رسول حمزا توف کان رسول ميمڻ تائين : رحمت پيرزادو
ڊاڪٽر رسول ميمڻ ڊاڪٽريءَ جي مسيحائي پيشي سان تعلق هوندي قلم جو قدآور ليکڪ بنجي قلم جو مانُ رکيو آهي. ”منهنجي لاءِ هيءَ دنيا ڪيئن هوندي جي رسول ميمڻ ڪجھه به نه لکي هان؟” ان سوال جو جواب اهو آهي ته ”منهنجي لاءِ هي دنيا جيڪڏهن مڪمل خالي نه هجي هان اگر هُو ڪجھه به نه لکي هان، پر بي رونق، ٻُسي ۽ ڇسي ضرور هجي هان. ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي هڪ ڪهاڻيءَ جو هڪ جملو هيو ته ”هُن جي ماءُ مري وئي، ۽ هُن جي پيءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي، ۽ پوءِ هُن کي پيءُ به ڪڏهن نه ملي سگھيو.“ اهڙا جملا شهر جي چوراهن، اسڪولن ۽ بس اسٽاپن تي لکرائجن ته سماج سڌري سگھي ٿو. هو ڌرتيءَ جو ليکڪ آ هن جون پاڙون صدين جي سيني ۾ کُتل آهن.
1979ع ۾ ڇپيل سندس پهرئين شعري مجموعي ”اوشا جي آشا“ کان چاليهه سال پوءِ اڄ 2019ع ۾ سندس هي ڪتاب ”ساڌ ٻيلي جا گيت“ آن لائين ٿي رهيو آهي ته هن جا ڪارا وار چاندي چاندي ٿي چُڪا آهن، مگر انهن چاندي وارن جي پويان سندس اعليٰ شعور جي اُجري ۽ اوچي پرواز ڪٿي پهتي آهي، اهو اوهان کي هي ڪتاب ٻُڌائيندو. سندس ڪتابن تي سدائين وڏن ليکڪن مهاڳ لکيا آهن، جن ۾ رشيد ڀٽي ۽ امرجليل جهڙا نالا آهن، اتي آئون پنهنجي لاعلميءَ کي ڍڪيندي ڪي وڏا فلسفا ڇيڙڻ نامناسب ٿو سمجھان فقط ايترو لکندس ته رسول ميمڻ سنڌ ۾ هڪڙو ئي آهي.