پنھنجي پاران : منھنجي ڪھاڻي
تڏھن وڏي ڪوشش کانپوءِ ماما نور الدين ‘‘نفيس’’ کي چيو ھيم: “ماما منھنجي ڪتاب تي ڪجهه لک .’’
ڪوشش انھيءَ لاءِ ته جڏھن به آئون لکندو ھيس، ته ھن کان لِڪي لِڪي لکندو ھيس. ھڪ حجاب ھوندو ھو، جيڪو مونکي پنھنجا خيال ھن سان ونڊڻ کان روڪيندو ھو.
اُھا ٻي ڳالهه ھئي، ته مون ھن کي ڏسي ڏسي سندس نقشِ قدم تي ھلي لکڻ شروع ڪيو ھو.
منھجي اھڙيءَ ئي ڀورائي تي ھُن ھڪ ڀيرو تڏھن پردو وڌو ھو، جڏھن مون انٽرميڊيٽ پڙھڻ دوران 1997 ۾ جاتيءَ جا نوجوان ميڙي سرھاڻ آرٽ سرڪل جو بنياد وجھي اسٽيج ناٽڪ “راز” پي ڪيو.
تڏھن جاتيءَ ۾ ھر پنجين ڇھين مھيني اسٽيج ڊرامو ٿيندو ھو، ان ۾ ھن جو مرڪزي ڪردار ھوندو ھو.
مون به سندس واٽ وٺندي اھڙو قدم کنيو ھو، ھونئن به چوندا آھن ته ڀيڻج مامن جي واٽ وٺندا آھن.
سو گرائونڊ ريھرسل کان ھڪ رات اڳ ھو پاڻمرادو ريھرسل ۾ ھليو آيو، آئون ته کيس ڏسي پريشان ٿي ويو ھيس. پر ھن تڏھن وڏي جو ڪردار ادا ڪندي، منھنجي ٻاراڻي وھيءَ ۾ لکيل ڪھاڻي کي ترتيب ڏئي منھنجي پت بچائي ۽ ڊرامي کي سٺي پذيرائي ملي.
ڪتاب ڇپائڻ جي حوالي سان به مون ماما نور الدين ‘‘نفيس’’ سان ذڪر نه ڪيو ھو، شايد ھن کي ڪٿان خبر پئجي وئي ھئي، تنھن انھيءَ تي لکڻ لاءِ ذھن به ٺاھي ڇڏيو ھو.
ورندي ڏني ھئائين
“آئون سوچيان پيو، ته تنھنجي ڄمڻ کان وٺي ھيستائين جي پوري ڪھاڻي لکان. انھيءَ ڪھاڻيءَ ۾ تنھنجي ٻاروتڻ وارين شرارتن کان ويندي تنھنجي ادبي سفر جو احوال ھجي. “
ھن جي اھڙي ذڪر تي آئون خوش ٿي ويو ھيس، ڇاڪاڻ سندس چيچ پڪڙي مون ھلڻ سکيو ھو، کيس لکندي ڏسي مون لکڻ شروع ڪيو ھو. وري جيڪڏھن منھنجي ڪتاب ۾ ان پاران لکيل منھنجو پروفائل شامل ھجي، ته ان کان وڏو مون لاءِ ٻيو ڪھڙو اعزاز ٿي سگھي ٿو.
پر پوءِ ھو ذاتي زندگيءَ جي خفن ۾ ڪجهه اھڙي طرح وڃائجي ويو، جو اھا ڳالهه اتي ئي رھي.
مون کيس ڪجهه ڀيرا يادگيري به ڏياري، پر شايد ھن کي لکڻ لاءِ مناسب وقت ۽ ماحول نه پئي مليو، نيٺ منھنجو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو. جنھن کي ڏسي ھو تمام گھڻو خوش ٿيو ھو. پر مون کيس ڏوراپو ڏنو ھو، جنھن تي ھن ورندي ڏني ھئي
“اڙي بابا! تنھنجو ھيءُ ڪتاب آخري ته ناھي، ٻي ڪتاب ۾ آئون ڀرپور لکندس.’’
پر مونکي اھا ڄاڻ نه ھئي، ته ھن جي زندگي ڪا ٻه ٽي سال رھي ھئي، ۽ آئون سندس لفظن کان محروم ٿي ويندس.
اڄ جڏھن آئون پنھنجي ٻي ڪتاب “گلن سان تعزيت” لاءِ ڪجهه لکي رھيو آھيان، ته ھن جي ڪمي محسوس ڪري رھيو آھيان.
منھنجي سامھون ڪيترائي ھٿ آھن، پر انھن ۾ انھيءَ شخص جو ھٿ نظر نه پيو اچي، جيڪو شخص افسانن جھڙو ھو. جنھن جي شخصيت جي خوشبو ئي جدا ھئي. جنھن جي ذات جو سحر ئي پنھنجو ھو، تڏھن ته اڄ آئون پنھنجي ڪھاڻين تي ڪجهه لکڻ بدران ھن جي ڪھاڻي بيان ڪري رھيو آھيان. ڇاڪاڻ ھن جي ڪھاڻي ئي منھنجي ڪھاڻي ئي آھي، ۽ منھنجي ڪھاڻي ھن جي ڪھاڻي آھي.
ڪلهه جيان اڄ به ھو مون سان گڏ آھي، اڄ به منھنجي گھر جو پڌر ھن جي گھر جي پڌر سان گڏ آھي. ڪلھه جيان اڄ به منھنجي ڪنن تي ھن جي سڏن جا آواز پوندا آھن.
“سلام! اچ ته اڄ توکي نئون غزل ٻڌايان…”
۽ آئون سندس تخيل جي اُڏام ۾ پاڻ کي اڏامندي محسوس ڪندو ھيس.
منھنجي ھن ڪتاب ۾ به ڪافي منھنجي زندگيءَ سان جڙيل ڪٿائون شامل آھن، ھو به منھنجي زندگيءَ جو ساھ کڻندڙ افسانو آھي. منھنجي ڪھاڻين جي ڪردارن جي سڃاڻپ ڀلي جدا ھجي، انھن جو درد ڀلي الڳ ھجي...پر روئڻ ساڳيو آھي، لڙڪ ساڳيا آھن...احساس ساڳيا آھن.
جيڪڏھن منھنجون ڪھاڻيون ڪنھن کي پنھنجي سور روئڻ لاءِ پٿر لڳن ٿيون، ته اھو به مون لاءِ اعزاز آھي، ڇاڪاڻ منھنجو اصل موضوع سورَ ئي آھن.
پوءِ اھي سور وينٽيليٽر تي آخري ساھ کڻندڙ رشتن جا ھجن، يا وري محبتن جي مُرجھايل گلن جا ھجن، اھڙا گل جيڪي صبح ٽڙي شام جو ڪومائجي ويا ھجن. مون پيار جي موضوع تي گھڻو لکيو. جنھن جو ھڪ سبب اھو به ٿي سگھي ٿو ته منھنجي وھيءَ ۾ ساٿ جي موسم ڪي پل مھربان رھي ھوندي. تنھنڪري ئي مون حقيقي زندگيءَ کان وڌيڪ ڪھاڻين ۾ گذاريو آھي. ڪھاڻي جو ھڪ الڳ سنسار ٿئي ٿو، جنھن ۾ ھڪ ليکڪ ڄڻ ھڪ دؤر مان گذريو اچي. عام ماڻھو جي ڀيٽ ۾ ڪھاڻيڪار ھڪ نه پر ڪيترن ئي دؤرن مان گذريل ماڻھو لڳندو آھي.
ھڪ حوالي سان آئون پاڻ کي خوشنصيب سمجھان ٿو ته مونکي سينئرز توڙي جونيئرز ليکڪن وٽان ھڪ جيترو مانُ ملندو رھيو آھي. اصل ڳالهه روين ۽ ڳالھين کي مثبت وٺڻ جي آھي.
مونکي ياد پيو اچي “اوسيئڙي ۾ جڙيل آس” ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ منھنجي ڪھاڻي “سوا سير” جيڪا “چماٽ” جي نالي سان ھزار داستان ۾ ڇپي ھئي، تنھن تي مشھور ڪھاڻيڪار محمد صديق منڱيو رايو ڏنو ھو ته :
“ڪھاڻي بھترين آھي، پر اھا فرينچ ادب مان کنيل لڳي ٿي.’’
مون جڏھن اھو پڙھيو ته مونکي چڙ بدران خوشي ٿي، ساٿي ڪهاڻيڪار اختر حفيظ کان سائين محمد صديق منڱيو جو نمبر وٺي سندس شڪريو ادا ڪندي چيم:
“سائين اوھان جا وڙ، جو توھان کي مون سکندڙ جي ڪھاڻي فرينچ ادب مان کنيل لڳي.’’
چيائين:
“ڇو راءِ قبول ناھي؟”
چيومانس:
“سائين توھان جي راءِ مون کي اھو حوصلو ڏنو آھي، ته اسان جا خيال به ٻاھر سرجندڙ ادب سان ڀيٽڻ جھڙا آھن. رھي ڳالهه فرينچ ادب جي.....مون ته سنڌي ادب به پورو ناھي پڙھيو.’’
۽ منھنجي گھٽ مطالعي جي عادت تي منھنجا دوست به ناراض ٿيندا آھن، ته ساڳي جڳهه تي مون کي به ان جو احساس آھي.
پر ڇا ڪجي
منھنجي زندگي جا معاملا بي ترتيب رھيا آھن، ھميشه مونجھارن جو شڪار رھيو آھيان. يا کڻي ائين چئجي مون ننڍي وھيءَ ۾ گھڻو ڀوڳيو آھي، تنھنڪري منھنجي لکڻين ۾ خارجي احساسن جي ڀيٽ ۾ داخلي احساس وڌيڪ آھن.
جڏھن به مون مطالعي جي حوالي سان سوچيو ھوندو، ڪي ڪتاب اٿلايا ھوندا،
ته امان جي وات مان رت جو ريلو ايندو ڏسي ڪتابن کي بند ڪري ڇڏيو ھوندم، جنھن وقت تي ھوءَ مونکي پلوءَ ڏئي سيڄ تي ڪنوار سان لانئون ڏيارڻ لاءِ وٺي وڃي ھا، تنھن وقت ۾ اڀاڳ مون کي ھن جي ڪلھي ڪانڌي بڻائي کيس لحد جو سينگار بڻايو.
اڃا ان جا زخم ھريا ھوندا، ته مون پنھنجي ساڄي ٻانھن جوان ڀاءُ کي برين ٽيومر سبب جناح ھاسپيٽل جي آنڪولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ بيڊ تي تڙپندو ڏٺو ھوندو، نه رڳو ايترو پر اتي ڪيتريون ئي ٻيون ڀوڳنائون، بيوسيون، سڏڪا ٻڌا ڏٺا ھوندم، جن ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي درد جي موضوع تي لکيل لٽريچر کان وڌيڪ اثر ھو.
اھڙين حالتن ۾ انسان جون ڪيفيتون ڇا ٿينديون آھن، اھو ھر اھلِ دل ماڻھو سمجھي سگھي ٿو، منھنجون تحريرون ڀوڳنائن جون پيداوار آھن.
باقي مون پنھنجي ڪھاڻين جي حوالي نه ڪڏھن وڏي حام ھنئي آھي، نه ئي ھڻندس، ڇاڪاڻ سکڻ جي مرحلي جي پڄاڻي ٿيڻي ناھي.
هن ڪتاب جي سلسلي ۾ جن به ساٿين پنهنجي ساٿ جي ونڊ ڪئي، تن جو آئون دليان مشڪور آهيان.
عبدالسلام ٿھيم
جاتي ٽائون، ضلعو سجاول
03332565570,03152565570
abdulsalamthaheem@yahoo.com
20-11-2017