سلام ٿهيم: عجب جي نشانيءَ جهڙو ماڻهو!
آئون سوچيان ٿو: هي ڪهاڻيون آهن يا ٽيبل تي پکڙيل خوبصورت عورتون؟ هي ڪهاڻيون آهن يا غير ملڪي پکي آهن جيڪي منهنجي ٽيبل جي ڍنڍ تي تري رهيا آهن؟ سر سبز ميداني علائقا، جهنگلي گلن جون ڦُلواڙيون، جابلو ڇوڪريون ۽ سامونڊي پکي! ڄڻ ته سڀ اچي منهنجي ٽيبل تي گڏ ٿيا هجن.
سندس ڪهاڻين جو ڪتاب هڪڙو شهر آهي جنهن ۾ وئشيائون خريدي سگهجن ٿيون، جنهن شهر ۾ فاسٽ ڊرائيونگ ڪندڙ آمريڪي عورتون آهن، جنهن شهر ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ پيار جو اظهار ڪندڙ هندستاني عورتون آهن! جنهن شهر ۾ اڄ صبح جي اخبار ڪافي دير سان آئي آهي، هن شهر ۾ مئخانا آهن، جنهن شهر ۾ ناشتي تان جهيڙو ٿي پيو آهي. ڪتاب جي هن شهر ۾ هڪ ماڻهو ڪُتي کي ڏاڙهي وڌو آهي......... جنهن شهر ۾ مئل ماڻهو مون هلندي ڏٺو! جنهن شهر ۾ جواني آزاد آهي، جنهن شھر ۾ پلنگ ننڊ مان جاڳي چڪا آهن، جنهن شهر ۾ درياھ ماڻهن کان هڪ ٻي سهڻيءَ جو ڏس پڇڻ آيو آهي. سو هي ڪهاڻين جو ڪتاب هڪ شهر آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪا به لڪير ناهي.
عبدالسلام ٿهيم پنهنجي سامونڊي قلم مان نڪتل سدائين اسان کي هڪ تيز طوفاني ڇوليون ڇوليون ڪهاڻي ڏيندو رهيو آهي. بيشڪ هن جي ڪهاڻي ميچوئر ڪهاڻي آهي!
مولانا ابوالڪلام آزاد چوندو هو: “خوبصورت عورت اک لاءِ جنت ۽ کيسي لاءِ دوزخ هوندي آهي.’’
عبدالسلام جي ڪهاڻي به اک لاءِ جنت ۽ دل لاءِ دوزخ هوندي آهي. ادب ۾ ڪجهه نئون دريافت ڪرڻ ئي تخليق آهي باقي ته رڳو تقليد آهي : ماڃوٺي! ۽ سلام ٿهيم تخليق ته ڪري ٿو پر اسان جي سماج ۽ زندگيءَ مان چُونڊي چڙي اتان ڪهاڻيءَ کي کوٽي وڃي ٿو کڻي جو اها صرف سجاول يا سنڌ جي نه پر سڄي دنيا جي ڳالهه ٿي لڳي....... ۽ اهڙي ئي ڪهاڻيءَ کي جاوداني نصيب ٿيندي آهي جيڪا هر ماڻهوءَ کي پنهنجي دل جي ڳالهه لڳي ___ شين کي سماج مان کڻجي ته لطيف وانگي کڻجي:
نئون نينهن لڳوس، ڳري ۽ ڳالهيون ڪري،
ارٽ ڦيريندي اوچتو، سڄڻ ياد پيوس،
پهو پٽ پيوس، ھُو هٿ هُتي ئي رهيو!
اها آهي هڪ ڪهاڻي، هڪ شاعري ۽ هڪ ننڍڙو ناول! دنيا ۾ ڪٿي به هليا وڃو، نئين نئين نينهن لڳڻ جي ڪيفيت توهان کي سرعام ائين ئي ساڳي ملندي ۽ سڄي دنيا ۾ نئون نئون نينهن ائين ئي سڀنيءَ جا چار ئي چئونڪ هڪ ئي انداز ۾ لڳائيندو رهيو آهي.
نزار قاباني چيو هو:
“شايد منهنجي اهم ترين ڪارنامن ۾ اهم ترين ڪارنامو اهو ئي آهي ته مون عورت جو نالو طعامن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ مون ان کي گلن جي فهرست ۾ لکي ڇڏيو آهي. عورت کي چاليهه سالن کان ڪلهي تي کڻي پيادل هلندو رهيس. واريءَ جي هر دڙي تي جتي هوءَ ننڊاکڙي هئي، اتي کجيءَ جو وڻ ڦٽي نڪتو ۽ هڪ پاڻيءَ جو چشمو جاري ٿي ويو.
آئون عورت جي طرفان شيطان جو وڪيل بڻيل رهيس. چاليهه سالن کان عدالتن ۾ لڏو لاهي ويٺل آهيان. ڏوھ جو شڪار ٿيندڙ عورتن جا ڪپڙا پيش ڪري رهيو آهيان. عورت پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين حسين ۽ لطيف احساسن ۽ خوبصورت لفظن جي سامهون ڳرندي رهندي آهي. مرد نظم کي پنهنجي ڏندن سان چٻاڙي ڇڏيندو آهي جڏهن ته عورت ان مان پوري ريت سيراب ٿيندي رهندي آهي ۽ انهن کي پنهنجي ڪنن ۾ زمرد جي جهُومڪن وانگر پائي ڇڏيندي آهي.’’
سو شاعري ۽ عورت سان ائين ئي عشق ڪجي، ڪهاڻي به هڪڙي شاعري آهي. سلام ٿهيم جي سيني ۾ به هڪ عورت جي دل ڌڙڪي ٿي. تڏهن ئي ته هن جي ڪهاڻين ۽ نزار قابانيءَ جي مزاج ۾ ايڏي مماثلت آهي.
سلام جون دلدوز ڪهاڻيون به ائين ئي درخشان دل سان درد جي هيٺان ويٺل هن جهان مان کنيون ويون آهن جو روح مان ريهه نڪري ويندي آهي ۽ ماڻهو مانيءَ تان اٿي ويندو آهي.
حرف آخر ته سلام کي جهرجهنگ ۽ شهر شهر ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ جي لاءِ اڃا به مزورن وانگي محنت ڪرڻي پوندي.
مطالعي جو ڏُڪار اگر ختم ٿي وڃي ۽ ڪهاڻيءَ سان ليکڪ جو عشق اڃا ٿورو وڌي وڃي ته جمال ابڙو، نسيم کرل، امرجليل ۽ نورالهدي شاھ وري به پئدا ٿي سگهن ٿا، ڪجهه به ناممڪن ناهي.
هن ڪائنات ۾ ڪيڏي مهل به ڪجهه به ٿي سگھي ٿو.
خطري واري زندگي گذاريو،
ٻرندڙ جبلن جي ڀر ۾ پنهنجا شهر ٺاهيو،
پنهنجي جهازن کي اڻ ڏٺل سمونڊن طرف موڪليو،
هميشه جنگ جي حالت ۾ رهو،
ڇو ته مقابلو زندگي جو نالو آهي.
(فيريڊڪ نٽشي)
عزيز گل
سانجھيءَ جو سمو/ پراڻ جو ڪپ
جُهڏو شهر
12 نومبر، 2017.