منفرد ڪهاڻيڪار : پرهه ابڙو
سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ امر جليل وٽ متاثر ڪرڻ جي وڏي سگهه آهي، پر نسيم کرل، خيرالنساءِ جعفري، جمال ابڙو، نور الهديٰ شاهه، انيس انصاري، شرجيل، اخلاق انصاري، مدد علي سنڌي، طارق عالم، لياقت رضوي، ملڪ آگاڻي، رزاق مهر ۽ ٻين به خوف نڀايو آهي. موجوده دور ۾ ڪهاڻيءَ کي مٿانهون ڪرڻ ۾ ڪيترائي ناميارا ڪهاڻيڪار شامل آهن، جن جو ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون، انهن مان رسول ميمڻ جو نالو نمايان ملي ٿو.
رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1977ع ۾ “امن جي نالي” ڇپجي پڌرو ٿيو، انهي مجموعي سنڌ ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو.
“بند ڪمري ڪا راز” جي نالي سان سندس ڪهاڻيون اردوءَ ۾ به ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون آهن، هتي رسول ميمڻ جي مختلف ڪتابن ۾ موجود مختلف ڪهاڻين تي تڪڙي نِهارَ وجهجي ٿي.
“امن جي نالي”: هن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ جنگ کان نفرت ۽ بيزاري تي ٻڌل آهي. سندس هن ڪهاڻي ۾ ايتري گهرائپ آهي جو شايد ئي ڪنهن لکندڙ ۾ ايتري گهرائپ هجي، ٻولي ۽ منظرنگاري ۽ مقصد چٽو ظاهر اٿس.
“گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا”: هيءَ ڪهاڻي موجوده سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي، اسان جي سماج ۾ ايترو ته ظلم ۽ ستم آهي هر پاسي نااميدي پکڙيل آهي جو اندهه ئي اوندهه نظر اچي ٿي، ناانصافيون آهن. هن ڪهاڻي ۾ به هڪ پوڙهو آهي جيڪو هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار آهي. هيءَ هڪ غريب ۽ عام ڪردار آهي جنهن کي معاشري جي ناانصافيءَ تنگ ڪيو آهي. هو سماج کي انڌو ٻوڙو ۽ گونگو محسوس ڪري ٿو. هن جي لاءِ اميد جا سڀ دروازا بند آهن هو هن سماج ۾ رڙيون ڪري ٿو ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ جتن ٿو ڪري سندس اهي رڙيون ڪير به نه ٿو سُڻي، هو آسمان، تارن ۽ اوندهه سان ڳالهائي ٿو. هُو پنهنجي بک، مجبوري جي ڳالهه ڪري ٿو.
رسول ميمڻ هن ڪهاڻي ۾ احساس محرومي جي ڳالهه کي واضح ڪيو آهي. هن کي سماج ۾ اهڙو فرد نظر نٿو اچي جيڪو سماج جي انڌيرن کي مٽائي. پاڻ لکي ٿو.
“ڪير آهي هن سماج جو رکوالو، هن اوندهه جي انڌي معاشري جو جوابدار ۽ بي نور قدمن هيٺان مجبور لاچار رڙين کان بيگانو.”
“پيار”: هن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ دنيا ۾ امن جي تباهيءَ تي ٻڌل آهي، هڪ نوجوان آهي، جنهن وٽ دنيا کي تبديل ڪرڻ جو جذبو آهي، جيڪو دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي اميد جاڳايو ويٺو آهي پر سندس پيءَ ان شيءِ کان نااميدي ظاهر ڪري ٿو.
هن جو پٽ سياست ۽ سماجيات جي مضمون جو شاگرد آهي، هو سوچي ٿو، پنهنجي پيءَ کي چوي ٿو ته بابا اوهان جي راءِ درست آهي پر اهي نفرتون شعور وسيلي ختم ڪري سگهجن ٿيون.
“مهديءَ جو جنم”: هن ڪهاڻيءَ جو پلاٽ سماج تي کلي تنقيد ڪري ٿو. اسان جو سماج ذات پات، قوم قبيلي، رنگ نسل، مذهب، فرقي، ٻولي زبان جي آڙ ۾ ورهايل آهي، هر هڪ پنهنجي ذات، قبيلي ۽ ٻولي کي معتبر سمجهي ٿو.
هيءَ ڪهاڻي 20 هين صدي جي عڪاسي ڪري ٿي، رسول ميمڻ، مريم نالي هڪ تمثيلي عورت ڏيکاري ٿو. جنهن جو ڪو به قبيلو ناهي ڪا به زبان ناهي، پر ڪو به ملڪ هن کي تسليم نه ٿو ڪري، هندستان مان مسلمان سمجهي ڪڍي وڃي ٿي، پاڪستان مان عيسائي سمجهي ڪڍي وڃي ٿي، آمريڪا مان رنگ جي ڪري ڪڍي وڃي ٿي، نيٺ هماليا جبل ۾ پناهه وٺي رهي ٿي، سندس اهو جواب آهي ته مان نه مسلم، هندو، عيسائي، ڪاري، نه گوري آهيان. آئون سڀني جي وجود جو عڪس آهيان. مان انسان آهيان، ڪهاڻيءَ جي ٻولي ۽ منظر نگاري ايتري ته بهترين ٿيل آهي جو حساس دل جو مالڪ پڙهندڙ روئي پوي.
رسول ميمڻ هڪ نئين سوچ کڻي ايندڙ ليکڪ آهي، موضوعن ۾ نواڻ اٿس. سندس ڪهاڻين مان معلوم ٿئي ٿو ته هو حساس دل جو مالڪ ليکڪ آهي اها دل جيڪا ڪنهن شاعر وٽ هوندي آهي.
سندس ڪهاڻين ۾ جيڪي موضوع آهن انهن ۾ مفلسي، غربت، امن، جهالت، پيار شامل آهن. سندس سموريون ڪهاڻيون حقيقت نگاريءَ کي پيش ڪن ٿيون. ڪنهن شيءِ کي ڏسڻ کان پوءِ ان کي محسوس ڪري ورقن تي انهيءَ خوبصورتي سان لکڻ جو فن صرف ۽ صرف رسول ميمڻ وٽ آهي، ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳندو ڄڻ ڪا شيءِ هن کي مجبور ڪندي هجي ۽ جنهن کان پوءِ هو لکڻ شروع ڪندو هجي.
سندس ڪهاڻي ۾ نه رڳو فڪر آهي پر فن به آهي، هو پنهنجي افسانن کي سينگارڻ جو ماهر آهي، ٻوليءَ جي خوبصورتي، منظرن جي تبديلي سندس اهم خصوصيتون آهن. افساني جي فن لاءِ جيڪي شيون گهربل هونديون آهن هي سڀ سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن. رسول ميمڻ جون تخليقون سنڌي ادب جو اهم ۽ منفرد اثاثو آهن، جنهن تي اسان جا ايندڙ نسل به فخر ڪري سگهندا.