تاثر: ساڌ ٻيلي جو ديوتا (آدرش)
رشيد ڀٽي صاحب، جاگيراڻي محلي جي گهر جي اوطاق ۾، دري کولي، سگريٽ جا ڪش هڻندي “بڻ” جهڙيون ڪهاڻيون لکندو هو ته گهڙي گهڙي گهاءُ بڻجي ويندي هئي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي روهڙيءَ جي جُنڪشن ريلوي اسٽيشن تي، ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري، ريل بيهاري، پُليون ٽپي، دريائن جو ديدار ڪري، ريلوي اسٽيشن سکر جي سامهون، ٽڪريءَ تي ٺهيل وشال گهر ۾ ايندو، هاڻي اُتي “Sistech” جو دفتر آهي، گهر اچي مٿي تان اڇي پِي-ڪئپ (P.Cap) ۽ ريلوي جي اڇي وردي لاهي، صاف سٿرو سٿڻ قميص جو وڳو پائي، بنا سگريٽ پيئڻ جي، سنڌ جي تاريخ لکندو هو ته سامهون ريلوي گرائونڊ ۾ گهوڙا هڻڪارون ڪندا هيا. تلوارن جي چمڪي تي شهر ٻري پوندو هو. راجا ڏاهر اچي، دريءَ جي وِٿيءَ مئون ليئا پائي، هن تاريخ نويس کي پاڻ بابت لکندو ڏسي مرڪندو هو، محمد بن قاسم گڏهه جي ئي پيٽ ۾ هوندو هو.
اَنور پراچا اسپتال ۾ مريضن جي نبض ڏسي، کين دوا درمل ڏئي، مسيحا بڻجي سنڀال ڪري، ڊيوٽيءَ جون گهڙيون پوريون ڪري، اسٽيٿو-اسڪوپ ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، معصوم شاهه جي ميناري واري لاهين لهندي، ڊاڪٽر غلام رسول ميمڻ، آهستي آهستي ايندو هو ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪو ساڌ ٻيلي جو ديوتا درياءَ جي پاڻيءَ مٿان هلي رهيو آهي.
رسول ميمڻ صاحب ڀٽا روڊ جي گوتم ٻڌ جهڙي شانت گهٽيءَ واري گهر ۾، رات جو جاڳي ڪري، سبحان کي ياد ڪرڻ بدران، خالق جي خلقيل ٻانهن جا دک درد لکي، پنهنجي حساس ۽ دکي دل جو درمان ڪندو هو.
اُهي سڀ جڏهن ميز تي جهڪي ڪري لکندا هيا ته ائين لڳندا هيا، ڄڻ عبادت ڪندا هجن.
اوڻيهه سئو ستهتر عيسويءَ ۾ رسول ميمڻ صاحب جي نظمن ۽ ڪهاڻين جو ڪتاب “امن جي نالي” سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ پاران، سائين اياز گل ڇپائي پڌرو ڪيو ته ائين لڳو ڪو هيرو دريافت ٿيو آهي. نظم ۽ ڪهاڻيون اهڙيون عالي شان جو وڏي ليکڪ امر جليل صاحب جي دل ۾ به گهر ڪري ويون ۽ امر جليل صاحب هڪ ڪالم ڪتاب تي لکيو هو.
رسول ميمڻ صاحب اوڻيهه سئو پنجهتر عيسويءَ کان علم سان عشق ڪرڻ شروع ڪيو. هن جي نازڪ لبن تي “ميڏا عشق وي تُو، ميڏا يار ڀي تُو” اڄ کان ايڪيتاليهه ورهيه اڳ آيو ته اڃا تائين سندس لبن تي ئي آهي.
سنڌ ۾ محترم تنوير عباسي ۽ محترم نجم عباسي ايم.بي.بي.ايس ڊاڪٽر هيا، انهن مسلسل پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙيءَ وارين گهڙين تائين لکيو، ڊاڪٽر رسول ميمڻ به مسلسل لکي ٿو. هو لکندي ڪو نه ٿڪيا، هي به پير پساري نه ويهندو.
نوي جي ڏهاڪي ۾ سکر جي دلبر ليکڪن بشير منگي، جميل شهزاد، قدير انصاري، وحيد انصاري، اسد عباسي ۽ حبيب ساجد سان سڪَ جو سڳو ڳنڍيو. جيڪو اڄ تائين چولي ۾ ڳنڍيل آهي.
جميل شهزاد سهڻو اهڙو جو واٽ ويندڙ ماڻهو دَڳُ وساري ويهن. هُن جو کلڻ به اهڙو ڄڻ مندر ۾ گهنٽيون وڄن، هن ڏانهن ڪو به لنگهي وڃي، ان کي اهڙو مان ڏئي جو موڪلائي ته روئيندو وڃي.
جميل شهزاد روس جي ليکڪ دوستو وسڪيءَ وانگر جوئاري بڻجي ويو، سدائين کٽندو اهو آهي، جيڪو اڪيلي راند کيڏندو آهي، جميل ميان ٻين سان کيڏندو هو، سو هارائيندو ويو، کٽي پيو، پريشانيون محبوب جي زلفن وانگر وڪوڙي ويس، جان آجي نه ڪرائي سگهيو، آمريڪن ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي وانگر گوليءَ سان انت آندائين، خبر ناهي لحد ۾ لهي راند کٽيائين يا اڃان تائين تاس جي راڻي هٿن ۾ اٿس؟
دلبر يار بشير منگيءَ جا ٿورا آهن جو هُن ماڻڪ موتي رسول ميمڻ صاحب سان ملايو هو. پهرئين ملاقات ۾ هن منهنجي من ۾ محل ٺاهي ورتو هو ۽ ان ۾ اڄ تائين ڏيئا ٻري رهيا آهن.
رسول ميمڻ صاحب ڪراڙو ٿي ويو آهي، تخليق ڪراڙي نه ٿيندي آهي، هن جون ڪهاڻيون، ناول، نظم، ڪالهه به جوان هيا. اڄ به جوان آهن، صبحاڻي به جوان هوندا، سائين جواني ماڻيندا بنرا وني آڻيندا.
رسول ميمڻ صاحب ليکڪ ته وڏو آهي پر پڙهاڪو به وڏو آهي، جڏهن به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ته ڪتاب جو ذڪر ضرور ڪري، هڪٻئي کي ڪتابن بابت ٻڌايون، هڪ ٻئي کي هِرکايون ۽ نئين دنيا وسايون ته لطف اچي وڃي.
پڙهڻ آرٽ (Art) آهي، اهو آرٽ هر ماڻهوءَ جي وس ۾ نه هوندو آهي، ته اهو ان مان Lust حاصل ڪري، پڙهڻ جي Art ۽ جنس (Sex) جي Art مان Lust وٺڻ هڪ وڏي خوبي آهي، اها خوبي رسول ميمڻ صاحب ۾ اتم آهي.
پڙهڻ ۾ ماڻهو جڏهن ڪتابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو آهي ته هڪ نئين ڪائنات دريافت ڪندو آهي، اها “Other world” هوندو آهي، جنس (Sex) ۾ هو نوان جزيرا دريافت ڪندو آهي.
اردو فڪشن رائيٽرس ۾ مرحوم عبدالله حسين قَد جو ڊگهو هو، اردو جو جديد وڏو شاعر افضال احمد سيد به قدآور آهي، سنڌي ليکڪن ۾ رسول ميمڻ صاحب قدَ جو شانائتو آهي، منهن جو موڪرو، تِبت ڪريم هڻڻ بنا ئي رنگ جو کُليل، پاسي تي ڦڻي ڏنل، مرڪندي ڀاڪر پائيندو ته سور سنڌا ڪيون لهي ويندا. دل کولي ٽهڪ ڏيندو، وڏي ليکڪ جو ڪو خول (Mask) نه هوندو. “مان جوئي آهيان سوئي آهيان.” تي عمل ڪندڙ، رسول ميمڻ صاحب بردبار ۽ ديرينو شخص آهي، هن جو آواز وڻندڙ، سُٺو ۽ اهڙو جو بي.بي.سي (BBC) جي پراڻن ۽ سوبر (Sober) آواز جي مالڪن رضا علي عابدي صاحب ۽ وقار احمد جي ياد ڏياريندو.
اسان وٽ مضمونن ۾ ۽ ڪچهرين ۾ خالي ٺڪاوَ هوندا آهن، اجائي واويلا هوندي آهي ته “سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ آهي” “سنڌي ادب ۾ جمود آهي” وغيره جڏهن ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونه آهي، رڳو اسان وٽ پڙهڻ واريون اکيون ڪونه آهن.
اڄ ڪلهه ليکڪن ۽ شاعرن جي يلغار گهڻي ڀاڱي “Facebook” تي آهي، ان کي به هنن “Fake Book” بڻائي ڇڏيو آهي. رڳو فوٽو ئي فوٽو. ڪتاب هونئن به گهٽ پڙهندا هيا، هاڻي ته رهيو کُهيو ان کان به پري ٿي ويا آهن. سنڌي ادب ۾ ناول جي ڪا به کوٽ نه آهي، مرزا قليچ بيگ جي ناولن کان وٺي، اڄ ڪلهه شبنم گل ۽ ظفر جوڻيجو جي نون ناولن تئين تمام سٺن، اهم ۽ سگهارن ناولن جي ڊگهي قطار آهي، لڳ ڀڳ اڍائي ٽي سئو ناول آهن، پر پڙهيا اڍائي ناول آهن ته کوٽ ٿي نه! اياز چواڻيءَ: “ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا!”
رسول ميمڻ جا ٻه ناول “اڻويهه عورتون” ۽ “قالو بلا” پنهنجي جاءِ تي، باقي هن جو ناول “نجومي” ڪمال جو ناول آهي، ان ناول تي هڪ جُملو سورهن آنا سچو آهي: “باڪمال ليکڪ، لاجواب ناول”
عربي ادب جو شاهڪار ڪلاسڪ ڪهاڻي ڪتاب “الف ليله” آهي، دَٻليءَ ۾ دٻليءَ وانگر، ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي آهي، اهڙي عجب جهڙي.
دنيا ۾ ان ڪتاب کي روشناس ڪرائڻ وارو سَرچرڊ برٽن آهي، جنهن ان کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، انگريزيءَ مان دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو، سنڌيءَ ۾ پڻ ان ٿلهي ڪتاب مان ڪجهه چونڊ ترجمو ٿيل آهي، جنهن کي منهنجي شهر جي مشهور پبلشر “مولوي محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور” ڇپايو هو.
سر رچرڊ برٽن مٿي ڦريو ماڻهو هو. وڏو ڏاهو، ذهين ۽ عملي ماڻهو هو. انيڪ ٻوليون ڄاڻيندو هو. مسلمان جو ويس ڌري حج به ڪيائين. رڳو ان ڪري ته مشاهدو ڪيان ته ان ۾ آهي ڇا، حج ڪري، ڪِتاب پڻ لکيائين. رچرڊ برٽن وڏو شوقين ۽ رنگين هو، نه ڇڏيائين چُرندڙ ڪا زائفان، ڪو سهڻو ڇوڪرو ۽ کدڙو.
هن جو ادبي ڪم به وڏو ۽ اعليٰ ٿيل آهي. تاريخ، سفرناما ۽ جنس (Sex) تي وڏو ڪم اٿس. هن جي سئو جي لڳ ڀڳ ڪتابن جي مسودن کي، جوڻس باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، جيڪي هن چواڻيءَ تمام اگهاڙا ڪتاب هيا.
رسول ميمڻ صاحب جو ناول “نجومي” مون کي سنڌي ادب جو هِڪ “ننڍڙو الف ليله” لڳو. جنهن ۾ مختلف ڪهاڻيون پنهنجي اندر ۾ هڪ نئين دنيا آهن. ان جا ڪردار ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿا. هلندي هلندي اسان کي اُهي ملي سگهن ٿا. ناول ۾ ڪو به هَٿ ٺوڪيو ڪردار (Plastic Character) ڪونه آهي.
ڪنهن چواڻي “هڪ سٺو ناول، اسان کي ناول جي ڪردارن جي اصليت ٻڌائيندو آهي، هڪ ڪِنو ناول، اسان کي ليکڪ جي اصليت ٻڌائيندو آهي.”
ڪجهه ڏينهن اڳ شاعر دوست شفيق احمد “شائق ڪمبوهه” صاحب، مون کي اردو ليکڪ مستنصر حسين تارڙ جو ناول “قربِ مرگ مين محبت” قرب ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنو، تارڙ صاحب جا سفرناما مون ڪافي پڙهيا آهن. “خانه بدوش” هڪ سٺو سفرنامو اٿس. ٻين ۾ ليکڪ رڳو هالي ووڊ جو هيرو بڻيل آهي، جو جنهن شهر ۾ داخل ٿئي ٿو، رَنن جو ولر هن پويان لڳي ٿو. ٻه ٽي ناول به نظر مان گذريم. چڱا لڳا. هن ناول ۾ ليکڪ جي اصليت ظاهر ٿئي پئي ته هو اندر جو ڪيڏو پليت آهي.
ناول جي ڪهاڻي بي ربط ۽ پلاسٽڪ ڪهاڻي آهي، سٺ سالن جو خاور ناول جو نائڪ آهي، جيڪو نفسياتي مريض آهي، اصل ۾ اهو تارڙ پاڻ آهي، خاور ليکڪ آهي ۽ ٽيلي ويزن جو پنهنجي وقت جو ڪمپيئر آهي، سٺ سالن جي عمر ۾ هن ڏي فونيون ٿيون اچن. اهي مايون زليخا وانگر هن لاءِ پريشان آهن. هن سان ملن ٿيون. هڪ سنڌڻ، عابده سومرو آهي، هن جو مڙس M.P.A آهي، مڙس ڌيان نه ڏيندو اٿس، عابده سان سهرو هم بستر ٿيندو آهي، مڙس کي دانهن ڏيندي آهي، پر هو ڪنَ لاٽار ڪندو اٿس، هاڻي اسان سنڌي سومرا ايڏا ڪريل آهيون؟
هڪ بلوچستان جي سلطانا بلوچ ٻاهرئين ملڪ جي پي.ايڇ.ڊي آهي. جوان ڇوڪري ٿي ڪري، خاور جهڙي ڪراڙي مڙهه تي مري ٿي.
ٻيڙيءَ جي هِڪ غريب مهاڻي زائفان پکي نالي به خاور لاءِ اڳٺ کوليو ويٺي آهي، تارڙ کي شرم هجي ته ٻڏي مري، برابر اسان سنڌين ۾ به بڇڙايون آهن پر تارڙ! ڪؤٺي تي نچڻ واريون ۽ ڳاڙهي بازار ۾ ويهڻ واريون، دنيا جي تاريخ ۾، سنڌي ۽ بلوچ عورتون توکي نظر نه اينديون، اهي تارڙ هونديون.
رسول ميمڻ جو ناول “نجومي” هڪ تمام سٺو ناول آهي، جيڪو ڪردارن جي اصليت ٻڌائي ٿو.
ناول ۾ مختلف ڪردار، نجوميءَ کي پنهنجي سچي ۽ ڏکوئيندڙ وارتا ٻڌائين ٿا. نجومي طوطي کان لفافو کڻائي، کين خليل جبران جي “پيغامبر” وانگر گس ٻڌائي ٿو. اهي هن جي ڏسيل دَڳ تي هلن ٿا ته سندن واٽ روشن ٿي وڃي ٿي.
ناول ۾ هڪ عامل جي ڪهاڻيءَ کان وٺي، آرياڻي ڳوٺ جي هڪ عاشق جوانڙي تائين جون ڳالهيون آهن. عجب داستان آهن، ڏاڍيون سهڻيون تشبيهون آهن.
ناول “نجومي” هڪ سئو اٺيتاليهه پنن جو آهي پر هڪ سگهارو ۽ وڏو ناول آهي.
جرمن ليکڪ گُنٽر گراس چواڻيءَ: “ادب گُم ٿي ويل ديس جي نئين سِر دريافت ڪندو آهي.”
رسول ميمڻ صاحب ناول “نجومي” ۾ سنڌ ديس جي نيئن سِر ئي دريافت ڪئي آهي، ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي.
•