ڪھاڻيون

گُلن سان تعزيت

”گلن سان تعزيت“ ۾ شامل 19 ڪهاڻيون مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن. جن ۾ سماج جي درست عڪاسي کان وٺي رومانوي جذباتيت کي به شانائتي جاءِ ڏني وئي آهي. شاندار ڪٿائون ئي عبدالسلام ٿهيم کي نئين ٽهيءَ جي ٻين ڪٿانويسن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون. عبدالسلام ٿهيم جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ويڪرو آڳر، سندس سادي ٻوليءَ ۽ نون موضوعن جي روشنيءَ سان سدائين جڳمڳائيندي نظر اچي ٿو.
Title Cover of book گُلن سان تعزيت

ڏنڊ

‘‘جي........جي بيگم! توهان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو، هن عيد تي پاڻ پارٽي نه ٿا ڏئي سگھون. او شبانه.........شبانه منھنجي شبي ڊارلنگ ڇا توھانکي مون تي به اعتبار ناهي. يار گاڏي جي قسط، ٻارن جون فيون ۽ ٻيا خرچ. پگھار ته پورو ئي نٿو پوي........ڪاوڙ نه ڪر شبو.... مڃ ته سهي شبو.’’
جيئن ئي سندس زال شبانه ڪال ڪٽي، ته ھن ڪاوڙ ۾ زور سان موبائل ٽيبل تي ڦٽي ڪئي، فائيل اچي پٽ تي ڪريا.
ٻاهر ماڻهن جو گوڙ شور لڳو پيو ھو، گوڙ ته ڄڻ سندس ميڃالي مان تير جيان گُذري رھيو ھو. ڪال تي زال جي ردِ عمل، ٻاهر ماڻهن جو گوڙ ۽ گرميءَ سبب هي سخت دٻاءُ جو شڪار ٿيڻ لڳو هو. روينيو ۾ جونيئر ڪلرڪ طور جوائننگ کانپوءِ جلد ڪجهه سالن ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار ٿي ويو هو، تعلقي جي اقتداري ڌُر جي مھر سبب سڄي تعلقي جو ڪاروهنوار وٽس هو.
اڄڪلهه ته مختيارڪار جي اضافي چارج به وٽس هُئي. جيئن ئي ترقي ٿيس ته اباڻو شھر ڇڏي فيملي ڊفينس ڪراچي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيائين. شادي به شوق مان اُتان ئي ڪئي هُئائين. پگھار ۽ نذرانن جي رقم ملائي به پوري نه ٿيندي هُيس.
مٿان وري هن ڀيري سندس زال فرمائش ڪئي، ته ھن عيد تي سڀني ڄاڻ سڃاڻ وارن کي پنهنجي گھر ۾ شاندار پارٽي ڏئي ساڻن قد بُت ۾ برابر ٿينداسين.
زاليس کي ته خوشيءَ کنيو هو. پر هن جڏهن خرچن جو ڪاٿو ٻڌو ته جون جو پگھر وٺي ويس. کُتو جواب ڏئي ڇڏيائينس. گھران ته مُنهن ڦٽائي نڪري آيو هو، پر جڏهن ورڻ جو سوچيائين ته واهون بند نظر آيون ھيس. سوچيائين ته زال سان فون تي ڳالهائي ماحول ٿڌو ڪري وٺندس، پر بيگم مٿس ڪو به ترس نه ڪيو.
هن سگريٽ دُکائي ڪش هنيو ته نائب قاصد پيراڻي در کولي کيس آگاهي ڏني.
‘‘سائين ٻاهر ماڻهن جي رش ٿي وئي آهي، توهان سان ملڻ چاهين ٿا.’’
هن کي پيراڻي جي ڳالهه ٺپ ڪونه وڻي، رُکائپ سان وراڻيائين
‘‘کين جواب ڏي، ته صاحب ضروري ميٽينگ ۾ آهي. هونئن به ماڻهن کي ڪو ڌنڌو ڌاڙي آهي ئي ڪونه........ ٿوري ٿوري تي ڀڳا بيٺا آهن.’’
هن مُظاهرين کي صاحب جو نياپو ڏنو، ته هو تپي ٽانڊو ٿي پيا. ڇتي نعريبازي ڪرڻ لڳا: ‘‘ڪرپٽ ڪامورو هٽايو ...... مهنگائي گھٽايو .... راشي مختيارڪار هٽايو .... مهنگائي گھٽايو.’’
نائب قاصد پيراڻي پاڻي مٿي کان چڙهندي ڏٺو ته سڌو ٻيهر صاحب وٽ آيو.
‘‘سائين هو صفا ڏمريو بيٺا آهن، توهان ساڻن ملو نه ته ڪو نقصان ڪندا. هاڻي ته توهان جي نالي به گھٽ وڌ ڳالهائين پيا.’’
اسٽنٽ مختيارڪار تپي رک ٿي ويو. هُنن جي ڪاوڙ پيراڻي مان ڪڍڻ لڳو
‘‘گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سندن اها جُرئت ...تون به سڀ ٻُڌي ھليو آئين.’’
پيراڻي ڊڄندي وراڻيو
‘‘پوءِ سائين آءٌ ڇا چوان، اُنهن باھ لڳن کي......؟”
پيراڻي ڪجهه گھڙيون چُپ رهي سوچي وراڻيو
‘‘ پر صاحب هڪ ڳالهه ٻُڌ، روزي هلي آئي آهي. هلي آيل روزي ورائڻ سُٺو سئنون ڪونهي.’’
پيراڻو تجربي وارو ماڻهو هو. وڻ وڻ تان ماکي ڇاڻيل هُيس، پر صاحب کي سندس ڳالهه ٽول ۾ ڪونه ويٺي. سوچيائين
‘‘شهر جا سڀ سڃا ماڻهو گڏجي پيا دانهين انهن ۾ ڪهڙي اُميد؟”
سوچي رهيو هو ته ٻيهر نائب قاصد پيراڻي چيو
‘‘صاحب هميشه ٿڌي دماغ سان سوچيندا ڪريو، ڪاوڙ ۾ ماڻهو پنهنجا ئي پير ڪڍندو آهي.’’
اسسٽنٽ مُختيارڪار ٻيهر ذهن تي زور ڏنو،
تيستائين ٻاهران ٽوڙ ڦوڙ جا آواز آيا، پيراڻو جھڙپ ڏئي ٻاهر نڪري آيو ، مظاھرين جي اڳيان ھٿ ٻڌندي وراڻيائين
‘‘اڙي بابا! ٿڌا ٿيو، صاحب اچي ٿو. اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.’’
مظاهرين مان هڪ نوجوان جوشيلي لهجي ۾ وراڻيو
‘‘ڪڏهن ايندو صاحب؟.......اسان لُٽجون پيا، ھتي ڪوبه اسان جو ڌڻي سائين ڪونهي. سڀ ڌاڙيل، لُٽيرا، ڦُورو........’’
ايتري ۾ اسٽنٽ مختيارڪار ٻاهر آيو، ته مُظاهرين مان وچولي عمر جي همراھ اسسٽنٽ مُختيارڪار جي اڳيان هٿ ٻڌندي چيو
‘‘سائين توهان اسانجي واهر ڪريو، جيئن رمضان آيو آهي. واپارين ته رات ڪري ڇڏي آهي، سندن مھانگن اگھن جي اڏي تي اسان روز پيا ڪُسجون. توهان انصاف ڪريو.’’
صاحب جي ذهن ۾ ڳالهه ويٺي، پيراڻي ۾ نهاري مُرڪيو. پيراڻو اڳيان آيو ۽ مظاھرين سان مخاطب ٿيو
‘‘توهان صبر کان ڪم وٺو.
وقار صاحب تمام سخت آفيسر آهي، اڄ ئي واپارين کي ٽانڊو ڏيندو. ڀينسان مانگر مانگرن جا ٻچا ...’’
اسسٽنٽ مُختيارڪار وقار همدرديءَ سان ڳالهه اڳيان وڌائي
‘‘توهان سان مان پورو پورو انصاف ڪندم. جيستائين آءٌ آهيان، تيستائين واپارين کي جُرئت به نه ٿيندي جو اوهانجو رت چوسين.’’
مظاھرين ڪجهه تسلي محسوس ڪئي، ھن پيراڻي کي چيو “چاچا پيراڻا! تپيدار يعقوب کي چئو، ته ٿاڻي تي فون ڪري صوبيدار کي چوي ته اجھو عملو موڪلي. اڄ ڏسون ٿا قارون جي خزاني جي وارثن کي.’’
مُظاهرين تي ڄڻ ماڪ پئجي وئي. وقار کي دُعائون ڏيندي ‘‘سائين الله توهان کي واڌائيندو.’’
گھرن ۽ شهر ڏانھن موٽي ويا.
ڪجهه دير ۾ ننڍي صوبيدار سميت ڪجهه پوليس جو عملو مختيارڪار آفيس پهچي ويو. هو پوليس ۽ ڪجهه آفيس عملي سان گڏ شهر ۾ ڪاهي پيو.
دوڪانن تي هن پاران ڇاپن واري خبر سڄي شهر ۾ باھ جيان ڦهلجي وئي. واپارين ۾ خوف ۽ بيچيني وڌي وئي. واپاري تڪڙ تڪڙ ۾ شين جي اگھن واري لسٽ ڪنهن برڪتن واري دُعا جيان ڇنڊي ڦوڪي دوڪانن جي مھاڙ ۾ ٽنگڻ لڳا.
اسسٽنٽ مختيارڪار وقار شھر ۾ فلمي هيرو جيان اسٽائل هڻندي، ڄڻ ولين جي تلاش ۾ هو. ڪيترن ئي لُٽيرن ۽ وياجي واپارين تي ڇاپا هڻي مٿن ڏنڊ وڌائين.
سڄي شهر جي غريب ماڻهن لاءِ ته صاحب ڀرجھلو ثابت ٿيو. ماڻهن جي مُنهن مان ته صاحب جي لاءِ واھ واھ جا ٻول ته بنا روڪ ٺوڪ جي نڪري رهيا هُئا.
باقي واپارين جا تاثرات وقار صاحب لاءِ ڪي چڱا ڪونه هُئا. سي هُن به دليان سمجھيا پي ته واپارين جي من مان هن لاءِ ڪهڙا نيڪي جا گُل ڇڻي رھيا هُئا.
وقار واپارين مان ڪافي ماڻهن جي رت چوسڻ جي ڏوھ ۾ ڏنڊ اوڳاڙي آفيس موٽي آيو. شام جو سندس ڪراچي واپسي ٿي، ڇاڪاڻ اڄوڪو ڏينهن هفتي جو آخري ورڪنگ ڊي هو.
جيئن ئي گھر موٽيو ته زال مُنهن ۾ پئجي وئيس. هوءَ مُنهن ڦٽائي ڪمري ۾ هلي وئي، نه ته هونئن وقار جي واپسيءَ تي ھن جا ناز انداز مختلف ھوندا ھئا.
پر ھن جي اڄ واري اوپري رويي کان وقار بخوبي واقف هو، تنھنڪري ھو مطمئن ھو.
زال جي نخرن تي ھن کي وڌيڪ پيار اچڻ لڳو، سوچيائين چڙهندڙ عمر جي نازن جي سونهن جوانيءَ جي نخرن ۾ ڪٿي لڀي...... ڪمري جو دروازو کولي اندر آيو، زالينس ٻي طرف منھن ڦيري ڇڏيو. هي وڌي وڃي بيڊ تي سندس ڀر ۾ ويٺو. هوءَ جھڙپ پائي اُٿي، هن کيس ٻانهن ۾ جھلي ڇڪ ڏني، ته بيگم سٽ سان اچي سندس هنج ۾ ڪري. شبانه ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وقار ويتر کيس چيلهه جي مٿان ڀاڪر وجھي مضبوطي سان جھليو.
‘‘ڇڏيو مونکي، مان توهان سان ھاڻي ھڪ گھڙي به نه رھنديس.’’
وقار ٻانهون ڍريون ڪري ڇڏيون، هوءَ اُٿي وڃڻ لڳي. وقار اڳ ڪري دروازي جي مُهاڙ جھلي ورتي، ۽ منٿ ڪيائين
‘‘بيگم آئي ايم سوري، مان.’’
هوءَ ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙهي هُئي، تنهن چيو
‘‘مون کي تو سان اُف به ناهي ڳالهائڻو، توکي ته اسان جي Social Status کان مٿي ناڻو آهي. دنيا کي چوان ته منهنجو مُڙس تعلقي جو بادشاھ آهي، اسسٽنٽ مُختيارڪار آهي. ۽ مڙس پارٽيءَ جو ٻُڌي ڪنگال ٿي پيو.’’
بيگم جي لهجي ۾ وڌيڪ تلخي محسوس ڪندي وقار پيار مان وراڻيو : ‘‘مُنهنجي شبو راڻي! پارٽي ته پاڻ ڏيون پيا، تون ته صفا ٻارن وارا انگل پئي ڪرين، مون ته تنهنجي دل پئي ڏٺي.’’
پارٽي جو ٻُڌي شبانه جي ڪاوڙ جو پارو ڪجهه گھٽيو، هن وقار تي پاڻ کي حاوي ٿيندو ڏسي چيو
‘‘ٺيڪ آهي، پر هاڻي پارٽي پهرين جيان گھر ۾ ناهي ڏيڻي.’’
وقار جي هانءُ ۾ نوان هورا کورا اُٿڻ لڳا، جھٽ ۾ چيائين
‘‘ته .... ته پوءِ پارٽي؟”
شبانه وقار ۾ پوري شوخيءَ سان ڏسندي وراڻيو
‘‘تو پھرين پارٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو، انھيءَ انڪار جي سزا ۾ ھاڻي توکي ڏنڊ ڏيڻو پوندو.’’
ڏنڊ جو ٻُڌڻ سان ئي وقار جي اکين آڏو شهر جي واپارين جا تپيل ۽ بيوس چهرا تروا ڏيڻ لڳا، ۽ِ هاڻي سندس منھن زال جي آڏو انهن جھڙو ٿي پيو هو. اڃا سوچن ۾ هو ته شبانه ٻيهر وراڻيو
‘‘ڇو وري بُخار ٿي پيو اٿئي ڇا، ٻُڌاءِ نه ڏنڊ ڏيندين يا نه؟”
هن ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي
‘‘جي ها بيگم صاحبه! مان هر قسم جو ڏنڊ ڀرڻ لاءِ تيار آهيان. تون ٻڌاء توکيِ ڏنڊ ۾ ڇا گھرجي؟”
بيگم شبانه جون خوشيءَ ۾ واڇون ٽڙي پيو
‘‘ڏنڊ اهو آهي ته هيءَ پارٽي هاڻي گھر بدران ڪنهن سُٺي هوٽل ۾ ٿيندي. ته جيئن سڀن کي پتو پوي ته بيگم شبانه وقار جو ڇا سوشل اسٽيٽس آھي.’’
وقار وراڻيو
‘‘جي.......جي بيگم صاحبه، بندو غلام آھي.’’
شبانه جي من ۾ ڄڻ خوشي جا ڪنول ٽڙي پيا، وڌي وڃي وقار کي ڳراٽي پاتائين.
***