ڏينهن جو چنڊ
گرم چانديءَ جيان
رِجي ڌرتيءَ تي ڪري ٿو.
ڪوئي پَکي
ٻرندڙ ڌوپ کان بچڻ لئي
منهنجي پاڇي جي
چوگرد ڦري ٿو،
اُڏري ٿو ڪِري ٿو.
اوڻويهين تاريخ جو
اُداس چنڊ
ٽاڪ منجھند جو
بيٺو آهي کڙيو
اولهه طرف،
جيئن ڪو واريءَ تي لکيل
هوا جو ميٽايل حرف،
جيئن ڪو چنڊ جو آهي لاش،
ڪرڻا کڻي ڪُلهن تي جنهن کي
ڪن ٿا اونداهي قبر تلاش،
جتي هُو پورجي جرڪي پوي.
ڏينهن جو چنڊ
پي ويو جنهن جي
پيلاڻ کي ڪوئي.
چانڊوڪي هيڊاڻ کي ڪوئي.
شايد رستو ڀُلي پيو آهي.
گھاءُ کائي ڏينهن ڏٺي جو
شهر جي چوواٽي تي
ڪري پيو آهي.
ڏينهن به ڪيڏو ظالم آهي،
درٻاري ڪو عالم آهي،
روشنيءَ جو دعويدار ٿئي
ڪيڏا قهر ڪرائي ٿو،
پنهنجن ڪوڙن دلاسن تي
ڪيڏا ڪُونڌر ڪُهائي ٿو.
ڏينهن ڏٺي جو اُڀ جي
چوواٽي تي چنڊ جو لاش پيو آ.
اُداس نه ٿيو اي ستارو!
چوڏهينءَ ۾ ڇا وقت بچيو آ
چنڊ کي روشن ٿي آخر
اونداهيءَ ۾ اچڻو آ،
امن جي چانڊوڪيءَ ۾
ماڻهوءَ ماڻهوءَ نچڻو آ.