اداري پاران: اکرن منجهه آواز
اڄ اسان فخر سان چئي سگهون ٿا ته رسول ميمڻ جو گهڻ پاسائون، تخليقي ڪم جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي عالم تائين پهچي ته سنڌي فڪشن (ڪهاڻي ۽ ناول) عالمي سطح تي غير معمولي مڃتا ماڻي سگهي ٿو.
لکڻ، رسول ميمڻ لاءِ لباس وانگر رهيو آهي، لکڻ رسول ميمڻ جي رُوح جي رياضت آهي، هُن دل جي حضور ۽ صدق سان جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، اهو اسان سڀني لاءِ فخر جو سبب آهي، ادبي سماج ڏانهن رسول ميمڻ جو رويو به ڪمال انوکو رکيو آهي، هو ميلن جهميلن کان پري رهيو آهي، عُهدا، ڪرسيون ڪڏهن به سندس طلب جو حصو ناهن رهيون، صدارتون، شامون، ايوارڊ، اعزاز سندس مٿي جو سور ۽ خفت ناهن رهيا، هُن جو قلم ۽ هُن جي تنهائي ئي هُن جا دوست رهيا آهن ۽ هُن انهن سان دوستيءَ جو پورو پورو حق ادا ڪيو آهي.
رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون ۽ ناول ناسٽيلجيا جي ڪوهيڙي مان به ظاهر ٿين ٿا، هُن وٽ چٽو تاريخي شعور به آهي، هو لفظن جي حُرمت ۽ پاڪيزگيءَ کي دل جي گهرائين سان محسوس ڪري ٿو (۽ محسوس ڪرائي ٿو.) لفظ، خيال سندس جادوگر اکين مان ٿيندا، سندس جادوگر آڱرين تي رقص ڪن ٿا ۽ ائين هو لازوال فن پارا تخليق ڪندو رهي ٿو. رسول ميمڻ جون لکڻيون سندس جيان، خاموش، اڪثر آهستي ڳالهائيندڙ ۽ پوءِ حيران ڪري ڇڏيندڙ آهن.
خدا، انسان، روح ۽ ڪائنات جي رمزن متعلق رسول ميمڻ جو فلسفيانو ڪم سندس ڏاهپ جو الڳ چئپٽر آهي. جيڪو کيس دانش جي اعليٰ پد تي بيهاري ٿو.
شاعري (جيڪا رسول ميمڻ جي بقول هڪ ٽين ائجر عاشق کي ئي ڪرڻ سونهين ٿي...) اها شاعري جيڪا هُن پنهنجي ٽين ائج ۾ ڪئي (يا هاڻ به ڪڏهن ڪڏهن تخليق ڪري ٿو) سندس منفرد شاعر هُجڻ جي سڃاڻ رهي آهي. “نولکا” ۽ “ڏيکارو” اهي صنفون آهن جن کي شاعريءَ جي جهان ۾ رسول ميمڻ متعارف ڪرايو... رسول ميمڻ جي شاعريءَ ۾ ڪهاڻيون ۽ سندس ڪهاڻين ۾ شاعري وکريل ملندي.
مختلف ادبي موضوعن (۽ شخصيتن) تي لکيل رسول ميمڻ جا مضمون، اڪيڊمڪ هوندي به تخليق جو اعليٰ نمونو ڀاسندا آهن، مختلف سالن ۾ لکيل انهن مضمونن جي سهيڙ ۽ ڇپائيءَ جي ضرورت به شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي.
رسول ميمڻ جي پڙهندڙن جو هڪ مخصوص ذهين حلقو سڄي سنڌ ۾ موجود آهي، پر انهيءَ حلقي جي ڊيگهه ويڪر ۾ اڃان به اضافو ٿيڻو آهي. اسين شيخ اياز کان سندس پنهنجي لاءِ ئي چيل لفظ اُڌارا وٺي رسول ميمڻ لاءِ استعمال ڪنداسين ته ”رسول ميمڻ مستقبل جي به مستقبل جو ليکڪ آهي.“
”پوپٽ“ سان رسول ميمڻ جون محبتون، اسان لاءِ اعزاز رهيون آهن، ”پوپٽ“ جو اهڙو ڪهڙو شمارو آهي، جنهن ۾ رسول ميمڻ جي لؤبان لفظن جي خوشبوءِ شامل نه هجي؟ ”پوپٽ“ پاران سندس هِڪ تفصيلي انٽرويو به ڪيو ويو هيو، جنهن کي پڙهندڙن گهڻي پيار سان پڙهيو، هُن پنهنجا ڪتاب ”پوپٽ“ کي ڇاپڻ لاءِ ڏنا آهن... ۽ ”پوپٽ“ جي به خواهش پئي رهي ته پنهنجي هن غير معمولي آرٽسٽ کي ننڍڙي ئي سهي، مڃتا ڏجي (اصل ۾ ”پوپٽ“ پنهنجي غير معمولي ڏاتيارين کي پنهنجي وت آهر مڃتا ڏئي، پاڻ کي مڃتا ڏيارڻ چاهيندو پئي رهيو آهي.)
اسان جي خواهش هئي ته 1 جنوري 2016ع تي رسول ميمڻ جي 60 هين جنم ڏينهن تي کيس ”پوپٽ“ جي هن خاص شماري جي سوکڙي پيش ڪري، سندس چپن تي اُڀري ايندڙ مُرڪ مڃتا طور وصول ڪريون، پر اسان ائين ڪري نه سگهياسين... ۽ هينئر 1 جنوري 2017ع تي سندس 61 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي هيءَ ننڍڙي صحي (جيڪا يقينن سندس ڪم جي حساب سان، انهيءَ پد جي بلڪل به ناهي) پيش ڪندي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون، اميد ته پڙهندڙن کي به ”پوپٽ“ جو هي خاص شمارو پسند ايندو.
- امر اقبال
(ايڊيٽر، پوپٽ مئگزين)