اڀياس: ڪافر ديوتا (امر جليل)
“منهنجو آواگان ۾ يقين آهي، مان تاريخ جي هر دور ۾ تنهنجي لاءِ جنم وٺندو رهندس. سنڌو! مجبورين ۽ پابندين جي باوجود مان توسان محبت ڪندو رهندس. توکي چاهڻ جي باوجود توکان جدا ٿيندو رهندس.”
محبت جا ليکڪ بزرگ نه ٿيندا آهن، تنهن ڪري مان رسول ميمڻ جي ڪتاب جو مُهاڳ نه لکندس. مان رسول ميمڻ جي حوالي سان ادب ۾ اولڙن جو ذڪر ڪندس.
دنيا جي هر ڪا تخليق درد مان جنم وٺندي آهي، تخليقي عمل جي درد مان لنگهندي ڪجهه عرصي تائين فنڪارن کي سنئين واٽ وٺ نه ڏيندي آهي. ان مونجهاري چڱن چوکن فنڪارن کي ماري وڌو آهي. مون رسول جا افسانا غور ۽ چاهه سان پڙهيا آهن. مان اهو نه چوندس ته رسول کان اڳ ڪنهن به اهڙا سٺا افسانا نه لکيا هئا! ۽ رسول ميمڻ کان پوءِ به سٺا افسانا نه لکي سگهندو. اها ننگي منافقت ٿيندي. رسول کان اڳ سٺا افسانا لکيا ويا آهن! ۽ رسول ميمڻ کان پوءِ به سٺا افسانا لکيا ويندا. تاريخ جي تسلسل کي ڪا به طاقت روڪي نه سگهي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ شايع ٿيل رسول جي شاعريءَ جو ڪتاب “اوشا جي آشا” پڙهڻ کانپوءِ شدت سان محسوس ڪيو اٿم ته رسول بنيادي طرح Fiction جو ليکڪ آهي. ڪهاڻيءَ جي فن ڏانهن سندس لاڙو شاعراڻو آهي. سندس سوچ شاعراڻي آهي. سندس اظهار جو طريقو شاعراڻو آهي. سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ اهڙا اديب آهن جن کي نظم ۽ نثر تي هڪ جهڙي قدرت حاصل آهي. في الحال اهڙن ٻن اديبن جا نالا دل تي آيا آهن. هڪ لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيو قمر شهباز.
رسول کي سٺن افسانن جي ڏات مليل آهي، هن ڪتاب ۾ شامل افسانن جي باري ۾ ڪا به راءِ ڏيئي، مان اوهان جي راءِ لاءِ تضاد جو سبب پيدا نه ڪندس. مان فقط ايترو چوندس ته رسول جا افسانا غور سان، توجهه سان ۽ همدرديءَ سان پڙهيا وڃن. رسول جا افسانا انهن جي سمجهه کان بالاتر آهن، جن جي عقل ۽ فهم تي تعصب جا پاڇا پيل آهن.
•