ڏات ڌڻي پاران: ڪهاڻي ڌرتيءَ مان ڦُٽي ٿي
ڌرتي تخليق جو وسيلو آهي. ڌرتي آهي ته اسان جون تخليقون آهن، ڌرتيءَ کان سواءِ سڀ تخليقون بي مقصد ٿي وڃن ٿيون، مان معاشري جو فرد آهيان ۽ هڪ فرد جي حيثيت سان ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جا ڏک سور محسوس ڪيان ٿو. هڪ ليکڪ جا اندروني سور به انسانن کان الڳ نه آهن. اسان جون لکڻيون معاشري مان جنم وٺن ٿيون، معاشرو جيڪو ڏکن، سورن، غربت ۽ بيروزگاريءَ سان ڀريل آهي. معاشرو جنهن کي ڌرتي پناهه ڏئي ٿي. معاشرو جيڪو قوم جو بنياد بنجي ٿو ۽ قوم جيڪا ڌرتيءَ سان جنم وٺي ٿي.
منهنجون ڪهاڻيون سنڌ جون ڪهاڻيون آهن، پوءِ مان اهي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکان، اردوءَ ۾ لکان يا انگريزيءَ ۾، زبان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، زبانون اظهار جو ذريعو آهن، اسين جيڪا زبان لکي پڙهي ۽ ڳالهائي سگهون ٿا، اها زبان اسان جي آهي، قوم جو تعلق ڌرتيءَ سان هوندو آهي، زبان سان نه، آفريڪا جي ڪجهه خطن ۾ پنجويهن ڪلوميٽرن جي دائري ۾ پنجويهه زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. ايشيا جي ڪجهه حصن ۾ به ساڳي صورتحال رهي آهي. فرد ويڙهي کي جنم ڏئي ٿو. ويڙهو وڌي قبيلو ٿي پوي ٿو. قبيلن جي وچ ۾ وٿيون آهن، پهاڙ آهن. جبل آهن، ريگستان، درياهه، سمنڊ ۽ حجاب آهن، وچ جون وٿيون زبانن جي فرق جو سبب بنجن ٿيون، لهجا ڦري پون ٿا، اچار بدلجي پون ٿا. زبانون بگڙجي وڃن ٿيون، پر هاڻي رابطن جي بحاليءَ ۾ تيزي آئي آهي. زبانون هڪ ٻئي ۾ ائين جذب ٿي رهيون آهن جيئن ست سمنڊ. توهان چکي ڏسو ستن ئي سمنڊن جو پاڻي کارو آهي.
نسرتائي عمل (Evolutionary Process) هيٺ دنيا ۾ زبانن جي کچڙي پچي رهي آهي، چمڙين جا رنگ بدلجي رهيا آهن. طاقتور تهذيبون ڪمزور تهذيبن کي ڳڙڪائي رهيون آهن. پر فطري طور اهو سڀ انسانن جي ڀلي لاءِ آهي. فطرت (Nature) هر عمل ۾ ساهواري کي ترجيح ڏئي ٿي، قومون، فطرت نه ٺاهيندي آهي، اسان پنهنجي سڃاڻپ ۽ بچاءُ لاءِ قبيلا ۽ قومون ٺاهيندا آهيون.
اڄ جڏهن مان هندستان لڏي ويل سنڌي اديبن جي نئين نسل جون لکڻيون پڙهان ٿو ته انهن ۾ استعمال ٿيل ٻولي ڏکئي محسوس ٿئي ٿي. ائين ئي جڏهن اهي سنڌ جي نئين نسل جون لکڻيون پڙهندا هوندا ته کين ڏکيائي محسوس ٿيندي هوندي، اهو سڀ فطري آهي، اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته ڌرتيءَ تي رچندڙ ماحول فطري طرح شين کي تبديل ڪري ٿو. برصغير، جنهن جو سرجيڪل آپريشن ڪري جسم ڪٽيو ويو. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو سرجيڪل آپريشن کان پوءِ ان جي زخمن ۾ روڳ نه ڀرجڻ گهرجي ها، پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو آپريشن ٿيٽر ۾ وڍ ڪٽ جو سامان جراثيمن کان پاڪ ڪندڙ مشين (Autoclave) ڀڳل هوندي آهي ۽ اهڙن اوزارن سان ڪيل آپريشن زخمن اندر روڳ جمع ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. برصغير جي جسم جا چير، بنگال ۽ پنجاب ۾ ته ڇٽي ويا پر سنڌ اندر روڳ اڃا وهي رهيو آهي. خبر نه آهي سنڌ جا زخم ڪڏهن ڇُٽندا؟ منهنجي پرامن ۽ پاڪدامن سنڌ، جنهن جي جهول ۾ صبر جا ڦل مٺا نه آهن، ڪڏهن ائين لڳندو آهي، ڄڻ گذريل سٺ سالن اندر سنڌ جي سطح هيٺ ٿي وئي آهي ۽ هيٺائينءَ ڪري ندي نالن جي صورت ۾ وهندڙ ماڻهن جي سيلاب ڪري ٻڏندڙ سنڌ ۾ اسان دربدر ٿي ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي، جتي سرڪاري کاڌي جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
جيئن فطرتي (Natural) رويو آهي ائين غير فطري (Antinatural) رويو پڻ آهي. فطرت سان ڇيڙڇاڙ هاڃيڪار آهي. بابل، نينوا، يونان ۽ روم جي ڪن حصن ۾ ڪڏهن عورت جي سڀ کان ويجهي رشتي سان شادي جائز هوندي هئي، اتي اهڙا ٻار ڄمندا هيا جن کي ٻه منڍيون ۽ ڪتي جهڙا پڇ هوندا هيا، غير فطري عمل ڀيانڪ ردعمل پيدا ڪري ٿو، اسين تماڪو ڇڪي، ٻيلا ڪٽي، جبل ٽُڪي، درياهن جا رستا روڪي، ايٽمي ڌماڪن ۽ ميزائيلن مان ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا؟ تابڪاري ۽ غير فطري جنسي عمل ڇا ڏئي سگهن ٿا. تلاءَ ۾ مٽي پاڻيءَ جي تري ۾ هوندي آهي. ڪو پاڻيءَ ۾ پير وجهي انهيءَ جاءِ تان گندو ڪري ٿو جتان پيئڻ جي جاءِ آهي. سنڌ ۾ گذريل سٺ سالن کان غير فطري عمل جاري آهي. ان کي روڪڻو پوندو، سنڌ جي سطح کي اونچو ڪري سيلابن جا رُخ بدلائڻا پوندا، ڇو جو اهڙي عمل سان موافقت (Adaptation) جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. فطرت ۾ موافقت پاڻ مرادو (Autonomous) عمل آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ اهڙا ڪئي ڌارا پاڻ ۾ سمائي چڪي آهي پر سيلابن جي صورتحال ابتر آهي. سنڌي ڪهاڻي اهڙن ئي موضوعن تي مشتمل آهي. سنڌ جي تخليقي ادب ۾ سنڌ کان وڏو موضوع ڪو به نه آهي. اسان ڌرتيءَ کان الڳ ٿي لکڻ لائق نه ٿا رهون.
ادب اهڙو وڻ آهي، جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ سان جڙيل آهن، مون هڪ اهڙو ئي مقالو پڙهيو هيو، جنهن جو غلط مطلب ورتو ويو، مون جڏهن چيو ته “ادب اهڙي بڙ جيان آهي جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ آهن پر بڙ جون ڪجهه پاڙون هوا ۾ لڙڪي ڌرتي ڳولهين ٿيون.” ته چيو ويو “لکڻ لاءِ ڌرتيءَ جو هجڻ ضروري نه آهي ڇو جو آفاقيت به ڪا شيءِ آهي.”
آفاقيت جو مطلب Achievement آهي، آفاقيت آسماني ڳالهيون ڪرڻ جو نانءُ نه آهي، جڏهن لکڻيون تخليق جي اوچائين کي ڇُهن ته اها آفاقيت آهي.
ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌي ڪهاڻي گذريل ڪجهه سالن کان زوال پذير آهي، ان جو سبب بنيادي تعليم جو غير معياري هجڻ ۽ مطالعي جي گهٽتائي آهي. ساڳي حالت سنڌ ۾ لکي ويندڙ اردو ڪهاڻيءَ جي آهي، جنهن جو موضوع گهريلو ۽ ذاتي مسئلن تائين محدود آهي. اردو ڪهاڻي بنگالي ڪهاڻيءَ کان پوءِ برصغير جي سڀ کان طاقتور ڪهاڻي رهي آهي، ڇو جو ورهاڱي کان اڳ اتان جي اديبن ڌرتيءَ کي موضوع بنائي ماڻهن جي ڏکن کي اجاگر ڪيو. پريمچند مفلسيءَ کي موضوع بنايو. ان جا ڪردار ڌرتيءَ سان رچيل آهن، جيڪڏهن منٽو عظيم اديب آهي ته اهو پنجاب جي ڌرتيءَ سان وابستا آهي. امرتا پريتم، بلونت سنگهه ۽ راجندر سنگهه بيدي اردو زبان جا عظيم اديب آهن جن پنجاب جي سرزمين تي وسندڙ ماڻهن جي جذبن جي عڪاسي ڪئي، ڪرشن چندر ڌرتيءَ جي ورهاڱي تي وڍيل دل هٿ ۾ کڻي ظ:م خلاف نعرا هڻندي نظر اچي ٿو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ آيل ڀائر جن کي هاڻي “مهاجر” نه ٿو چئي سگهجي، ڇو جو ڪنهن به خطي ۾ آيل ڪنهن نسل جي ستين پيڙهي مهاجر نه هوندي آهي، سنڌ ۾ نسرتائي عمل (Evolutionary Process) تحت هڪ نئين ثقافت جنم وٺي رهي آهي. سنڌ جي رهڻي ڪرڻي، رڌ پچاءُ ۽ طعام تبديل ٿي رهيا آهن. سٺ واري ڏهاڪي اندر ڪراچيءَ ۾ نظر ايندڙ پوڙها جن کي شيروانيون، ڪرتا، پاجاما پاتل هوندا هيا، مٿي تي اڇي ٻيڙيءَ نما ٽوپي هوندي هئي. هاڻي اتي سلوار قميصن ۾ ملبوس نوجوان نظر اچي رهيا آهن، دراصل جاگرافيائيءَ طرح ڪنهن به معاشري ۾ هڪجهڙائي (Homogenity) کي اچڻ لاءِ صدين جي ضرورت پوي ٿي، جيڪڏهن اهڙي معاشري کي ٽوڙيو وڃي ته پوءِ ان کي هڪجهڙائي حاصل ڪرڻ لاءِ وري وڏي وقت جي ضرورت پئجي وڃي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۾ جاري ٻاهرين آمد کي روڪيو وڃي، جيئن افراتفريءَ کي ٻنجو ڏئي جيڪي موجود آهن، انهن ۾ نئين سماج جي جوڙجڪ ٿي سگهي، ان لاءِ شرط آهي ته سڀني کي سنڌ ڌرتيءَ سان ناتو جوڙڻو پوندو.
اچو ته ڪنڊا ميڙي ڌرتيءَ کي ريڄ ڏيون، ڦٽندڙ سرنهن جا گُل اسان جي ڪهاڻين جي ڪردارن جا هيڊا چهرا ئي ته هوندا.
- رسول ميمڻ
ڪراچي