گلن سان تعزيت
منصور ڪافي دير کان سمنڊ جي ڪناري تي ويھي سوچي رھيو ھو. سمنڊ تي گرميءَ سبب شھر اُٿليل ھو، پر اُتي ھي سمنڊ جيان اڪيلو ھو. سندس اندر ۾ ھڪ وڏي اُٿل ھئي.
واريءَ تي آڱرين سان پريت گل لکيائين، لھرون آيون ۽ سڀ مٽائي ھليون ويون. پنھنجي منھن ڀڻڪيو
‘‘اڪيلائي ته سمنڊ آھي، جنھن جي لھر لھر واريءَ تي ليڪن جھڙن ناتن کي پل ۾ ناس ڪيو ڇڏي!’’
لھرن سان ھن جي من مان به ڪا لھر اُٿي، جنھن ڄڻ پريت کي مٽائي ڇڏيو. پريت جي ڪري ئي سندس ملاقات اڪيلائيءَ سان ٿي ھئي. ھوءَ ۽ ھي ھڪ سماجي اداري ۾ ڪم ڪندا ھئا. وقت گذرڻ سان گڏ پريت ھن جو مزاج پرکي، ھن ڏانھن دوستيءَ جو ھٿ وڌايو ھيو. پر آخر تائين ھو پريت جو مزاج سمجھي نه سگھيو ھو.
ھميشه ھن جي حوالي سان منصور ٻڏتر جو شڪار رھيو. ھڪ دفعو آفيس ۾ ويٺل ھئا، ته پريت پنھنجي آڱرين مان ٺڪاءَ پي ڪڍيا. ھن وراڻيو
‘‘واھ! پريت تون ته ان ۾ ماھر پئي لڳين....پر مون کان اھو ڪونه ٿئي.’’
پريت ھن ڏانھن شوخيءَ سان ڏسي مرڪي ڏنو. کيس پيلي رنگ جو وڳو پھريل ھيو، جنھن جي گلي تي گج جي ڊزائين وارو ڀرت ڀريل ھيو. چپڙن تي ھلڪي گلابي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳل ھيس. پريت جي ھن ۾ گھور ھئي، پر ھو ھن سان گھڻي دير اکيون ملائي نه سگھيو.
پريت سامھون ويٺل ڪمپيوٽر آپريٽر ڏانھن نھاريندي وراڻيو ‘‘جيڪڏھن ھتي ڪو ٻيو ويٺل نه ھجي ھا، ته تنھنجي آڱرين مان ٺڪا آئون ڪڍي ڇڏيان ھان.’’
پوءِ ھن پريت ڏانھن ھٿ وڌايو ھو. پر ھوءَ جلدي ۾ اُٿي ھلي ويئي، ۽ ھي خوش فھمين جو رڻ جھاڳڻ لڳو ھو.
ھن سان محبت جي حوالي شعور ۽ لاشعور جي وچ ۾ ڀٽڪندو رھيو، کيس ڪجهه به سمجھه ۾ نه اچي رھيو ھو. فقط من ۾ خدشن اچي گھر ڪيو ھئس.
ڪڏھن ڪڏھن اسان تي قسمت وڌيڪ مھربان ٿي پوندي آھي، ۽ اسان غير يقيني واري صورت الحال جو شڪار ٿي ويندا آھيون. اھا صورت الحال وڏي ظالم ٿيندي آھي. جنھن ۾ اسان گھڻو ڪجهه وڃائي ويھندا آھيون. جنھن جو وڏو سبب احساس محرمي ھوندي آھي، محروميون سمجهه ۽ اعتماد جون دشمن ٿين ٿيون. ھي به گھڻو ڪجهه وڃائي وڃائي ھُن تائين پڳو ھو، سو سندس ذھن ۾ ھن کي حاصل ڪرڻ کان اڳ وڃائڻ جو خوف ھيو.
تنھنڪري ئي ھن جي رويي ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي ھئي، اھو کل مذاق چپ جي چادر ۾ ويڙھجي ويو ھيو. بس ھن کي ھن کان لڪي تڪيندو ھو ۽ اڪثر ھوءَ ھن جي اھڙي چوري پڪڙي وٺندي ھئي. ھن جو ڪنڌ ھيٺ ۽ ھن جي چپڙن تي مرڪ رقصان ٿي ويندي ھئي. نيٺ ھن ھڪ ڏينھن چيو ھئس
‘‘پنھنجا پير سنڀالي کڻ منصور، جيڪڏھن ڪري پوندين ته تو کي ڪير به سھارو ڪونه ڏيندو.’’
ھن روايتي انداز ۾ وراڻيو ھيو
‘‘تون آھين نه پريت! مون کي ٻي ڪنھن جي سھاري جي ضرورت ناهي.’’
پريت چيو ھيس
‘‘منھنجي حوالي سان ڪنھن به خوش فھمي ۾ نه رھجانءَ، اسان فقط دوست آھيون. ھاڻي اھو توتي آھي ته ان جو ڪيئن ٿو ڀرم رکين.’’
ھن کي پوءِ به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ھئي،اچي به ڪيئن.!
ھوءَ ڪا عام روايتي ڇوڪري نه ھئي. رياضيءَ جو ڪو منجھيل درجو لڳندي ھئي، جنھن جو حل ھن جي وس ۾ نه ھيو.
ھو جڏھن گڏ ويھندا ھئا، ته ائين لڳندو ھو ته ھي ٻئي صدين جا ڪي ڀٽڪيل روح ھجن. جن ھتي ملي ڄڻ سڪون ماڻيو هُجي. پھرين ڳالھين ۾ ويجھڙائي، پوءِ سوچن ۾ ويجھڙائي، ۽ پوءِ احساسن ۾ ويجھڙائي...... ۽ آخر ھنن ۾ ويجھڙائي. ويجھڙائي به ايتري جو روايتي دوستيءَ جون حدون اڪري آيا ھئا.
پوءِ به جڏھن ھوءَ ھن جي ڀر مان اٿندي ھئي ته کيس پاڻ سنڀالڻ لاءِ ھوشيار ڪندي ھئي
‘‘مون وٽ احساسن جي ڪابه اهميت ناهي، مون لاءِ اھو سڀ ڪجهه راند آھي. جيستائين کيڏندين آءٌ کيڏنديس. باقي جنھن وقت مون کي تو ۾ عاشق نظر آيو، پوءِ جوڳيءَ نه ڪنھن جا مٽ. ....!’’
ھو ھميشه جيان پريت جي ڳالهه کي کلي ٽاري ڇڏيندو ھو. ٻيو ته ھي جنھن منزل تي پهتو ھو، تنھن جي موٽ ۾ ديوانگي ئي نصيب ٿيندي آهي.
ساڳي جڳهه تي ھوءَ ڇوڪري ڳجھارت کان گھٽ نه ھئي، گڏ ھوندي به ڄڻ ھن سان گڏ نه هوندي ھئي. ھن ھن جي ويجھو وڃي به پريت جي دل جو دڙڪو محسوس نه ڪيو ھو.
جڏھن ته منصور هن جي سحر ۾ گم ھو. ھڪ ڏينھن ھن کي ھن ۾ ڪجهه نظر آيو، ۽ پوءِ ھوءَ ڏور ٿي ويئي.
ھي ھن آڏو مڇيءَ جيان پڻ تڙپيو، پر ھن وٽ ھن جي جيئندان جو پاڻي باقي نه بچيو ھو. تر جيترو به ھن ڇوڪريءَ ھن تي ترس نه کاڌو. ڄڻ ھوءَ پنھنجي قول سان سچي ھئي، ۽ ھن ڄڻ پنھنجو پاڻ سان جٺ ڪئي. اڪيلائي منصور جو مقدر بڻي، ۽ ھي تنھائين جو رولاڪ مسافر ٿي ويو ھو.
اڄ جڏھن سمنڊ تي اڪيلو اچي ويٺو ھو، ڄڻ ھن کي وسارڻ ۾ ڪامياب ويو ھو. اھڙي نموني ھو اڳ به ڪافي ڀيرا ڪامياب ٿيو ھو. وري جي ھن جي ياد جي ھير گھلندي ھئي، ته ھن جو روح تڙپي پوندو ھو.
اهڙين ڪيفيتن ۾ هن جي زندگي جا ڇهه مهينا گذري چڪا هُئا، پر هي پريت گُل جي ياد کان غافل نه رهيو.
سمنڊ جو منظر....جنھن تي ٻار ٻچا، وڏا ننڍا ۽ جوڙا....ھر پاسي گوڙ... موج مستي.... پر ھي سمنڊ جيان تنھا تنھا.. سمنڊ جي سيني جيان ھن جي ذھن ۾ سوچن جون لھرون لھرون.
گھر موٽي آيو، سڀني کان لاتعلق. من ۾ جڏھن ڇڪتاڻ ھوندي آھي، تڏھن ماڻھو بظاھر چپ نظر ايندو آھي. ھن جي وجود تي ھڪ اھڙي موسم ڇانيل ھوندي آھي، جنھن کي لاتعلقي جي موسم چئبو آھي، سڀني کان لاتعلق، پاڻ کان به لاتعلق. ڪمري ۾ آيو.
ليپ ٽاپ آن ڪيائين. ھن جون تصويرون، ۽ ھي تصويرن ۾ گم. تصويرن ۽ تصويرن مان ھن جي تصور ۾ گم... ڪجهه گھڙيون پھريان جيڪو واريءَ تي ناتو سمجھي مِٽائي آيو ھو. تنھن ٻيھر من ۾ آس موڙي ھيس، ۽ ھي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائي نه سگھيو.
آفيس جي ڪاريڊور ۾ ھن جو انتظار پي ڪيائين، خوبصورت آفيس، جديد طرز سان ٺھيل فرش تي اعليٰ معيار جو لائيٽ پنڪ ڪلر جو ٽائلز، ڪاريڊور ۾ ديوارن جي ٻنھي پاسي ڪونڊين ۾ خوبصورت گلن ڄڻ ھر آئي وئي جي آجيان پئي ڪئي.
ھن اُتي بيھي پريت جي انتظار ۾ بار بار ٽائيم پي ڏٺو، ٻه ڀيرا کيس ٽيڪسٽ ميسيج به فارورڊ ڪري چڪو ھو.
نيٺ ھوءَ آئي.
‘‘سوري منصور، سر واجد ڪجهه ڪم سمجھائڻ لاءِ روڪي ڇڏيو، انھيءَ لاءِ دير ٿي ويئي. ’’
‘‘اٽ از اوڪي، اھي سر ته ھوندا ئي.... ’’
ڪجهه چوڻ ٿي چاھين، پر درگذر ڪيائين.
چاھت جي سفر ۾ معمولي رڪاوٽ به پھاڙن جيان محسوس ٿيندي آھي. ڪاريڊور مان ٻاھر نڪري آيا. سامھون گل ڏٺائين، پاڻ کي روڪي نه سگھيو. انھن ڏانھن ھليو ويو، پريت ھن کي روڪيندي چيو.
‘‘اڙي بابا ھيڏانھن اچ، مون کان بک برداشت ڪونه پئي ٿئي.’’ پريت جي وڏي ڪمزوري بک ھوندي ھئي. جڏھن لڳندي ھيس، ته ڪنھن جي به ڪونه ٻڌندي ھئي. صفا مٽجي پوندي ھئي، وري کائيندي تمام گھٽ ھئي. پر ھو نه مڙيو، ھيءَ به منصور ڏانھن وڌي ويئي
‘‘پريت! ھي ڏس...... گُلَ.’’
‘‘ھا ڏسان ته پئي، انھن ۾ ڪا نئين ڳالهه ته ناھي.’’
پريت جي لھجي ۾ رکائپ ھئي، منصور نفاست سان وراڻيو
‘‘گلن سان منھنجو فطري عشق آھي، جنھن جو ھڪ خاص سبب آھي.’’
پريت تجسس محسوس ڪندي دلچسپي ورتي.
‘‘ڪھڙو سبب منصور....!؟’’
منصور جي چھري تي ھلڪي مرڪ رقصان ٿي پئي.
پريت جو ھن کي منصور چوڻ کيس پسند ھوندو ھو. ڇاڪاڻ مخدوم بلاول، سرمد، شاھ عنايت ۽ منصور ھن جا آئيڊيل ھئا. ھي چاھيندو ھو، آئيڊيلز جا نالا روايتي انداز ۾ نه وٺڻ گھرجن. ھنن جا نالا نزاڪت ۽ شائستگيءَ سان وٺڻ گھرجن، ۽ اھي نالا يا ته پريت وٺي سگھي ٿي. يا وري جنھن جي من ۾ پريت ھجي. ڇاڪاڻ ھو سڀ پريت جي پنڌن تي ھلڻ سبب قتل ٿيا ھئا، حق سان پريت، سچ سان پريت، انسانيت سان پريت.
‘‘ته بابا ٻڌاءِ، گلن سان فطري عشق جو سبب...گم ڪيڏانھن ٿي ويو آھين.؟’’
‘‘او سوري، انھيءَ جو وڏو سبب تون آھين پريت گل....!’’
پريت جو چھرو ھڪ پل ٽڙيو ۽ ٻي پل منھن جو رنگ بدلجي ويس. وراڻيائين
‘‘ اڙي بابا ٿورو خيال سان، ڪٿي سڀاڻي روئڻو نه پوي اوھان کي.’’
ھميشه جيان ھن وري به منصور کي خبردار ڪيو ۽ منصور ڳالهه کلي ٽاريندي چيو
‘‘منصور روئندا ناھن پريت.......!’’
پريت ھاڻي بک ۾ صفا ساڻي ٿي پئي ھئي، جسم ۾ ڪمزوري ڀانيائين. پر منصور پريت جي پريم ۾ گم ھو،
ڪافي دير کان آفيس جي گيٽ جي ڀرسان پارڪ وٽ بيٺل ھئا. ھنن کي ته ھر آيو ويو ڏسي رھيو ھو، پر ھي سڀن کان بي خبر پنھنجي دنيا ۾ ھئا. منصور چيو
‘‘ٻيو پتو اٿئي پريت ، مون پنھنجي گھر جي پڌر تي به ڪيترائي گل پوکيا آھن. ھي ڏس..”
پريت کي ھن پنھنجي موبائل جي فوٽو گيلري مان پنھنجي گھر جي اڳيان بيٺل مختلف گلن جا ٻوٽا ڏيکاريا، ھوءَ گل ڏسي ٽڙي پئي.
‘‘واھ منصور! ھي ته تمام ڀلا گل آھن. پر پليز منھنجي ڪڏھن به انھن سان ڀيٽ نه ڪجان.’’
ھڪ ڀيرو وري به پريت ھن کي خبردار ڪيو، پر ھن پنھنجي ڳالهه ڪئي.
‘‘پريت مونکي پڪ آھي، جنھن مٽي مان تون ٺھي آھين، تنھن ۾ ٺاھڻ واري گلابن جو پاڻي ملايو ھوندو. ڇاڪاڻ تنھنجي ڳالھائڻ ۾ خوشبوءَ ۽ کلڻ ۾ گلابن جو ٽڙڻ محسوس ٿيندو آھي.’’
پريت سوچن جي گھرائي ۾ ھلي ويئي. سمجھه ۾ نه آيس ته منصور کي ڪھڙي ورندي ڏيان. منصور ڳالهه اڳيان وڌائي
‘‘پريت مونکي ڏاڍو برو لڳندو آھي،جڏھن گل قبرن تي وڌا ويندا آھن، گل ته روحن جا اصل وارث ٿيندا آھن! انھن کي پٽڻ نه گھرجي، پتو اٿئي گلَ روح واسيندا آھن، من معطر ڪندا آھن. انھن کي ڇنڻ نه گھرجي...اھي جڏھن ڇنيا ويندا آھن، ته فقط ٻوٽي جي ٽاري اُداس ۽ خالي ناھي ٿيندي. پر انھن سان گڏ روح به روڙبا آھن پريت.’’ پريت آھستگيءَ ۽ شائستگيءَ مان وراڻيو
‘‘منصور! تون ته گلن جو سچو عاشق آھين، ايڏو قدر ته مالھيءَ کي به گلن جو ڪونه ھوندو، جيتري توکي فڪر آھي.’’
منصور وراڻيو
‘‘واقعي انھن مالھين کي قدر نه ھوندو، جيڪي گل وڪڻڻ لاءِ پوکيندا ۽ سنڀاليندا آھن. ھاڻي ھلو ته ھلي پيٽ جي ڪريون، وري چوندينءَ مان ميل نيوٽريشن پيشنٽ...مون تي رحم ڪريو.’’
ٻنھي جا ٽھڪ ھوا ۾ وکري ويا، فضائون معطر ٿي ويون. ڪينٽين تي آيا، منصور چيو
‘‘پريت توکي ھڪ وصيعت ڪريان ٿو.’’
‘‘وصيعت! ڇاجي وصيعت...!؟”
پريت تعجب مان پڇيو، منصور وراڻيو.
‘‘اتفاق سان جيڪڏھن منھنجو موت ٿي وڃي، ته تون تعزيت جي لاءِ منھنجي گھر نه وڃجانءِ. گلن سان ئي تعزيت ڪري وٺجان، مونکي حقيقي سڪون ملندو....’’
پريت جي منھن جو رنگ ڳاڙھو ٿي ويو، بيگ کنيائين. جذباتي ٿيندي وراڻيائين
‘‘اھو تون ڇا چئي وئين منصور!؟ مون توکي ڇا چيو ھو، ته مون کي جذباتي ڳالھيون ۽ جذباتي ماڻھو ناھن وڻندا. مون توکي اھو به چيو ھو، ته منھنجي دل جو در بند آھي. ان ڏانھن ڪڏھن به وڃڻ جي ڪوشش نه ڪجان، نه ته توکي تڪليف ٿيندي. تنھنجو اھو ھڪ جملو گھڻو ڪجهه چوي پيو، آءٌ انھيءَ ماڻھو کان پري ٿي ويندي آھيان. جيڪو منھنجي ويجھو اچڻ جي ڪوشش ڪندو آھي......!’’
۽ ھوءَ وڃڻ لڳي، روڪڻ جي منصور ۾ ھمت نه ھئي. ھن کي ائين لڳو ھو، ته ڄڻ ھن پريت جي تڙپندڙ رڳ تي ھٿ رکي، ھن کي وڌيڪ تڙپائي ڇڏيو ھو.
ٻي ڏينھن کانپوءِ پريت آفيس نه آئي، سڀ رابطا ختم. پڇا تي ڪنھن موٽ ئي نٿي ڏني...۽ منصور جو پيار تان اعتبار کڄي ويو. ماضي جي گھٽين مان موٽي آيو، ليپ ٽاپ بند ڪيائين. من ۾ ڀڻڪيو “ھاڻي تون ڪيڏو به پريت! منھنجي ويجھو ايندينءَ، پر آئون توکي ڏور ڏور تائين نظر نه ايندس. ٿي سگھي ته منھنجي گلن سان تعزيت ڪري ڇڏجانءِ.’’
ڄڻ دل جو بار ھلڪو ٿيو ھُيس.
ايتري ۾ موبائل فون تي واٽس ايپ ڪال جي ٽون وڳي، اٽينڊ ڪيائين
‘‘توھان منصورآھيو؟’’
عورتاڻو آواز ھو
‘‘جي..جي...مان منصور...توھان......؟’’
‘‘مان سوڀ سنڌو، واشنگٽن مان پئي ڳالھايان’’
منصور کي ياد آيو. ھڪ ڀيرو، کيس پريت ٻڌايو ھو، ته سندس ھڪ سھيلي سوڀ سنڌو آمريڪا ۾ رھي ٿي، ھو سوڀ سنڌو جي نالي مان ڏاڍو متاثر ٿيو ھو
‘‘جي سوڀ ٻڌايو.’’
‘‘منصور مون کي توھان جو نمبر پريت ڏنو ھيو، ھن توھان سان ناراضگي جو سبب به مون کي ٻڌايو ھو. توھان سان ھڪ ڳالهه ونڊيان ٿي، ته پريت يونيورسٽي جي زماني ۾ سارنگ سان محبت ڪئي ھئي. سارنگ ڏاڍو جذباتي ڇوڪرو ھو. ھڪڙي ڏينھن سارنگ معمولي ڳالهه تان پريت سان ڪاوڙجي خودڪشي ڪري ڇڏي ھئي. ان ڏينھن کانپوءِ پريت کي پيار کان نفرت ٿي ويئي ھئي، وري محبت ۾ جيڪڏھن ڪو موت جي ڳالهه ڪري ته ھوءَ صفا مٽجي پوندي ھئي. توھان سان به ھن جي رسامي جو سبب اهو بڻيو ھو. ھونئن ھوءَ توھان سان بي پناھ پيار ڪندي ھئي، پر پيار ۾ جذباتي ٿيڻ ھن کي پسند نه ھو. مون سان پريت ھر ڳالهه ونڊيندي ھئي. پر منھنجو توھان کي ڪال ڪرڻ جو مقصد!’’
منصور جو اکيون ڀرجي ويون ھيون، پريت جي پيار مان کيس پوترتا محسوس ٿي رھي ھئي
‘‘جي سوڀ ٻڌايو، ھوءَ ڪٿي آھي؟’’
سوڀ ڳالهه جاري رکي
‘‘پريت ھڪ ٻي ڳالهه به سڀني کان لڪائي ھئي، ھوءَ برين ٽيومر جي پيشنٽ ھئي. جنھن جي خبر فقط ھن ۽ روبينه کي ھئي. توھان کي ڪيئن ٻڌايان منھنجو حوصلو اھو سڀ ٻڌائڻ لاءِ منھنجو ساٿ ڪيئن پيو ڏي. ھوءَ ھفتو اڳ وفات ڪري ويئي آھي.’’
منصور ھوش وڃائي ويٺو. ھن تي اھڙو سڪتو طاري ٿي ويو ھو، جو سندس اکين مان ايندڙ ڳوڙھا بند ٿي ويا. سيني تي ايڏو بار ڀانئي رھيو ھو. ڄڻ ڪنھن لتاڙيو ھجيس، سوڀ جي ڳالهه جاري هُئي
‘‘آءٌ توھان جو ڏک سمجھي سگھان ٿي، توھان تان جيڪو ڪجهه گذري پيو. تنھن کان آءٌ بخوبي آگاھ آھيان، پر پنھنجي سھيلي جي آخري وصيت توھان کي ٻڌائڻ مون لاءِ اھم آھي. منصور پليز ٻڌو پيا......؟’’
دل تي وڏي سهپ جو پٿر رکي ٽٽل ڦٽل لفظن ۾ وراڻيائين
‘‘جه جه جي جي......ٻ ٻڌايو.’’
سوڀ وراڻيو:
‘‘پريت ساھ جي سڳن جي ٽٽڻ کان اڳ ھڪ وصيعت ڪئي ھئي، ته منصور کي چئجو منھنجي مغفرت ڪرڻ لاءِ منھنجي گھر يا منھنجي قبر تي نه وڃي. منھنجي تعزيت گلن سان ئي ڪري ڇڏي. ان سان ئي مونکي سڪون ملندو. گل ئي روحن جا اصل وارث ٿيندا آھن....’’
***