اڀياس: چچريل زندگين جا قافلا (رشيد ڀٽي)
اهو سڀ ڪجهه ذاتي طرح ۽ نجي ادارن طرفان ٿيو، هن سال به سرڪار ان ڏس ۾ ڪو خاص پاڻ نه موکيو. همت افزائي ۽ ٺلهي تعاون جي حد تائين به نه! ادبي انجمنن سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن به ساهت سال جي سلسلي ۾ اڳتي وڌي ڪم ڪيو.
ڪراچيءَ واري “شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽيءَ” ساهت ڪانفرنس منعقد ڪئي، جا گذريل ڏهن پندرهن سالن جي عرصي ۾ يادگار ۽ مثالي گڏجاڻي آهي. سڀ کان وڌيڪ جنهن جماعت هن ڪارج ۾ وڌ ۾ وڌ حصو ورتو سا “سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن” آهي.
هميشه جيان هن جماعت جي سکر شاخ به پٺتي نه رهي آهي. “لطيف سال” جي موقعي تي سگا سکر اختتامي “لطيف ڪانگريس” سکر جي جيمخاني ميدان ۾ منعقد ڪئي هئي، جا پنهنجو مٽ پاڻ هئي ۽ نه وسرندڙ نقش ڇڏي ويندڙ محفل هئي. “ٻارن جو سالُ” جي موقعي تي سکر شاخ سنڌ جي نوجوان شاعر ۽ شاخ جي سرگرم رڪن ادل سومري جو ٻارن لاءِ شاعري جو ڪتاب “چنڊ پشم گولو” ڇپرايو هيو. هن سال به اختتام وقت اسين سکر جي نوجوان ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جي نون افسانن جو مجموعو “چچريل زندگين جا قافلا” ساهت سال جي ڀيٽا طور پيش ڪري رهيا آهيون.
رسول ميمڻ هن وقت، سکر توڙي سنڌ واسين لاءِ ڪو نئون نالو نه آهي، هن مهل تائين سندس ٻه ڪهاڻين جا مجموعا “امن جي نالي” ۽ “ڪافر ديوتا” شايع ٿي چڪا آهن. سندس هڪ شعري انتخاب “اوشا جي آشا” به پڙهندڙن وٽ پهچي چڪو آهي. رسول ميمڻ جي فڪر ۽ فن بابت راقم الحروف ۽ دوست امر جليل، سندس اڳين ٻن مجموعن تي مهاڳن ۾ ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. سندس پهرين مجموعي “امن جي نالي” لکندي مون راءِ ڏني هئي:
“جيترو قد ۾ مٿي اوچو آهي اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ ۽ اونهو آهي، هي حليم سڀاءَ وارو نوجوان هن وقت ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد آهي، مُڙدن جي وڍ ڪٽ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي، سو ته مان نه ٿو چئي سگهان، پر سماج جي جيئري جاڳندي انسان ۽ ان جي اندر جي وڍ ڪٽ ڪمال مهارت سان ڪري سگهي ٿو. ڏاڍو اونهو آهي ۽ گهرو پڻ. حساس به، ته حقيقت پسند به...رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي. انسانيت جو فرسوده ۽ انسان دشمن قدر. هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسان جي عظمت جو داعي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نه ٿو تسليم ڪري. هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي. وٽس موضوع به آهي ته مقصد به. وٽس منظرڪشي به آهي ته ڪردار نگاري به. وٽس مشاهدو به آهي ته لطيف انساني جذبن جي عڪاسي به. وٽس لفظن جي چونڊ به آهي ته تشبيهن جي ترائي به.”
رسول ميمڻ جي ساڳئي ڪتاب تي هلال پاڪستان جي ڪالم ۾ لکندي، امر جليل چوي ٿو:
“ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي، اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءَ سان جهنجهيل هيءَ نوجوان وڏيءَ هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي. رسول ميمڻ امن جو پيغمبر آهي. رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون ڦوڪيندڙ مسيحا آهي، اسان ارڏن، سوداين ۽ سچائيءَ لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي.”
رسول ميمڻ جي ڪهاڻين جي ٻي مجموعي “ڪافر ديوتا” (1979ع) جي مُهاڳ ۾ امر هن لاءِ لکي ٿو:
“اوشا جي آشا” پڙهڻ کانپوءِ شدت سان محسوس ڪيم ته رسول بنيادي طرح فڪشن جو ليکڪ آهي، ڪهاڻيءَ جي فن ڏانهن سندن لاڙو شاعراڻو آهي. سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ اهڙا اديب آهن، جن کي نظم توڙي نثر تي هڪ جهڙي قدرت آهي. في الحال اهڙن ٻن اديبن جا نالا دل تي تري آيا آهن. هڪ لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيو قمبر شهباز... رسول کي سٺن افسانن جي ڏات مليل آهي... مان فقط ايترو چوندس ته رسول ميمڻ جا افسانا غور سان، توجهه سان ۽ همدرديءَ سان پڙهيا وڃن، رسول ميمڻ جا افسانا انهن جي سمجهه کان بالاتر آهن جن جي عقل ۽ فهم تي تعصب جا پاڇا پيل آهن.”
مٿين حوالن ۾ رسول جي افساني تي هڪ جامع راءِ جو اظهار ملي ٿو. سندس هن مجموعي جا افسانا به ان ئي راءِ ۽ معيار تي ٺهڪندڙ آهن. ان عرصي دوران اسان کي سندس سوچ ۽ شعور ۽ فڪر وفهم ۾ نمايان واڌارو ۽ اوسر نظر اچي ٿي. فڪري طور هي افسانا سندس اڳين افسانن کان اڳتي وکون آهن، پر اظهار جي پنهنجي مخصوص شاعراڻي طريقي کي الوداع چئي رسول ان راهه ۾ نثراڻي (خالص) اظهار جو تجربو ڪيو آهي. ان ڪري، منهنجي خيال ۾، هو ڪن افسانن جي موضوع کي نڀائڻ يا پلاٽ سان انصاف ڪرڻ ۾ اهڙو اثرائتو ثابت نه ٿيو آهي، جهڙو هوءَ اڳين ۾ ٿيو آهي، منهنجي اها راءِ ڪا حتمي نه آهي، نه ڪي سند، پڙهندڙ پاڻ پڙهي فيصلو ڪرڻ ۽ راءِ ڏيڻ جا مجاز آهن.
آخر ۾ هڪ ڳالهه لاءِ پنهنجي پاران پڙهندڙن کان معافي جي طلب ٿي ڪجي، ڇپائيءَ جي اڻ پوري ۽ ناقص انتظامن سبب، اسين هي ڪتاب ڇپائي ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان ليکڪ، سندس فن ۽ فڪر جي معيار مطابق، پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويا آهيون، اميد ته مواد جي بهتري ان ڪمتريءَ تي حاوي پوندي.
(1981ع)
•