوريءَ جي ننڍڙيءَ سان گڏ سندس گھر ڏانهن آيس.
گھر ۾ چاچا عارب جي تڪڙ لڳي پئي ھئي. گھر جي ٻاهران به سندس آواز هڪ جھڙو ٻُڌڻ ۾ پئي آيو
‘‘ هلو ڌيئڙيون هلو....سج لهي ويندو، دير پئي ٿئي. وکاري اچو.’’
گھر اندران کيس ورندي ملي
‘‘ها بابا ها تون هلي گاڏي ۾ ويهه. اسان اچون پيون’’
آءٌ هنن جي گھر جي دروازي وٽ پھتس، ته صدوريءَ جو آواز ڪنن تي پيو
‘‘بابا اڃا هو ڪونه آيو آهي.’’
مونکي جيڪا خوشي ٿي، تنهن جي حد نه هُئي. هن کي منهنجي ايتري فڪر هُئي، جو منهنجي پر پُٺ منهنجو پُڇي رهي هُئي. من ۾ اهو تاثر اُڀري رهيو هو، ته هن ميلي کان پوءِ منهنجو ۽ صدوريءَ جو روز ميلو ٿيندو. چاچا پُڇيس
‘‘صدوري هو ڪير.....اڃا ڪير رهجي ويو آهي.؟”
صدوريءَ وراڻيو
‘‘ بابا هو ادا خادم....ڇا سمجھندو ته ڀيڻ ۽ چاچا مون کي سکڻي صلاح هنئي ھئي.’’
هن جي زُبان مان ادا ڄڻ ڀونڊو ٿي نڪتو، جنھن جو رُخ سڌو منهنجي منهن ڏانھن هو.
***