شخصيتون ۽ خاڪا

رسول ميمڻ (پوپٽ نمبر)

هي ڪتاب نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شخصيت تي پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايل پوپٽ نمبر آھي. امر اقبال لکي ٿو:
”رسول ميمڻ اهو منفرد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ سريئلسٽڪ۽ سمبالڪ انداز ۾ ڪهاڻي لکڻ جا پُختا بُنياد وڌا ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ واري رستي تي سفر ڪندي، نه صرف پنهنجي الڳ ۽ مٿاهين سڃاڻپ پيدا ڪئي پر سنڌي ڪهاڻيءَ کي پڻ “شروعات، وچ ۽ پُڄاڻيءَ” واري روايتي رستي کان ڌار ڪيو، سندس انوکي اظهار جو ڪمال چئجي، جو ڪيئي سال اڳ سندس تخليقي سفر جي شروعاتي سالن ۾ ئي امر جليل جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي مقبول ترين ڪهاڻيڪار سندس غير روايتي اظهار تي خوشي ۽ حيرت جو اظهار ڪيو. “
  • 4.5/5.0
  • 2015
  • 345
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رسول ميمڻ (پوپٽ نمبر)

عالمي شعور رکندڙ ڪهاڻيڪار : حبدار سولنگي

ڪهاڻيءَ کي زندگيءَ سان ڀيٽيو ويندو آهي... جيئن زندگي پاڻ ۾ گهري، رمزيت سان ڀرپور ۽ تجسس ڀريل آهي، بلڪل ائين ڪهاڻي به پنهنجن لفظن، جملن، بيهڪ ۽ لقاءَ ۾ زندگيءَ جيان آهي... اُن جا ڪردار ڪڏهن ڀوڳنا ۾ ڀُرندا آهن ته ڪڏهن سُک سان سِرجندا آهن، دُک، انتظار ۽ اُداسي به ته ڪهاڻيءَ جا زيور آهن. منظرنگاري، ڪردار نگاري، پلاٽ ۽ ٻيون فني گهرجون به ڪهاڻيءَ سان سلهاڙيل آهن. جيئن زندگيءَ سان حادثا، واقعا ۽ يادگيريون سلهاڙيل آهن...
آلڊس هڪسلي جو چوڻ آهي ته: “سُٺي ادب جي سُڃاڻپ اِها آهي ته ان کي پڙهڻ سان اسان اداس ٿي ويندا آهيون.”
سنڌي ٻوليءَ جي باوقار ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون به مونکي اُداس ڪري ڇڏينديون آهن.
“ابابيل جي آخري اُڏام” کان “نجومي” ناول تائين مون رسول ميمڻ کي محبت سان پڙهيو آهي. رسول ميمڻ ڪهاڻي ناهي لکندو، ڪردارن ۽ ڪيفيتن کي دل جي ڳوڙهن سان ڳوهي ڪاغذ تي رکندو آهي ته اهي ڳالهائڻ لڳندا آهن، روئڻ لڳندا آهن... درد کي ڀوڳيندڙ ڪردار، روح جي تپسيا ۾ ڀٽڪندڙ ڪردار... دُک جون طويل ڪيفيتون، اُداسيءَ جا رستا رُلندڙ ڪيفيتون، سماج جون وسري ويل ڪربناڪ ڪيفيتون، دل ۾ تحليل ٿي ويندڙ ڪيفيتون... مون کي لڳندو آهي، رسول ميمڻ جي دل ۾ هڪ جوڳيءَ واري گودڙي آهي، جنهن ۾ هُو خاموش، بيهوش ۽ دُکدائڪ ڪردار ۽ چُڀندڙ، سوچرائيندڙ، ڳالهائيندڙ ۽ تحليل ٿيندڙ ڪيفيتون ڪٺيون ڪندو ٿو وڃي، ۽ جڏهن هڪ هنڌ ويهي واندڪائيءَ واري مصروفيت ۾ هُو لکڻ ٿو لڳي ته ڪردار ۽ ڪيفيتون پاڻ ۾ مِلي وڃن ٿا. هو ته بس کين ترتيب سان بي ترتيب ڪري رکي ٿو ۽ پوءِ پڙهندڙ سحر جي سنگهرن ۾ سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي... هڪ ڪامياب ۽ جينئس ڪهاڻيڪار جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪمالُ ٿي سگهي ٿو... رسول ميمڻ طويل عرصي کان لکندو پيو اچي، پر سندس فن ۽ فڪر تي “سنڌي ادب جي نقاد” جي نظر ئي نه پئي آهي!
همعصري سنڌي افسانوي ادب ۾ رسول ميمڻ، مُنور سراج ۽ نسيم پارس گاد فڪشن جا اُهي ليکڪ آهن، جن وٽ عالمي ادب جون ڌارائون، نظريا، لاڙا ۽ تحريڪون مِلن ٿيون، اُهي ٽئي ليکڪ حقيقي معنيٰ ۾ جديد دور جا ليکڪ آهن، جن جي فن ۽ فڪر ۾ روايت سان بغاوت ۽ تبديل ٿيندڙ ادبي رُجحان ملن ٿا. پر بدقسمتيءَ سان انهن ٽنهي ليکڪن کي ڪو “جديد نقاد” ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي “مُترجم”
جيڪڏهن هن دنيا تائين سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ناول جي ڀرپور ۽ فڪري رسائي ڏيکارڻي آهي ته ان لاءِ انهن ٽنهي ليکڪن کي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻو پوندو، سندن قد ڪاٺ، فن ۽ فڪر جو پتو پوءِ ئي پئجي سگهندو.
اسان وٽ “فڪشن” ۾ هڪ ٻيو به الميو آهي ته، اسان جا “وڏا ڪهاڻيڪار” پاڻ کانپوءِ واري ٽهيءِ کي پڙهن ئي نه ٿا. انهن کي جائز ادبي اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن...
سنڌي ڪهاڻي امر جليل، نسيم کرل، جمال ابڙو ۽ ٻين تي ختم نه ٿي ٿئي، اها ته انهن ڪهاڻيڪارن جي فني ۽ فڪري وسعت کان گهڻو اڳتي وڃي چڪي آهي، مدد علي سنڌي، شوڪت حسين شورو، طارق عالم ابڙو، اخلاق انصاري ۽ منظور ڪوهيار واري ٽهيءَ کانپوءِ ايندڙ ڪهاڻيڪارن ۾ منور سراج، نسيم پارس گاد، طارق قريشي، ضراب حيدر، مراد قريشي، صديق منڱيو، ممتاز لوهار، مجيب بڙدي، قربان جتوئي، احسان دانش، يار محمد چانڊيو، امر لغاري، انور ڪاڪا، ممتاز بخاري ۽ ٻيا پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ لامحدود وسعت رکن ٿا، جن وٽ جديد موضوع ۽ اڻ ڇهيل فڪري آڪاس آهي. انهن وٽ نظرياتي بلوغت اڳ واري ڪهاڻيءَ کان گهڻي آهي، انهن جي بيانيه انداز ۾ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ شاندار حُسن آهي، رسول ميمڻ وٽ به نيون وسعتون، نوان آسمان ۽ نئين فڪري ڌرتي آهي، هو اُن ڌرتيءَ جو سياح ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو ڪردارن ۽ ڪيفيتن جا اڻ ڇهيل رخ پڌرا ڪري ٿو ۽ ڪهاڻيءَ کي نئين فضا ۾ جياري ٿو. (“قالو بلا” ناول ان جو مثال آهي) رسول ميمڻ وٽ ناسٽيلجيا به آهي ته بوهيمين ڪردارن جي انوکائپ به آهي. هو ماضيءَ ۾ به رهي ٿو، حال ۾ به وڌي ٿو ۽ مستقبل ۾ به ڏسي ٿو...
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جهالت واري دؤر ۾ هو پنهنجي نالي جيان سنڌي ڪهاڻيءَ جو “رسول” بڻجي اچي ٿو. هُو ڪردارن جي جسماني ۽ روحاني دنيا واضح ڪري ڏيکاري ٿو، هُو پنهنجي مثبت فڪري ڌارائن سان ڪيفيتن ۽ ڪردارن جون عڪسي ۽ احساساتي لهرون اڀاري ٿو، جيڪي معاشري ۾ باطن کي سيرابُ ڪن ٿيون. رسول ميمڻ سبب ۽ نتيجن (Casual Relation) تي گهري ۽ شعوري گرفت رکندڙ ليکڪ آهي. (“نجوميءَ” ناول اُن جو ڀرپور مثال آهي)
ڪردار جي چوڌاري زندگيءَ جو وهنوار، تضادُ ۽ ٽڪراءُ هڪ طرف، اهي سڀ مِلي هڪ ليکڪ کي اظهار جو اسلوب ڏين ٿا، جنهن کان پوءِ ئي هُو ڪنهن نئين رُخ کي دريافت ڪري اڳيان آڻي ٿو. رسول ميمڻ جي ڪردارن ۾ زندگيءَ ۽ عمل جي مقناطيسي سگهه آهي، جيڪا انهن کي جيئرو رکي ٿي. (ڪهاڻي “ٻاجهه ۽ ٻاجهر” ان جو مثال آهي).
رسول ميمڻ علامتي ڪهاڻيون به لکيون آهن، “ابابيل جي آخري اُڏام” سندس علامتي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو هو، هِتي آءُ ان مجموعي ۾ شامل هڪ ڪهاڻي “آسمان جا ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ عڪس” جو جائزو پيش ڪريان ٿو. ڊاڪٽر طاهر مسعود لکي ٿو: “علامت ايڪ ذريعه هي، جس سي معنيٰ لفظون سي ماورا هو جاتا هي اور جهان سي لفظ ڪا ڪام ختم هو جاتا هي، وهان سي معنيٰ ڪي نئي سرحدين شروع هو جاتي هين.”
ادب ۾ علامت نگاريءَ کي شروعاتي شڪل وليم بليڪ (William Black) ۽ والٽيئر (Voltaire) ڏِني، پر علامت نگاريءَ جي ابتدا اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ٿي.
علامت نگاري يا سمبل ازم (Symblolism) فرانس ۾ آرٽ ۽ بيلجيم ۾ شاعريءَ جي تحريڪ هئي، جيڪا اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿي. 1857ع ۾ فرانسيسي شاعر بودليئر (Baudelaire) جو شعري مجموعو “Le fleurs de mal” ڇپيو. پر ان کان اڳ آمريڪي افسانه نويس ايدگير ايلن پو جون لکڻيون فرانسيسي ادب ۾ ترجمو ٿي چڪيون هيون، بودليئر ان جي ئي تتبع ۾ فرانسيسي ادب ۾ علامت نگاريءَ جو بُنياد رکيو.
1860ع ۽ 1870ع دوران علامت نگاريءَ کي اسٽيفن ميلارمي (Stephen Mallarme) ۽ پال ورلين (Paul Varlane) (شعري مجموعو “لفظن بنا گيت” (Romaces Sanpardes) تمام گهڻو اڳتي وڌايو.
ان کان علاوه ٻين اهم فرانسيسي علامت نگارن ۾ آرٿر رينبو (Arther Rimbaud)، جيولس نيورج (Jules Niorgus) ۽ آمريڪي ليکڪ اسٽورٽ ميريل (Staurt Merril) شامل آهن. سمبولسٽ (Symbolist) جي اصطلاح کي سڀ کان پهريان فرانسيسي نقاد جين موري (Jean Morresas) واضح ڪيو ۽ سمبل ازم گهڻي قدر حقيقت نگاري ۽ فطرت پسندي (Naturalism and Realism) جي خلاف هڪ ردِ عمل هو ۽ ان ۾ روحانيت ۽ تحليل پسنديءَ جي گهڻي گنجائش هئي. پول ايڊم (Paul Adam) پهريون گهڻو لکندڙ ليکڪ هو، جنهن علامت نگاريءَ کي پنهنجي لکڻين ۾ استعمال ڪيو. جنهن جو بهترين مثال سندس ناول “گوبرٽ جون ڇوڪريون” آهي، جيڪو 1886ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه جارج روڊن ۽ باربي جي ناولن کي به ان ئي لڙهيءَ ۾ پويو وڃي ٿو. علامت نگاريءَ جو رواج روس ۾ پهتو. روسي شاعر ولاديمرسر جيوچ سلاوي اوف اِهو اقرار ڪيو ته هيءَ سڄي دنيا علامتن جو هڪ پيچيده نظام آهي ۽ اهي علامتون مابعد طبعياتي (Metaphysical) حقيقتن جي نمائندگي ڪن ٿيون، ويهين صديءَ ۾ فرانسيسي شاعرن پال ورلين ۽ پال ڪلوويل کي علامت نگاريءَ جو وارث چيو وڃي ٿو.
انگريزي ادب ۾ علامت نگاريءَ ۾ شاعريءَ ۾ ڊبليو بي ييٽس ۽ ٽي ايس ايليٽ ۽ ناول نگاريءَ ۾ جيمس جوائس ۽ ورجينا وولف جا نالا اهم آهن. علامت نگاريءَ جو هڪ ڪلاسيڪل مثال جارج اوريل جو نالو (Animal Farm) آهي، جيڪو 1945ع ۾ ڇپيو، ان ناول ۾ ڪميونسٽ نظام جي اثرن تي علامت نگاريءَ جي پردي ۾ گهري طنز ڪئي وئي آهي.
رسول ميمڻ جي علامتي ڪهاڻي: “آسمان جا ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ عڪس” ۾ ٻه ڪردار آهن، هڪ “پيءُ” ۽ ٻيو اُن جو پُٽ “سامي”
سامي هڪ معصوم Hallucinist ڇوڪرو آهي، جيڪو آسمان ۾ جُهڙ/بادل مان ٺهندڙ عڪسن کي شڪليون ڏئي سمجهائي ٿو، هن ڪهاڻيءَ ۾ بادل کي وقت ۽ آسمان کي دنيا جي علامتن طور ڏيکاريو ويو آهي. جيئن دُنيا ۾ مختلف دؤر آهن، انهن جي پنهنجي تاريخي حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي، انهن کي آسمان ۾ جُهڙ وسيلي ٺهندڙ عڪسن سان ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ جُهڙ بي ثباتيءَ جي علامت طور آيو آهي، ڪائنات جي ابتدا کان وٺي دنيا جا مختلف دؤر رهيا آهن، پٿر جو دؤر، ترقي پذير دؤر ۽ ترقي يافته دؤر. انهن دؤرن کي علامتي انداز ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:
“آسمان ۾ گهاٽو جُهڙ هوائن جي زور تي پُراڻي ڪپڙي جيان ڦاٽندو پئي ويو. اُهو ڪٿي ڪارو هيو، ڪٿي ناسي ۽ ڪٿي کير جهڙو اڇو.”
هِتي آسمان، دُنيا جي علامت طور، جهڙ جو ڪارو رنگ پٿر جي دؤر، ناسي رنگ ترقي پذير دؤر ۽ اڇو رنگُ ترقي يافته دؤر جي علامت طور بيان ڪيو ويو آهي.
رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون همعصر سنڌي ڪهاڻيءَ جو مضبوط فني حوالو ۽ گوناگون فڪري دستاويز آهن. جنهن ۾ ادب جا اعليٰ قدر، روايتون، تهذيبون، ڌارائون ۽ وهڪرا پنهنجي ڀرپور تخليقي سگهه سان موجود آهن.
“اڄوڪو نقاد” ڀل اکين ۾ مصلحتن جي اوندهه وجهي لڪل ويٺو رهي، پر “وقت” رسول ميمڻ جي فني ۽ فڪري معراج کي ضرور دريافت ڪندو.
آخر ۾ آءُ رسول ميمڻ جي هڪ ڪهاڻي “وِسري ويل ماڻهو” جون سِٽون ڏيڻ چاهيندس، جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ ڪردار جي وسيلي پنهنجي لازوال آرٽسٽ هُجڻ جي ڳالهه ڪيئن نه شاندار انداز ۾ ڪئي آهي، حقيقت ۾ مڃتائن کان پري رهڻ جي ڪري ئي هُو سنڌي ڪهاڻيءَ جو رسول بڻجي سگهيو آهي.
“اسان جي حياتيءَ جي هڪ حد مقرر آهي، جِتي ان کي ختم ٿيڻو آهي، پوءِ صرف فن ئي آهي، جيڪو وڃي رهندو، ماڻهن سان لاڳاپن واري اهميت به حياتيءَ جي حد تائين محدود آهي، جڏهن ته دُنيا کي اسان جي حياتيءَ کانپوءِ رهڻو آهي، بلڪل اسان جي فن جيان، تنهن ڪري آءُ اهڙي اهميت جو ڪڏهن به خواهشمند نه رهندس، جيڪا منهنجي حياتيءَ جي ختم ٿي وڃڻ سان ختم ٿي وڃي.”