جينيئس ليکڪ: احمد شاڪر
قلم ڪيترو طاقتور آهي؟ قلم ڪيترا قبيلا فتح ٿو ڪري سگهي؟ انهن سوالن جا جواب مونکي صفا ويجهڙ ۾ ئي مليا آهن. ذهن جي زمين تيستائين زرخيز نه ٿي ٿيئي، جيستائين کيس “علم” جو آبِ سيراب نه ٿو ڪري، ساءِ رسول ميمڻ جا ناول ۽ ڪهاڻيون، يسوح مسيح جيان مڙدن ۾ ساهه ڦوڪڻ جيتري سگهه رکندڙ آهن. ناولن جي نگري ايتري ته وسيع هوندي آهي، جو گهمندي (پڙهندي) هڪ الڳ جهان جي جهنگلن مان ٿيندو، ٿيندو وشال ڳالهين جي ڳوٺن کي ڪراس ڪندو، عجب جي عجائب گهرن ۾ داخل ٿيندي پاڻ کي محسوس ڪبو آهي... ۽ اهڙا ناول مان گارشيا مارڪيز جي ناولن کان پوءِ سنڌ ۾ ساءِ رسول ميمڻ جا ناول ئي محسوس ڪري سگهيو آهيان.
ساءِ رسول ميمڻ جي ناولن ۽ ڪهاڻين منجهه جيڪا طاقت آهي، اها انتهائي گهڻي “طاقتور” آهي! سندس ناول “اڻويهه عورتون” پڙهندي وقت جي دٻيل صدا سُڻي سگهجي ٿي ۽ ناول جي ڪردارن جي قريبي، قريبي پاڻ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو! ساءِ رسول ميمڻ جا ٻيا به ناول انتهائي پاور فُل آهن. جن ۾ “ نجومي” ۽ “قالو بلا” اچي ٿا وڃن. ساءِ رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جا ڪتاب “فونو”، “سونو ڏند”، “حليمان” شاهڪار ۽ زنده جذبن جي ترجمانيءَ جا صحيفا آهن! هُن جون ڪهاڻيون پراسراريت جي قبيلي مان ائين گذارين ٿيون، جيئن سج ۽ چنڊ جي روشني اوزون گئس ڪراس ڪري ڪرڻن جي صورت اختيار ڪري ڌرتيءَ تي پهچي ٿي. سندس ڪتاب نوجوانن جي پسند وٽان پهريان، پهريان اچن ٿا. ساءِ رسول ميمڻ جو ڪتاب “خدا، روح ۽ سائنس” نئيون راهون تلاشيندڙ لاءِ پهرين وِک ثابت ٿيو آهي. ۽ نون سوالن جو اُڀار به آهي! “خدا، روح ۽ سائنس” جتي نون سوالن کي جنم ڏئي ٿو. ته اُتي ئي وري حيرت جي حد اورانگهي حقيقت جي ڄاڻ جي ڏيهه ۾ داخل ڪري ٿو.
ليکڪ جون لکڻيون نوجوانن جي نگاهن مان گذري سندن ذهن کي زرخيز ڪري رهنمائيءَ جو سبب بڻجن، سچ ته پوءِ ان ليکڪ جي لکڻي لک لهي! ساءِ رسول ميمڻ جون لکڻيون اعليٰ پَدَ جون آهن. هو لکي ئي حقيقت جي حُسناڪيءَ تي ٿو، هُن جي هر ڪهاڻيءَ جي پُٺيان هڪ زنده ڪردار ساهه کڻندي نظر ايندو آهي ۽ هُن جي هر ڪهاڻيءَ ۽ ناول ۾ انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ جُملا هوندا آهن. جيڪي دل ڇُهندڙ هوندا آهن. ساءِ رسول ميمڻ سنڌ جي انهن چوٽيءَ جي ليکڪن منجهان آهي، جن ۾ ساءِ علي بابا، ساءِ امر جليل اچيو وڃن ٿا. ساءِ رسول ميمڻ کي پڙهندڙن جو هڪ حلقو آهي. جيڪو نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ اهو نوجوانن جو حلقو اڃان پيو وڌي ۽ اڃان پيو وڌندو.
خوبصورت نثر لکڻ لاءِ به خوبصورتيءَ کان مدد ورتي ويندي آهي. نثر نينهن جان نشا چاڙهيندو آهي ۽ اهڙو نينهن جي نشي وارو نثر ساءِ عبدالواحد آريسر ۽ ساءِ اعجاز منگي کان علاوه ساءِ رسول ميمڻ جو به آهي. جيڪو ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ نمايان آهي. ساءِ رسول ميمڻ جو جتي ڪهاڻيءَ ۽ ناول منجهه ڀاري پاسو آهي. ته اتي ئي ٻيو شاعراڻو حساس پاسو به آهي! ۽ اهو “اوشا جي آشا” جي ڪتابي شڪل ۾ گهڻو عرصو اڳ اچي چڪو آهي. “نولکا” جي نرالي صنف کان “ڏيکارو” جهڙي منظر نگاريءَ سندس سُهڻي صنف جي شروعات ساءِ رسول ميمڻ جي کاتي ۾ اچي ٿي. پر هُن ڪڏهن به ڪاٿي واڪ ڏئي پاڻ کي ڪانه پڏائيو آهي، هو ڀلي “پيٿالاجي” جهڙي مصروف شعبي ۾ رهندي هُجومن کي “آٿت” جهڙي بي بها تُحفي سان ڏينهن جا گهڻا ڪلاڪ ڏيندي گهاري ٿو. پر هُن پنهنجي من اندر ۾ نج، پج سچي تخليقڪار کي گڏ رکيو آهي. اهڙو تخليقڪار جيڪو صدين جي سُنهري تاريخ جو نمايان نُقطو هوندو آهي. اهو جينيئس تخليقڪار هوندو آهي! ۽ جينيئس تخليقڪار سدائين اتساهه جو ذريعو بڻجندا آهن ۽ انهن جون لکڻيون صدين پڄاڻان به تازيون، توانيون هونديون آهن. ۽ اهڙو ئي اسان جي سنڌ جو ليکڪ، تخليقڪار ساءِ رسول ميمڻ به آهي.
•