جيوَن جهلڪ
[b]تعليم ۽ نوڪري:
[/b]• 1970ع ۾ تلڪ هاءِ اسڪول سکر مان ميٽرڪ پاس ڪيائين.
• 1972ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان انٽرميڊيٽ جو امتحان پاس ڪري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1980ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ساڳي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڏهه سال ڊمانسٽريٽر رهيو.
• 2000ع ۾ بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ جناح اسپتال ڪراچيءَ مان هسٽوپيٿالاجيءَ ۾ ايم فل ڪيائين.
• سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ تحت لاڙڪاڻي، سکر ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. هو ڪجهه عرصو منسٽري آف هيلٿ سعودي عرب ۾ پئٿالاجسٽ پڻ رهيو.
• ايٽڪٽيهه ڊسمبر 2015ع تي ريٽائرڊ ٿيو.
[b]ادبي خدمتون:
[/b]• لکڻ جي شروعات 1969ع ۾ ڪيائين، جڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هيو، ان دور ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون.
[b]ڪهاڻين جا مجموعا:
[/b]• امن جي نالي: 1977ع- اياز گل، پارس پبليڪيشن سکر پاران شايع ڪيو.
• ڪافر ديوتا: 1979ع- رزاق مهر، نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران شايع ڪيو.
• چچريل زندگين جا قافلا: 1981ع- رشيد ڀٽيءَ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن سکر پاران شايع ڪيو. (1981ع کي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن پاران سنڌي ساهت جو سال قرار ڏنو ويو هيو. اهو ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي هيو.)
• ابابيل جي آخري اُڏام: 1993ع- ناز سنائيءَ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران شايع ڪيو.
• فونو: 2009ع- تاج بلوچ، ماهوار سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي پاران شايع ڪيو.
• سونو ڏند: 2012ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.
• حليمان: 2013ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.
• عشق جو آسيب: 2015ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.
[b]ناول:
[/b]• اڻويهه عورتون: 2012ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.
• قابلو بَلا: 2012ع- قربان منگيءَ، پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران شايع ڪيو.
• نجومي: 2014ع- قربان منگيءَ ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ڪيو.
• اسٽيل جا پنج گلاس، 2017ع ممتاز بخاري، ماءِ پبليڪيشنز سکر
• اک ڇنڀ 2019ع سعيد سومرو، ڪنول پبليڪيشن قمبر
[b]شاعري:
[/b]• اوشا جي آشا: 1979ع- ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت سکر پاران شايع ڪيو.
[b]سائنسي فلسفو:
[/b]• خدا، روح ۽ سائنس: 2015ع- ممتاز بخاريءَ، ماءِ پبليڪشن سکر پاران شايع ڪيو.
• الف کان اڳ 2019ع، انعام عباسي، نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي.
[b]ترجمو:
[/b]• ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن: (خاڪا)، 1988ع- ادل سومري سنڌي ادبي سنگت سکر پاران شايع ڪيو.
[b] انگريزي ۽ اردوءَ شايع ٿيل ڪتاب:
[/b]• بند ڪمري ڪا راز: 2015ع- شاهد حنائيءَ ترجمو ڪيو ۽ شاعر علي شاعر، رنگ ادب پبليڪشن اردو بازار ڪراچي پاران شايع ڪيو.
• Song of Sadh Belo- (ساڌ ٻيلي جا گيت) پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور وٽ ڇپائيءَ هيٺ آهي ۽ سدا حيات جلباڻيءَ جو ترجمو ڪيل آهي.
• آٿتا: فلسفو
• ناٿتا: فلسفو
• عبدالله افغانيءَ جون ٻڪريون (ڪهاڻيون)
ٻيا گهڻائي ڪتاب
[b]مليل ايوارڊ:
[/b]• سنڌي لينگويج اٿارٽي،
• سنڌالاجي
• انجمن ترقي پسند منصفين
• سنڌي ادبي سنگت
• سارنگا ايوارڊ
• ريکائون ايوارڊ
۽ ٻين ادارن طرفان ايوارڊ مليا آهن.