شخصيتون ۽ خاڪا

رسول ميمڻ (پوپٽ نمبر)

هي ڪتاب نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شخصيت تي پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايل پوپٽ نمبر آھي. امر اقبال لکي ٿو:
”رسول ميمڻ اهو منفرد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ سريئلسٽڪ۽ سمبالڪ انداز ۾ ڪهاڻي لکڻ جا پُختا بُنياد وڌا ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ واري رستي تي سفر ڪندي، نه صرف پنهنجي الڳ ۽ مٿاهين سڃاڻپ پيدا ڪئي پر سنڌي ڪهاڻيءَ کي پڻ “شروعات، وچ ۽ پُڄاڻيءَ” واري روايتي رستي کان ڌار ڪيو، سندس انوکي اظهار جو ڪمال چئجي، جو ڪيئي سال اڳ سندس تخليقي سفر جي شروعاتي سالن ۾ ئي امر جليل جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي مقبول ترين ڪهاڻيڪار سندس غير روايتي اظهار تي خوشي ۽ حيرت جو اظهار ڪيو. “
  • 4.5/5.0
  • 2015
  • 345
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رسول ميمڻ (پوپٽ نمبر)

ساروڻيون: يادن جو البم-9 (ادل سومرو)

پهرين جنوري 2016ع تي فون ڪري مون رسول ميمڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون، جيئن ئي نئين سال جي شروعات ٿي، واچ جا ڪانٽا ٻارنهن کان اڳتي ٽپيا ته رسول ميمڻ سان مون ڳالهايو. هي جنم ڏينهن، پٺين جنم ڏينهن کان ڪجهه مختلف هو، جو رسول ميمڻ عمر جا سٺ سال پورا ڪري چُڪو هو. هو هڪ ماهر پيٿالاجسٽ آهي ۽ هاڻي سرڪاري نوڪريءَ مان به آزاد ٿي چڪو هو. ڊاڪٽر رٽائرڊ نه ٿيندا آهن ڇو ته انهن جو ڪم جاري رهندو آهي. رسول ميمڻ جو پروفيشن به جاري آهي. باقي سرڪاري نوڪريءَ جي پابنديءَ مان کيس آجپو مليو آهي. اسان ڪجهه دير پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهياسين ته ڪيئن هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي رانديون کيڏندا هئاسين ۽ هاڻي سٺ سال گذاري چڪا آهيون، ايترو وقت تيزيءَ سان گذري ويو جو خبر ئي نه پئي. ماضيءَ جا واقعا ائين ٿا محسوس ٿين ڄڻ تازو ئي گذريا هجن. اڄ به سڀئي منظر اکين آڏو ڦري رهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون جن ۾ شريڪ ٿيندا هئا، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، ولي دائودپوٽو، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جن مان ڪو به هاڻي اسان ۾ موجود ناهي.
“موت بي رحم بادشاهه آهي، جنهن جي درٻار ۾ مهلت، ڪنهن به ڪرسيءَ تي ويٺل ناهي. موت ٻوڙو سردار آهي، جنهن تي آهُن جو ڪو اثر نٿو ٿئي. موت انڌو فقير آهي، جيڪو بنا تفريق، سڀني جي در تي سين هڻي ٿو.” (قالو بلا: ص41)
رسول ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ به مان هن بابت ئي سوچيندو رهيس. ڇا ته جنون هو، لکڻ، پڙهڻ، فلمون ڏسڻ، گهڻو ڪري هر آچر تي ڪلاسيڪل انگريزي فلمون ڏسندا هئاسين. جن ۾ آرٽ موويز به شامل هونديون هيون. سيمسن ڊيلائلا، هنچ بيڪ آف نوٽريڊيم، قبلائي خان، بن حر، سن فلاور، سمر آف 42، سيون نائٽيس اِن جپان ۽ ٻيون ڪيئي فلمون، رسول ميمڻ کي گهڻو شوق هوندو هو، فلمن جو، جون جولاءِ ۾ جڏهن سکر ۾ سخت گرمي هوندي آهي، تڏهن به فلمن ڏسڻ جو سلسلو جاري رهندو هو، شاليمار سئنيما ايئرڪنڊيشنڊ هوندي هئي، باقي ٻين جا حال پورا هئا، سکر جي اديبن مان هڪ مولائي شيدائي ۽ ٻئي رسول ميمڻ کي فلمن ڏسڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. مولائي شيدائيءَ سان پير حسام الدين راشدي فلم ڏسڻ ويندو هو، جڏهن ته رسول ميمڻ سان مان ڪمپني ڪندو هئس، پير حسام الدين راشدي، مولائي شيدائيءَ جي ان شوق بابت لکي ٿو:
“انهيءَ زماني ۾ اسان روزانو شام جو سئنيما تي ويندا هئاسين، انهيءَ ڏينهن به پروگرام هو، ليڪن اوچتو صبح جو پرئي مڙس رحلت ڪئي! ڪفن دفن کانپوءِ جڏهن شام جو پٿر تي ويٺا هئاسين، تڏهن سُري اچي ڪن ۾ چيائين:
“بابو ته ويو الله ڏي... وري ته موٽندو ڪون.
توڙي اسان گلم تي ويٺا رهون، توڙي اسان امپيريل سئنيما جي ڪرسين تي هلي ويهون، ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي.”
“اڙي هي مهمان ڇا چوندا؟ تنهنجا عزيز ڇا چوندا؟ مون کي شرم ٿو اچي!”
کيل جو وقت ٿيو ته زوريءَ گهلي هليو.
ٻئي ڏينهن غلام نبيءَ کلي چيو:
“ڏسين ٿو مولائيءَ جا ڪم!”
“اڙي، بابي جي پٿر ڪرڻ لاءِ تون ئي ڪافي آهين”
مولائيءَ رڙ ڪري چيو ۽ ڀاڪر پائيندي مون کي چيائين:
“اڄ به هلنداسين!”
“هائو، اڄ به هلنداسين.”
(هو ڏوٿي، هو ڏينهن: صفحو 287)

بهرحال رسول ميمڻ ۽ مون سان ڪڏهن اهڙو مرحلو نه آيو، لکڻ جي حوالي سان رسول ميمڻ، اسان سڀني همعصرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ۽ بهترين لکيو. ڪهاڻيون، شاعري ۽ ناول، ٽنهي شعبن ۾ هن پنهنجي انفراديت قائم ڪئي ۽ پاڻ مڃرايو. اسان سڀني کان هن جي تخليقي سگهه ۽ مطالعو وڌيڪ آهي. 1977ع ۾ هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “امن جي نالي” ڇپيو. ان کانپوءِ مسلسل هن جا ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن. پڙهندڙن سان هن جو رابطو قائم رهيو آهي.
سندس شروعاتي پنجن ڪتابن، “امن جي نالي” (ڪهاڻيون)، “ڪافر ديوتا” (ڪهاڻيون)، “اوشا جي آشا” (شاعري)، “چچريل زندگين جا قافلا” (ڪهاڻيون) ۽ “ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن” (خاڪا) جا ٽائيٽل مون ٺاهيا. ان تي مان اڄ به سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. بعد ۾ هن جا ڪتاب ايندا رهيا آهن، هڪ وڏي آرٽسٽ وانگر رسول ميمڻ زندگيءَ جي مشاهدن ۽ تجربن ۽ واقعن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو آهي. ٻولي هن جي حڪم جي منتظر هوندي آهي.
پنهنجي ڪهاڻين جي مجموعي “فونو” جو انتساب رسول ميمڻ، پنهنجي وڇڙي ويل نوجوان پٽ سميع الله جي نالي ڪيو آهي، اِها رسول ميمڻ جي زندگيءَ جي وڏي ٽرئجڊي هئي. اهڙو ئي الميو رفيق سومري جي زندگيءَ ۾ به آيو، جڏهن سندس نوجوان پٽ نديم گذاري ويو هو. اهڙا حادثا اِنسان کي لوڏي ٿا ڇڏين، زندگي بي معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي.
“اي رب! تنهنجا اسرار تون ئي ڄاڻين، منهنجي اڳيان ۽ پويان اوندهه آهي ۽ وچ ۾ مان روشنيءَ جي ذرن جيان موجود آهيان، منهنجي اُڏام جي حد مقرر آهي. سمنڊ لا محدود، مان اڃان ڪناري کان ترڻ شروع ڪريان ٿو. ان جون زوردار ڇوليون، مون کي ڦيرائي ڪناري تي ڦٽو ڪن ٿيون. مان جيڪو خود اعتماديءَ جي فريب ۾ مبتلا هيس، اهو جنهن کان اکين جو نور کسجي ويو آهي ۽ اهڙي اوندهه نصيب ٿي آهي، جيڪا حقيقت آهي، اها ئي زندگي آهي، شايد روح جو رنگ ڪارو آهي.”
(فونو: صفو 8)
رسول ميمڻ پنهنجي ڪهاڻين جي مجموعي “سونو ڏند” ۾ شامل ڪهاڻي “ڳوٽ” پنهنجي نوجوان پٽ بابت لکي آهي، جنهن کي هن بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر بچائي نه سگهيو، سندس چواڻي هيءَ زندگي توهان ۽ قسمت جي وچ ۾ شطرنج راند آهي.
“هو وري هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهيو. ڳوڙها هن جي اکين مان وهي راند مٿان ڪري، هاريل رت جيان نظر اچڻ لڳا. هو بادشاهه بنا راند کيڏندو رهيو ۽ سڏڪندو رهيو.”
(فونو-ڪهاڻي ڳوٽ: صفحو 54)
رسول ميمڻ جو ڪتاب “ابابيل جي آخري اُڏام” 1993ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ هو لکندو ته رهيو، پر سندس ڪتاب “فونو” 2009ع ۾ ڇپيو. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران سندس ڪتاب تڪڙا ڇپيا. “اڻويهه عورتون” (ناول)، “سونو ڏند” (ڪهاڻيون) “قالو بلا” (ناول)، “حليمان” (ڪهاڻيون) “نجومي” (ناول) “عشق جو آسيب” (ڪهاڻيون) جن کي پڙهندڙن پاران وڏي موٽ ملي آهي. پوپٽ پبلشنگ هائوس جو چيئرمين قربان منگي، “قالو بلا” ناول جي پبلشر نوٽ ۾ لکي ٿو ته “پوپٽ پاران جڏهن رسول ميمڻ جو ناول “اڻويهه عورتون” ۽ ڪهاڻي ڪتاب “سونو ڏند” شايع ڪيا ويا ته اُهي ڪتاب مارڪيٽ مان هٿو هٿ وڪامي ويا.”
رسول ميمڻ چواڻي: “لکڻ جادو آهي، اهڙو جادو سيکاري نه ٿو سگهجي”
مان به ائين ئي چوندس ته رسول ميمڻ جادوگر ليکڪ آهي، هن کي موضوعن جي محتاجي ناهي. هو جڏهن به چاهي لکي سگهي ٿو.
***
26 مارچ 1994ع تي امر جليل جو لکيل خط مون کي، 12 اپريل 1994ع تي مليو، جو هنن دير سان پوسٽ ڪيو هو، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان، ادبي انعامن جي سلسلي ۾ مون سائينءَ کي ڪهاڻين جا ڪتاب موڪليا هئا ته جيئن انهن جي باري ۾ هڪ جج (منصف) طور پنهنجي راءِ ڏين. هر صنف تي ٽن ججن کي گذارش ڪئي وئي هئي. انهن ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ رسول ميمڻ جو ڪتاب “ابابيل جي آخري اُڏام” به شامل هو. امر جليل اهو چئي معذرت ڪئي ته، هو جيئن ته اڳ ۾ ئي رسول ميمڻ جي ڪهاڻين کي پسند ڪري ٿو، تنهن ڪري متان فيصلي ڏيڻ ۾ انصاف نه ڪري سگهي.
“امن جي نالي” جي اشاعت تي به امرجليل پنهنجي احساسن جو اظهار ڪيو هو ۽ رسول ميمڻ جي ڪهاڻين کي تمام گهڻو پسند ڪيو هو، امر جليل پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو هو ته “رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون مون کي حيران ڪنديون آهن، وزڊم جي وڏي ۾ وڏي تصديق حيرت آهي. “ابابيل جي آخري اُڏام” ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون، سوچ، فڪر ۽ اسلوب جي لحاظ کان تمام اعليٰ، مٿانهون ۽ منفرد ڪهاڻيون آهن، نه ادل نه، مون کي آزمائش ۾ نه وجهو... مان ڪنهن منصف وانگر روباٽ نه آهيان، مان دل ۽ دماغ جي وچ ۾ سرحد، ڇڪي نه سگهندس، ڪا ڀت بيهاري نه سگهندس. هي خط لکي مان پاڻ کي آزمائش کان آزاد ڪري رهيو آهيان. آپگهات آڏو منهنجو منطق قطعي بي معنيٰ ٿي پيو آهي، مان فيصلو ڏئي نه سگهندس. مون کي معاف ڪجو.”
رسول ميمڻ جي ڪهاڻين بابت امر جليل جي اِها راءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. امر جليل اهڙو ڪهاڻيڪار آهي. جنهن نون ڪهاڻيڪارن تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن، هر نئون پڙهندڙ، امر جليل جي ڪهاڻين وسيلي ڇڪجي ٻين، ڪتابن تائين پهچي ٿو.
***
8 مارچ 2013ع، تي منهنجي بيٺڪ “حُسين صالح هائوس” تي رسول ميمڻ سان هڪ ڪچهري رکي وئي. جنهن ۾ رسول ميمڻ جي همعصر دوستن ۽ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۽ شاعرن، اياز گل، ممتاز بخاري، ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو، مهر خادم، خواجه ذوالفقار، شفن منڱريو، زاهد راهوجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ اسان رسول ميمڻ کي ئي ٻُڌڻ چاهيو هو ۽ هن کُليءَ دل سان پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جو ذڪر ڪيو هو. هُن پنهنجي مطالعي جي باري ۾ ٻڌايو هو، هو چاهي ٿو ته پنهنجو گهڻي ۾ گهڻو وقت لکڻ کي ڏئي، ان ڪري ادبي پروگرامن ۾ گهٽ شريڪ ٿيندو آهي. هو نويڪلائيءَ کي پسند ڪري ٿو. هو پنهنجي سعدي ٽائون ڪراچيءَ واري گهر جي مٿين حصي ۾ جوڙيل مطالعي واري ڪمري ۾ گهڻو وقت گذاريندو آهي. اڄڪلهه فلسفي ۽ تاريخ جي مضمونن کي گهڻو وقت ڏئي رهيو آهي. رسول ميمڻ جي ڏاهپ ڀري اظهار، سندس دوستن ۽ نون ليکڪن کي گهڻو متاثر ڪيو، رسول ميمڻ اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، پر هُن جي نسبت پنهنجي شهر سکر سان ئي آهي.
***
6 فيبروري 2015ع تي مان ڪراچي هُيس، رسول ميمڻ کي مون سان اڪثر شڪايت هوندي آهي ته مان ڪراچيءَ ۾ هوندي، هن سان نه ملندو آهيان ۽ نه وري رابطو ڪندو آهيان، ڪراچي هڪ تيز رفتار شهر آهي. هڪ شهر ۾ ڏهه شهر آهن، هڪ ڏينهن ۾ صرف هڪ دوست سان ئي ملاقات ٿي سگهي ٿي. مان رسول ميمڻ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڪڏهن ملندا آهيون ته ڪڏهن وري نه ملي سگهندا آهيون. ان ڏينهن رسول ميمڻ کي فون ڪيم، ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو پهريون ڏينهن هو، شام جو ان جو افتتاح هو. رسول ميمڻ پنهنجي ڪار تي پهچي ويو، هو به مون وانگر ڊرائيونگ نه ڪري سگهندو آهي، پنهنجي ڊرائيور سان آيو، سوچيو سين ته سمنڊ تي هلي ڪچهري ٿا ڪيون. سي ويو (Sea View) تي آياسين. رسول ميمڻ ٻڌايو ته اڄڪلهه هو گاڊجين تي تحقيق ڪري رهيو آهي، ٻاهرين دنيا ۾ ان موضوع تي ڪم ٿيو آهي، پر اسان وٽ خاص طور سنڌي ادب ۾ ان تي ڪم نه ٿيو آهي، هو پاڻ به هڪ پئٿالاجسٽ آهي، اِهي سندس پسند جا موضوع آهن، هُن ٻڌايو ته هو گاڊجين تي سائنس ۽ فلسفي جي نسبت سان تجزيو ڪندي هڪ ڌار اڀياس لکڻ چاهي ٿو. بهرحال رسول ميمڻ اِن نئين فڪر تي هڪ شاندار ڪتاب لکي پورو ڪيو آهي، جنهن کي ماءِ پبلشرز سکر وارن دوستن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ ان مضمون تي هي پهريون ڪتاب آهي. جيڪو بحث جا نوان دروازا کوليندو، سوچ ويچار جا نوان رستا کلندا. رسول ميمڻ ان ڪتاب ذريعي هڪ دانشور ۽ فلسفيءَ جي روپ ۾ متعارف ٿيو آهي. ان کان اڳ سندس تخليقي ڏاهپ، ڪهاڻين، شاعريءَ ۽ ناولن ذريعي پڌري ٿي چڪي آهي.
اسان سمنڊ تي ڪافي دير رهياسين، پرڀاسي واري ريسٽورينٽ تي لنچ ڪئي ۽ پنهنجي ماضيءَ کي ساري، ٽهڪ ڏيندا رهياسين، ته اڳ ۾ ڪيترو آزاد هئاسين، رسول ميمڻ جي گهر جو ماحول اهڙو نه هو جو هن کي لکڻ پڙهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. سندس والد چاچو محمد يعقوب هڪ استاد هو، پر هو چاهيندو هو ته رسول ميمڻ پنهنجو سڄو ڌيان ڊاڪٽريءَ واري پروفيشن ڏانهن ڏئي، ان ڪري رسول ميمڻ پنهنجي ڪهاڻيڪار واري روپ کي گهڻو پڌرو نه ڪندو هو. جڏهن هُن پنهنجو شعري مجموعو “اوشا جي آشا” ڇپرايو، ته اُهو اسان بوڪ بائينڊر چاچي چني وٽان کڻڻ وياسين، سندس دڪان نم جي چاڙهيءَ وٽ هو. رسول ميمڻ، رفيق سومرو ۽ مان ٽيئي گڏ هئاسين.
رسول ميمڻ مونکي چيو ته ان ڪتاب جون سموريون ڪاپيون مان پنهنجي گهر رکرايان، ڇو ته جيڪڏهن هُو پنهنجي گهر اِهي ڪاپيون کڻي ويو ته سندس والد سخت ناراض ٿيندو. ڪتاب کي گهر پُهچائڻ لاءِ ٿلهي تان ٽانگي جي ڳولا ڪئي سين، پر نه مليو، سخت گرمي هجڻ ڪري منجهند جو سڀ ٽانگا غائب هئا. صرف گڏهه گاڏي وارا ئي موجود هئا. آخر بيزار ٿي اسان هڪ گڏهه گاڏو ڪري ان تي ڪتاب رکياسين ۽ ٽيئي ڄڻا به ان تي ويٺاسين... ان واقعي کي ياد ڪري، رسول ميمڻ ۽ مان ڏاڍا ٽهڪ ڏنا، سمنڊ اسان جي ٽهڪن تي پريشان ٿي ويو.