سچ ۽ ڪوڙ جي وچ تي
ڇا ڪوڙ آ،
رڳو ڌوڙ ئي ڌوڙ آ-
ڪوئي انت آ انقلابن جو؟
رات بنا خوابن جو،
ڪلهه جا غدار،
اڄ جا هيرو،
ڇا آسمان ڪلهه هو هيڊو،
اڄ آ نيرو؟
ڪلهه جا هيرو
اڄ جا غدار،
ڄڻ ڪاري اوندهه
چنڊ جا وار.
ڪوئي انت آ نظامن جو؟
محبُوب بنا شامن جو؟
جيئن آ جيڪو آ
سچ آ،
ڇا باهه بنا مچ آ؟
پر تو وٽ ساڳيا گورباچوف،
دوستو فسڪيءَ وارا خوف.
ماٺ کي بيٺي مُلڪ ۾ تنهنجي
ڪيڏو وقت ٿيو.
هوش ۾ آئي سوشلزم
مرگھيءَ کان پو
منهنجا پيارا گورڪي،
تنهنجي ٺاهيل ماءُ
رات مئي،
واريءَ جي ٺهيل ڄڻ ته هئي.
هُوءَ جيڪا ووڊڪا پياريندي هئي،
ماريندي هئي، الئه جياريندي هئي.
تنهن ڪيڏا پُٽ ڄڻيا ها
تنهنجي ناول جا صفحا،
مون کي وڻيا ها،
پر پوءِ به سچ کي ڪوڙ چئي
يا شايد ڪوڙ کي سچ چئي،
ماريو ويو آ-
تڏهن ته اسٽالن جي قبر مان
ٽراٽسڪي ڇرڪ ڀري جاڳي پيو آ.
ڪير هيرو
ڪير غدار،
هر انقلاب کي پنهنجا ڄار.
ڪهڙيون منزلون
ڪهڙا نظام!
محبوبن سان ملڻ لئي
رستا جام.
جت چپ چپن سان جُڙندا
اُت ئي ماڻهو مڙندا.
انقلاب محبوب جي ڳلن تي ڳوڙها
جيئن هڪ ٻئي پويان ڳڙن ٿا.
سچ
مان اهي نيڻ ۽
اهي مون کي ڏسن ٿا،
منزل
هن جي ۽ منهنجي وچ ۾
سوڙهي ٿي وئي آ،
سوشلزم
منهنجي ماءُ جيان
پوڙهي ٿي وئي آ.