ڪھاڻيون

گُلن سان تعزيت

”گلن سان تعزيت“ ۾ شامل 19 ڪهاڻيون مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن. جن ۾ سماج جي درست عڪاسي کان وٺي رومانوي جذباتيت کي به شانائتي جاءِ ڏني وئي آهي. شاندار ڪٿائون ئي عبدالسلام ٿهيم کي نئين ٽهيءَ جي ٻين ڪٿانويسن کان الڳ ڪري بيهارين ٿيون. عبدالسلام ٿهيم جي ڏات ۽ ڏانوَ جو ويڪرو آڳر، سندس سادي ٻوليءَ ۽ نون موضوعن جي روشنيءَ سان سدائين جڳمڳائيندي نظر اچي ٿو.
Title Cover of book گُلن سان تعزيت

خوشبوءَ جهڙي ڇوڪري

آئون ۽ حنا نوري ريسٽورنٽ جي ٻاهرين گيلري وٽ بيهي، لڳاتار ڪينجھر جي اُجرائپ ۽ حُسناڪين سان نيڻ ٺار ڪري رهيا هُئاسين. ريسٽورنٽ جي آسپاس بيٺل وڻن مان پکين جي تنوار اندر ۾ لهي من سرهو ڪري رهي هُئي، ساڳي جڳهه تي من ۾ لُڇ پُڇ به هُئي. ڇاڪاڻ ته اڄ وڇوڙي جو ڏينھن هو.
پروجيڪٽ جي ختم ٿيڻ سبب فيئرويل لاءِ ڪينجھر ڪناري ڪٺا ٿيا هُئاسين. زندگيءَ ۾ آيل نئين احساس منجھان اڃان ڪو ٻيو احساس ڦُٽي نڪري رهيو هو. اڃا ميلاپ جو سفر پنهنجي ڌڳ تي رسيو نه هو ته جيءُ کي وڇوڙي جا ورلاپ وڪوڙڻ لڳا هُئا. حنا پنهنجي نالي جيان سدا ملوڪ هُئي. هن جي مزاج ۾ ڪو به مصنوعي رنگ چٽيل ڪو نه هو. ڇاڪاڻ ته فطرت کيس پنهنجو اصل رنگ ڏنو هو. جنهن سب هوءَ جھڙي هُئي من مُهڻي تهڙي هُئي سيرت سُهڻي. سندس زُلفن ۾ ڄمارون گُذارڻ لاءِ من آتو رھندو هو. سندس نيڻ نئين صبح جھڙي جوت رکندا هُئا، سندس آواز ۾ ڪنهن به نراسائي جي ٻُڙڪ ڪانه ٻُرندي هُئي. سندس مُرڪ موناليزا جي مُرڪ کان به وڌيڪ پُرڪشش هُئي.
هوءَ جوائنگ کانپوءِ اڪثر خاموش رهي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي هُئي. اسان سان گڏ نوڪري ڪندڙ جمشيد ۽ وقار هن جي ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي، پر هن کين “ادا” چئي دين جو ڀاءُ ڪوٺي وڌيڪ موقعو ئي نه ڏنو.
آئون روز هن کي اکين ۾ جھلي تڪيندو رهندو هوس، منهنجي گھور هن نوٽ نه ڪئي هُئي. ھڪ ڀيرو هُوءَ آفيس جي ڪچن مان چانهه جو ڪپ کڻي ٻاهر نڪتي ته آئون هن جي منهن ۾ پئجي ويس، ھن شايد منھنجون اکيون پڙھي ورتيون ھيون. پڇيائين
“ ڇا ڳالهه آهي جليل.........مون ۾ اوهان ڪجهه........!؟”
آءٌ ڄڻ چور جيان پڪڙجي پيو هوس، پر مليل موقعو وڃائڻ نٿي چاهيم. ٺڙڪ چئي ڏنم
“بس توهان ۾ ڪجهه ڳولهيان پيو......!!’’
هن جي چهري تي شرارتي مرڪ ظاھر ٿي، هلڪو مُرڪندي وراڻيائين: “ڇا جي ڳولا اٿوَ......؟ نه مان آمريڪا آهيان نه ئي توهان ڪولمبس، جو مون کي .........!!’’
مون حنا جي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
“ڪولمبس ان دؤر ۾ آمريڪا ڳولي لڌي هُئي جنهن دؤر ۾ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين رَسائي آسان نه هُئي. پر هن کي ڳولا سان عشق هو ۽ عشق پاڻ ۾ هر نامُمڪن کي مُمڪن بنائڻ جو دم رکندو آھي. بس دُعا ڪجو.’’
هن وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيو
“ھا ھا ھا، سائين انھيءَ ڳولا ۾ توھان جي عمر کٽي ويندي، پر حاصل ڪجهه به نه ڪندا.’’
مون هن سان اتفاق ڪندي وراڻيو:
‘‘توهان صحيح ٿا چئو، واقعي ڳولا جي رڻ ۾ ڄمارون کُٽي وينديون آهن. گھربل منزل ماڻڻ مشڪل ضرور هوندي آھي، پر ناممڪن ناھي ھوندي. بس ارادا اٽل ھجن....جيتري قدر مون کي پاڻ تي ڀروسو آھي ته منهنجا عزم هميشه پڪا رهيا آهن.’’
هن جي چهري تي خوشي جا تاثرات واضح ٿي پيا، چيائين “واھ..! ڏاڍو پاڻ تي ڀروسو اٿئو. مون کي به پُر عَزم ماڻهو وڻندا آهن. ڇاڪاڻ ته هنن جي خوابن ۾ به مقصد جا اولڙا هوندا آهن. جيڪو سوچيندا آهن، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ ويل ويهڻ به پسند ناهن ڪندا.’’
مون کي دلي سڪون مليو، چيم
“قُرب حــــنا..’’
اڄ ته دل ۾ خوشيءَ جا دهل وڄڻ لڳا هُئا، هن ڄڻ منهنجي ڳولا آسان ڪري ڇڏي ھئي. تنهن کان پوءِ آفيس ۾ اسان جي وچ ۾ ڊگھين ڪچهرين جو سلسلو جڙي ويو. حنا سان جڙيل انهن حسين سلسلن آفيس جي ڪجهه ورڪر ساٿين کي ساڙي ڇڏيو هو، هو رُڪاوٽون وجھڻ لڳا. پر حنا جو چهرو ڪڏھن به هنن جي عملن سبب ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو نه ٿيو. آءٌ اڪثر جذباتي ٿيندو هوس، پر هوءَ مون کي اکين جي اشارن سان سھپ تي گرفت مضبوط رکڻ لاءِ چوندي هُئي. هوءَ واقعي وڏي صابر هُئي، چوندي هُئي ته
“جيڪڏهن رقيبَ پنهنجي لڳايل باھ ۾ پاڻ سڙي مرن ته اُن کان وڏي ٻي هنن لاءِ سزا ڪھڙي ٿيندي. اسان ڇو انهن جو اثر وٺون..!؟”
هڪ دفعو ٽريننگ سيشن ۾ سڀ آفيس ميمبر گڏ شرڪت ڪري رهيا هُئاسين. انهيءَ دوران جڏهن حنا پنهنجو پرزنٽيشن ڏني ٿي، يا ڪو سوال ڪيو ٿي ته هنن وچ ۾ ڳالهائي ھن کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي. پر حنا اعتماد جي بنياد تي پنهنجي پرزنٽيشن پوري ڪري وئي ، لنچ مهل مون هن کان پُڇيو
“آخر هو ڇا ٿا چاهين، ايئن به ڪبو آهي ڇا؟”
هن ڳالهه کي درگُذر ڪندي وراڻيو
‘‘جليل! پليز مون سان انھن جي پچار نه ڪر، اھو ته ٻُڌاءِ تو هن ٽريننگ مان هيستائين ڇا سکيو آھي. ڪميونيڪيشن ۽ موبلائيزيشن جا ڪھڙا ٽول آھن، ھڪ سٺي موبلائيزر ۾ ڪھڙا موٽيويشن اسڪلز ھئڻ گھرجن ...!’’
مون هنن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حنا سان وراڻيو
“حنا مون فقط ۽ فقط اهو سمجھيو ته هنن پوري سيشن ۾ تنهنجي ڳالهه جو اثر ختم ڪرڻ جي هڙان وڙان ڪوشش ڪئي. مون کي ڏاڍي چڙ ٿي آئي هنن تي........!!’’
حنا جي چهري تي ڏُک ۽ ڪاوڙ جون لڪيرون جھاتيون پائڻ لڳيون، چڙ مان چيائين
“جليل تون به .......! ٽريننگ جو وڏو حصو ختم ٿي ويو ۽ تو ڪجهه سمجھڻ ۽ سکڻ بدران هنن تي فوڪس ڪيو. ماڻهو کي رستن تان ڪنڊا هٽائي اڳيان نڪرڻ گھرجي، هنن ته منهنجي پيرن کي پٿون ڪرڻ جي ڪوشش پي ڪئي. پر مون انهيءَ جو ڪو به اثر نه ورتو ۽ تون ......!!’’
مون کي حنا تي ڪاوڙ آئي
“ تون به ڏاڍي عجيب ڇوڪري آهين حنا! ماڻهو ايترو به مٺو نه ٿئي جو کيس ٻيو کائي وڃي. جيئن تون سوچين ٿي، هي مُعاشرو تيئين ناهي. هتي جيڪو جيتري عزت ڏي، تنھن کي اوترو ئي مانُ ڏيڻ گھرجي. تون ھروڀرو ھنن کي مٿي تي چاڙھين پئي.’’
هوءَ ڏُکاري ٿي وئي سواليه انداز ۾ پڇيائين
“جليل! ڀلا تنهنجي انهيءَ رَوَيي کي آئون ڇا سمجھان؟ ڀيٽ ڪيئن ڪجي ته توهان ۽ هوءَ مختلف آهيو. ڇا ڀونڪڻ وارن سان اسان کي به ڀونڪڻ گھرجي.!؟ مون هنن کي سمجھي ڇڏيو آهي، ته هو ڪيترو پاڻ ۾ ماڻهپو رکن ٿا. آئون ته اهو چوان ٿي ته هو پنهنجي عادت کان مجبور آهن. ۽ مان پنهنجي فطرت کان....هتي سڀ ڪو پنهنجي فطرت ظاهر ڪندو آهي.’’
ڳالهه منهنجي سمجهه کان چڙهي وئي ته آخر حنا ڪهڙي مٽيءَ مان ٺهيل آهي جو منجھس ايتري سھپ، ساڃاھ، هوش، عقل و فهم ...... ايتري صاف گو.’’
دل ۾ هن لاءِ پيار ۽ احترام اڳ کان به سوايو ٿي ويو. بس آئون دنگ رهجي ويو ھوس ۽ چُپ ٿي ويس. ساڳئي جڳهه تي خيال آيو هو ته ساڻس اظهار ڪري ڇڏيان، ڇاڪاڻ اسان ٻئي جذباتي ڪيفيتن ۾ هُئاسين ۽ جذباتي ڪيفيت ۾ چيل لفظ پاڻ ۾ روح رکندا آهن. پر وري به ماٺ، نه چئي سگھيس. دل کي ته پڪ ٿي وئي ته اسان هڪ ٻئي سان دليان جُڙي ويا آهيون. بس چوڻ جي دير هُئي.
رهيل ٽرينينگ مڪمل ڪري موٽي آياسين مون جيڪو هن ۾ ڳوليو پئي، سو مون ڏسي ورتو هو. هُن جي چاهت مون تي ڪجهه اهڙي طرح حاوي ٿي هُئي، جو مُنهنجي ذهن جي ڪُنڊ پاسن مان ماضي جي سمورين اڌورين محبتن جا نقش مٽجي رھيا هُئا. بس هاڻي منهنجي پيار جي هوءَ مڪملتا هُئي.ٽريننگ کان پوءِ ٻيھر جڏھن آفيس آيس ته مون ڪجهه اوپرائپ محسوس ڪئي هُئي. اسان ڪافي دير کان خاموشيءَ سان هڪٻئي جي سامهون ويهي فائل اُٿلائي رهيا هُئاسين. جڏهن ته جمشيد ۽ وقار جي گھور اسان جي طرف هُئي. نيٺ وقار اُٿي آيو
‘‘ جليل موسم ته ٺيڪ آهي، اڄ ڪجهه توهان ..…!؟”
حنا اُٿي ٻاهر هلي وئي. مون رُکائپ مان وراڻيو
‘‘ها، ڀلا موسم کي ڇا ٿيو آهي ؟ سڀ ٺيڪ آهي.’’
هن وراڻيو
“موسم ته ٺيڪ نه ٿي لڳي، ڪافي پريشاني ۽ خاموشي!’’
مون هن جي ڳالهه سمجھي ورتي، ۽ اُٿي ٻاهر هليو ويس. حنا ڪچن جي در وٽ رکيل ڪرسيءَ تي سوچن ۾ گم ويٺل هُئي. لاشعوري ۾ مٿي تان رئو لهي ويو هيس. زلفن جي چڳ نراڙ کان هيٺ هوا تي ليئا پائي رهي هُيس. جيئن مون کي ڏٺائين ته رئو مٿي تي سنڀالي رکيائين، مون ويجھو وڃي وٽائنس پُڇيو
“توهان چُپ ڇو آهيو...؟ آفيس ۾ ڪجهه سمجھيو پيو وڃي.’’
هن ڳالهه درگُذر ڪندي وراڻيو
“مون کي ان جي پرواھ ناهي، آئون اهڙن ماڻهن تي سوچي پنهنجو وقت وڃائڻ نٿي چاهيان ۽ توهان هڪ ڳالهه ٻُڌايو...؟”
هن جھيڻي لهجي ۾ وراڻيو
“ڪالهه مون اوهان تي چڙَ ڪئي، انهيءَ لاءِ معذرت ڪريان ٿي. بس جليل جيڪا ڳالهه مون کان هضم نه ٿيندي آهي، سا مُنهن تي چئي ڇڏيندي آهيان. مصنوعي رکاءُ مون کان ڪانه ٿئي.’’
مون وراڻيو
“نه حنا، مون تي ان جو ڪو اثر نه پيو. توهان وڌيڪ سمجھدار آهيو، شين کي وڌيڪ سمجھو ٿا. تڏهن ته....’’
هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو
“حجاب کان ڪم نه وٺو، توهان جي چهري جو رنگ اُن وقت ڦڪو ٿي ويو هو. ڏسو جي اوهان مُعاف نه ڪندا ته مان سمجھنديس توهان کي مُنهنجي ڳالهه بُري لڳي هُئي. اڃا به ان جو اثر توهان جي ذهن ۾ آهي.’’
مون کيس يقين ڏياريندي وراڻيو
“نه حنا آئون ناراض نه ٿيو هوس، بس شرمنده ٿيو هيس. توهان بلڪل سَچا آهيو. فضول ماڻهن تي سوچڻ پنهنجو نقصان آهي. بهتر اهو آهي ته ماڻهو پنهنجون سوچون ڪنهن تعميري ڪم تي صرف ڪري.’’
هن مُرڪندي وراڻيو
“شڪر آهي اوهان سمجھي ته ويا، مون کي ته صفا وڏيرا پئي لڳا.’’
هن جي ڳالهه مونکي چيڙائي وڌو، احتجاجن وراڻيم
“حنا هڪ ڳالهه مڃو، آئنده ڪڏهن به مونکي وڏيرو نه چئجو. مون کي سماج جي ان ڪردار سان سخت نفرت آهي.’’
هن مُرڪندي ڌيرج مان وراڻيو
‘‘وڏيرا نفرت ڪردار سان نه ڪرڻ گھرجي، ڪو به ڪردار خراب ناهي هوندو. سڄو دارومدار ڪردار ادا ڪرڻ واري تي هوندو آهي. وڏيرو وڏي کي چئبو آهي، اهو وڏو جنهن کي پنهنجي ننگ ۽ دنگ جو ڀرم رکڻ اچي. توهان مُعاشري جي جن ماڻهن کي وڏيرو سمجھو پيا. اهي پنهنجي ذات ۾ تمام پتڪڙا ماڻهو آهن. اهي ڪنهن به طرح ان ڪردار جي پيمائش ۾ نٿا اچن....... !’’
حنا مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو، کيس هر موضوع تي ڳالھائڻ ايندو ھو. مون آڻ مڃيندي وراڻيو
‘‘ٺيڪ آهي وڏيري.’’
هوءَ مُرڪي پئي ۽ دير تائين مُرڪندي رهي. منهنجي چهري تي به خوشي رقصان ٿي. ايتري ۾ وقار ٻاهر نڪتو. هن اسان کي جيئن ئي مرڪندي ڏٺو ته سندس مُنهن جو رنگ ئي بدلجي ويو ۽ آئون دل ۾ حنا کي دُعا ڏيڻ لڳس
‘‘ڪائنات جا ڌڻي مُنهنجي حنا جي مُرڪ تي ڪڏهن به خزان نه آڻجان..... هن جي سينڌ سنڌو جيان پوتر رهي، تون ئي سندس لوئي ۽ لڄ جو ضامن رهجان!’’
حنا مون لاءِ مُقدس ٿي وئي هُئي. هوءَ اڪثر مونکي وڏيرو ڪري سڏيندي هُئي. آئون ڪجهه گھڙيون منهن ڦيريندو هوس، ته هوءَ مُرڪي منهنجو رعب ٽوڙي ڇڏيندي هُئي ۽ آئون چوندو هوس ته ‘‘وڏيري تون وڏيري کان زور...’’
ايئن ئي کل ڀوڳ ۾ پروجيڪٽ جا 14 مهينا گذري ويا ھئا. پر اسان جي وچ ۾ اظهار نه ڪرڻ واري شرم ٻوٽي اڃا سائي ھئي. مون هن سان مضبوط رشتو جوڙڻ پي چاهيو، جنهن جي بنياد ۾ دير جو ٿيڻ فطري هو.
اڄ جڏهن ملاقات جو آخري ڏينھن هو، ته دل جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي هُئي. ڪافي دير کان ڪينجھر ۾ ڏسي رهيا هُئاسين، نيٺ هن خاموشي ٽوڙيندي چيو
“ڪينجھر ۾ ڇا پيا ڏسو ايڏي دير کان، ڇا ان ۾ به ڳولا...!؟”
مون اڃان ڪجهه به نه وراڻيو ته هن ٻيهر چيو
“مون ۾ ته ڪجهه به ڳولھي نه سگھيا، ڪينجھر ۾ وري ڇا ڳولھي لھندا؟”
مون هلڪي مُرڪ مُرڪندي وراڻيو
“حـــــنا! مون ته تو ۾ گھڻا ڏينھن اڳ سڀ ڳولهي ورتو هو...!’’
هن ڳالهه ۾ دلچسپي وٺندي حيرت مان پڇيو
‘‘اڙي واھ! مون کي به نه ٻُڌايو اوهان، ٻُڌايو نه سائين آخر اهو ڇا هو جو اوهان مون ۾ ڳولهي ورتو..... ۽ ان جو مونکي به پتو نه پيو..؟”
مون وراڻيو
“حـــــــنا سمجھڻ يا محسوس ڪرڻ به ڪجهه هوندو آهي. خير توهان ڪينجھر ۾ ڏسو، ڪجهه ڏسڻ ۾ پيو اچي!’’
هن ٺڙڪ وراڻيو
“ ها، پاڻي.’’
مون کي کل ڇڏائي وئي، ۽ بعد ۾ هن به مُرڪي ڏنو، مون ٻيهر وراڻيو
“توهان ڪينجھر ۾ غور سان ڏسو، ڪجهه نظر پيو اچي!’’
هن سنجيدگي مان پُڇيو
“ڪينجھر ۾، پر ڇا.......!؟”
مون وراڻيو:
“ آهي ڪا خاص! جنهن جي تصوير مُنهنجي اکين ۾ آهي.’’
مون هن ڏانهن ڏٺو، ڪجهه گھڙيون هن جي چهري تان مُرڪ غائب ٿي.
“اڄ ته وڏيري جو مزاج شاعراڻو پيو لڳي، آخر ڪير آهي اها جنهن جا عڪس توهان کي ڪينجھر ۾ نظر اچن پيا.؟”
مون ھن جي اکين سان اکيون ملائي وراڻيو
“بس آهي ڪا ڪونج! جنهن جي ڪرڪ ڏور شفق منجھان گونجي اچي منهنجي ڪنن ۾ سرگوشي ڏئي من کي سرهو ڪندي آهي .’’
هن ڳالهه ۾ تجسس محسوس ڪيو، وراڻيائين
“اڙي واھ! ھاڻي ٻُڌاءِ سائين...ڪير آهي اِها..مون کان لڪايو پيا’’
مون اڃا به ڳالهه تان پردو کڻڻ نٿي چاهيو
“ آهي ڪا اپسرا، جنهن جا جلوا چنڊ کي به مُنور ڪري سگھن ٿا. مون لاءِ ھوءَ تمام خاص ۽ مُقدس آهي، جنهن کي مان ڪڏهن به ڇُهي عام ڪرڻ نه چاهيندس. هن سان آئون مُحبت ۾ به عقيدت رکان ٿو!’’
هن وراڻيو :
‘‘ پر جــــــليل اِهي خوابن جون ڳالهيون آهن، اڄ جي د‍‍ؤر ۾ اهڙي چاهت جو ڏُڪار آهي. جيڪي مُحبت عبادت جيان ڪن... سي ماڻهو ڪٿي آهن هتي؟”
مون کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
“حــــــنا آئون مڃان ٿو ته بي حيائي عروج تي آهي، مُنافقت جي پيهه ۾ سچائي جي پرک ڪرڻ ڏُکي آهي. پر وري به اهڙا ماڻهو ملي وڃن ٿا، جن کي نينهن جو ڀرم رکڻ اچي ٿو.’’
هن بي اعتباريءَ مان وراڻيو
“نه جـــــــليل! گھٽ ۾ گھٽ آئون هن مُعاشري مان اهڙي اُميد نه ٿي رکي سگهان. هتي ماڻھو پيار جسمن جي بک مٽائڻ لاءِ ڪن ٿا. هنن ۾ عقيدت تيستائين هوندي آهي، جيستائين ڇوڪري سندن ڄار ۾ ڦاسندي نه آهي. هتي سڀ جا سڀ هڪ جھڙا آهن.’’
هن ڳالهه ڪري اڃا مس بس ڪئي ته مون چيو
“ ته پوءِ حنا! اوهان جو مون لاءِ ڇا خيال آهي ؟”
“ڇا مطلب........!!؟”
هوءَ مُنجھي پئي، ۽ مون هن تي پنهنجي نفسياتي برتري محسوس ڪئي هُئي. پهريون ڀيرو مُنهنجي زُبان دل جو ساٿ ڏئي چئي ڏنو
“ مون ته اوهان کي ڇُهڻ بنا چاهيو آهي، مون ته ڪڏهن به اوهان آڏو پنهنجي خواهش ظاهر نه ڪئي آهي. مون ته پنهنجي چاهت جو هميشه تقدس قائم رکيو آهي، ۽ مون سوير کان ڪينجھر ۾ اوهان جو ئي عڪس ڏٺو پي... ۽ مون توهان ۾ چاهت ڳولھي هُئي جيڪا.....’’ اوچتو ريسٽورنٽ هال مان سڏ ٿيو، هوءَ بنا ڪڇڻ پُڇڻ جي اندر هلي وئي. سندس چهري جا تاثرات مون ڪجهه گھڙيون ڳالهائيندي منجھيل محسوس ڪيا، دل ۾ خوف پيدا ٿي ويو. ڪٿي هن مُنهنجي اظهار جو بُرو اثر ته نه ورتو. هونئن به انهيءَ خوف سبب ئي ايترا ڏينهن چاهيندي به اظهار نه ڪري سگھيو هُيس، ڳڻتي منجهه سينو ڄڻ ڳڀا ٿي ويو ھو. تقريب شروع ٿي وئي هُئي. پر اندر وڃڻ لاءِ مُنهنجا پير نه ٿي رهيا هُئا، ڇاڪاڻ ته وڇوڙي جو ڀوائتو چهرو ڏسڻ جو مون ۾ حوصلو نه رهيو هو. وڏي ڳالهه ته مُنهنجي چهري جي به حالت ڏُکاري هُئي، جنهن کي مون جمشيد ۽ وقار وارن جي اڳيان ظاهر نٿي ڪرڻ چاهيو. پر هو اڄ ڪافي خوش هُئا، وري مُنهنجو اداس هُجڻ هنن لاءِ وڏي سرھائي جو سبب بنجي ها. ڪجهه گھڙين کانپوءِ پنهنجي چهري تي مُرڪ سجائي هال ۾ هليو آيس. سڀ پنهنجا پنهنجا تاثرات ڏئي رهيا هُئا. مون رکي رکي حـــــــنا ڏانهن چتايو پئي، پر هن مون ڏانهن نه ڏسي مون کي وڌيڪ اُڻ تُڻ ۾ وجھي ڇڏيو ھو، اها بيچيني اڃا تڏهن سوائي ٿي وئي جڏهن حــــــــنا اُٿي بيٺي ۽ پنهنجا الوداعي تاثرات ڏيڻ لڳي.
‘‘اها حقيقت آهي ته ڪجهه عرصو اڳ جيڪو اسان جو ساٿ جڙيو هو، تنهن جي اڄ پُڄاڻي ٿي رهي آهي. اڄ کانپوءِ سڀن جون واٽون جُدا هونديون.’’
مونکي پگھر وٺي ويو، پنهنجي پاڻ تي سخت ڪاوڙ اچي رهي هُئي. حـــــــنا جي ڳالهه جاري هُئي
“ پر هتي آئون اهو به چوڻ چاهينديس ته هر پُڄاڻي انتها لاءِ نه ٿيندي آهي، پر ڪا ڪا پڄاڻي شروع ئي ابتدا لاءِ ٿيندي آهي. اها ابتدا انسان کي پنهنجي اصل ماڳ ڏانهن وٺي ويندي آهي ۽ مُنهنجي زندگي جي هڪ اهم موڙ جي ابتدا ئي اڄ ٿي آهي.’’
هن مون ڏانهن نهاري مُسڪُرايو، سندس مرڪ سان منھنجي بي چين روح کي سڪون ملي ويو.
***