ڪُرسي
ڀيڻ چانهه تيار ڪرڻ وئي ھئي، تيستائين مون فيس بوڪ استعمال پي ڪيو. ايتري ۾ ياسر اسڪول مان موٽيو، بيگ رکي سڌو مون وٽ آيو. سنجيدگيءَ مان چيائين
‘‘ماما ماما ڪرسيون ڳالھائينديون آھن!’’
آءٌ سوچ ۾ ٻڏي ويس، ته ھن کي ڪھڙي ورندي ڏيان. اڃا سوچي رھيو ھوس، تيستائين ھن ٻيھر ڳالهه اڳيان وڌائي
‘‘ماما ماما اڄ سائينءَ ٻڌايو، ته ڪرسيون به ڳالھائينديون آھن!’’
مونکي ڪٿا سمجھه ۾ اچي وئي، ھن اھڙو ذڪر اسڪول مان ٻڌو ھو.
‘‘ھا ياسر! سائين ته برابر صحيح چيو آھي.’’
پر ھو مطمئن نه ٿيو، ڪجهه ته ھو جيڪو ھن پڇڻ ٿي چاھيو. پر اڃا سندس ذھن ۾ سوال نه جڙي رھيو ھو. مون فيس بوڪ جي جھان ۾ جھاتي پاتي، تيستائين ھن سوچي پڇيو
‘‘ماما، سائينءَ چيو ڪي ڪرسيون خراب به ڳالھائينديون آھن.’’
مون ھڪ دوست سان فيس بوڪ تي چيٽ شروع ڪري ڇڏي ھئي. سوچيم ته ياسر کي مٿي ۾ ڪا اھڙي ڳالهه ھڻان جو ھو اُن ۾ لڳي وڃي. کيس چيم
‘‘ياسر ھڪ ڳالهه ٻڌ، ڪرسين ويچارين کي نه وات نه زبان. ڀلا اُھي ڪيئن ڳالھائينديون. سائينءَ مڙئي اوھان کي سمجھاڻي ڏني ھوندي.’’
ھن ٺڙڪ ورندي ڏيندي مون واري ارادي تي پاڻي وجھي ڇڏيو
‘‘نه نه ماما! ائين نه، سائينءَ ٻڌايو ھو ته اصل ۾ ڪرسيون ماڻھن جي زباني ڳالھائينديون آھن. پر ماما مون ته ڪڏھن اھڙي ڪرسي نه ڏٺي آھي، جيڪا خراب ڳالھائيندي ھجي.’’
ياسر اڃا پنجين ڪلاس ۾ پڙھي ٿو، پر ھو غير معمولي ٻار آھي. ڪافي ڀيرا مون ھن ۾ ھڪ خاص ڳالهه ڏٺي آھي. ھو جيڪو به ٻڌندو آھي، کيس ياد ٿي ويندو آھي. ٽي وي تي “طارق مھتا ڪا اُلٽا چشما” سندس پسنديده ڊرامو آھي. پر جڏھن گھر ۾ پڻس چئنل بدلائي خبرون لڳائيندو آھي، ته ھو پھرين چپ ڪري ويھي پڻس سان گڏ خبرون ٻڌندو آھي. ٻين ٻارن جيان گوڙ شور ڪونه ڪندو آھي. پر بعد ۾ سڄو ڏينھن پڻس جي منھن تي ٻڌل خبرون پيو ورجائيندو آھي. اھو ئي ھن جي ڪاوڙ جي اظھار جو نرالو نمونو آھي، پوءِ پڻس کيس پرچائڻ جو سايو ڪندو آھي.
اڄ به ھن جيڪو ڪجهه اسڪول ۾ ٻڌو ھو، سو کيس ياد ٿي ويو ھو. ھن ڳالهه اڳيان وڌائي وري پڇيو
‘‘ماما پوءِ اُھي ڪھڙا ماڻھو ھوندا آھن، جن جي زباني ڪرسيون خراب ڳالھائينديون آھن.؟”
مونکي ته ھن ڄڻ امتحان ۾ وجھي ڇڏيو ھو. بنا سوچڻ جي ئي چئي ڏنومانس
‘‘ياسر پٽ اھي ڪرسيون وڏن ماڻھن جون ھونديون آھن.’’ ڪجهه گھڙيون چپ رھيو، سمجھيم ھاڻي منھنجي جان ڇٽي. پر وري پڇيائين
‘‘وڏن ماڻھن جون ڪرسيون، پوءِ ماما نانا جي ڪرسيءَ ڪڏھن خراب ناھي ڳالھايو، ڀلا اُن کان به ڪو وڏو ٻيو ھوندو. ھو ته ايڏو وڏو آھي، جو لٺ تي ٿو ھلي. پوءِ انھيءَ جي ڪرسيءَ ڇو ڪڏھن خراب ناھي ڳالھايو.؟”
‘‘ياسر! نانين واري ڪرسي ڀڳل آھي، اُھي ڪرسيون ٻيون ھونديون آھن’’
ھو وري به مطمئن نه ٿيو، پڇيائين
‘‘ٻيون ڪھڙيون ڪرسيون! سائين به ڪرسي تي ويھي اسان کي سٺيون سٺيون ڳالھيون ٻڌائيندو آھي. ھن کان به ڪڏھن ڪرسيءَ غلط ناھي ڳالھارايو.’’
‘‘ياسر سائين به اسان جيان شريف ماڻھو آھي، ٻيون ڪرسيون پاور رکن ٿيون...!’’
‘‘اڙي واھ پاور! يعني بجلي، ماما اڄ پاڻ به نانا جي ڪرسيءَ ۾ بجلي جو وائر لڳائينداسين. پاڻ کي به خبر پوي نانا ڪيئن ٿو پاور ۾ ڳالھائي.’’
مونکي کل ڇڏائي وئي، اڄ ته آءٌ به ھن سان ٻار ٿي بيهي رھيو ھئس. ھاڻي آءٌ ھن کي ڪيئن سمجھايان ته پٽ اھو پاور جيڪو ماڻھو کان غلط ڪرائيندو ۽ غلط ڳالھرائيندو آھي. سو بجليءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ ھوندو آھي. بجلي کان ته ماڻھو احتياط ڪري بچي سگھي ٿو، پر ان پاور کان بچڻ ڏکيو ھوندو آھي.
ھو اڃا به منھنجي سامھون ويٺو ھيو، ڪجهه پڇڻ ٿي چاھيائين. پر کيس ھاڻي ڪجهه سمجھه ۾ نه پي آھيو، ۽ آءٌ سندس مونجھارو ختم ڪرڻ ۾ ناڪام پئي ويس. ھو وڌيڪ سوالن ۾ الجھندو ويو، موبائل تي فيس بوڪ آن ھيو. رفريش ڪيم ته عاصم جو لکيل اسٽيٽس سامھون آيو، عاصم جنھن ڪيترو ئي وقت مون سان گڏ مختلف اين جي اوز ۾ ڪم ڪيو. ھو منھنجو ويجھو ساٿي ھو، تنھن لکيو ھو
‘‘سڀني دوستن ۽ مائٽن جي دعا سان مون کي ميرٽ تي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جو آرڊر ملي ويو.’’
مون جيئن ھن جو اسٽيٽس پڙھيو، خوشيءَ ۾ جھومڻ لڳس. ڄڻ ھو نه پر آءٌ مختيارڪار ٿيو ھجان. فيس بوڪ تي کيس مبارڪ ڏيڻ کانپوءِ مون گرم جوشيءَ مان موبائل تي ھن جو نمبر ڊائل ڪيو، ھن ڪال اٽينڊ ڪئي
‘‘ھيلو السلام عليڪم.’’
‘‘ يار عاصم توکي لک لک وڌايون’’
‘‘جي وعليڪم السلام. مھرباني.’’
ھن جي آواز ۾ ڪابه ڪشش يا گرم جوشي محسوس نه ٿي،جيتري منھنجي آواز ۾ ھئي. اھو پھريون ڀيرو مون محسوس ڪيو ھو، نه ته ھو منھنجو ھُجاتي يار ھو. اسان ھڪٻئي سان مذاق ۾ گھٽ نه ڪندا ھئاسين. ھاڻي مون پاڻ سنڀالي ڳالھايو
‘‘ڇا توھان منھنجو آواز ڪونه سڃاتو.؟”
منھنجي ڳالھائڻ ۾ به تون جي بدران توھان اچي ويو ھو، ھن وراڻيو
‘‘نه’’
۽ وڌيڪ ھڪ سيڪنڊ به ڪال تي رھي ھن سان ڳالھائڻ مون لاءِ ممڪن نه رھيو ھو. عاصم جنھن سان ڪافي ڀيرا مون مختلف نمبرز تان ڳالھايو ھو، پر ھو مونکي آواز مان سڃاڻي وٺندو ھو. آواز ته پري جي ڳالهه، ھو ته منھنجا ٽھڪ به سڃاڻي وٺندو ھو. سو اڄ ائين اوپرو ٿي ويو
‘‘ماما! وريءَ ڪنھن ڪرسيءَ ڳالھايو ڇا.’’
ياسر منھنجي چھري جي پريشاني پڙھي ورتي ھئي، سندس سوال سان منھنجي خيالن مان موٽ ٿي
‘‘ھا پٽ ڪرسيءَ ڳالھايو...حيثيت ڳالھايو، عھدي ڳالھايو، اسان وٽ ماڻھو گھٽ ڪرسيون وڌيڪ ڳالھائينديون آھن...’’
***