شخصيتون ۽ خاڪا

رسول ميمڻ (پوپٽ نمبر)

هي ڪتاب نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شخصيت تي پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايل پوپٽ نمبر آھي. امر اقبال لکي ٿو:
”رسول ميمڻ اهو منفرد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ سريئلسٽڪ۽ سمبالڪ انداز ۾ ڪهاڻي لکڻ جا پُختا بُنياد وڌا ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ واري رستي تي سفر ڪندي، نه صرف پنهنجي الڳ ۽ مٿاهين سڃاڻپ پيدا ڪئي پر سنڌي ڪهاڻيءَ کي پڻ “شروعات، وچ ۽ پُڄاڻيءَ” واري روايتي رستي کان ڌار ڪيو، سندس انوکي اظهار جو ڪمال چئجي، جو ڪيئي سال اڳ سندس تخليقي سفر جي شروعاتي سالن ۾ ئي امر جليل جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي مقبول ترين ڪهاڻيڪار سندس غير روايتي اظهار تي خوشي ۽ حيرت جو اظهار ڪيو. “
  • 4.5/5.0
  • 2015
  • 345
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رسول ميمڻ (پوپٽ نمبر)

اڀياس: هڪ سگهارو سرجڻهار (منير سولنگي)

رسول ميمڻ هڪ منفرد شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ مضمون نگار آهي، هو 1974ع کان لکندو پيو اچي. مانواري شاعر ادل سومري جو چوڻ آهي ته: “رسول ميمڻ جيترو قد ۾ اوچو آهي اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ اونهو آهي.” ادل وڌيڪ لکيو: “اسان رشيد ڀٽيءَ جي انهن لفظن تي سوچيندي فيصلو نه ڪري سگهندا آهيون ته ڪهاڻين کي اوليت ڏيون يا سندس شاعريءَ کي. ڇو ته هن ٻنهي شعبن ۾ ڪاميابيءَ سان لکيو آهي.”
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته رسول ميمڻ هڪ منفرد شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ مضمون نگار آهي، هن جي سڀني لکڻين ۾ نرالا رنگ آهن. اهڙا رنگ ڪنهن به ٻئي سريئلسٽ ليکڪ وٽ نه آهن. رسول ميمڻ جا فڪري ۽ سائنسي مضمون به پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
رسول ميمڻ جي فن ۽ فڪر تي اچڻ کان اڳ ۾ ڏسون ته سريئلزم ڇا آهي؟ ڇو ته رسول ميمڻ هڪ سريئلسٽ لکاري آهي.
پهرين مهاڀاري لڙائي جڏهن ڇڙي پيئي ته ان پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. انهيءَ لڙائي جي ڪري به سڄي يورپ تي اثر پيو ۽ اهو تمام گهڻو متاثر ٿيو. جنگ جي خلاف سخت ردعمل شروع ٿي ويو. اهڙي طرح علم ۽ ادب تي به گهرو اثر پيو. ڇو ته اديب ۽ شاعر تمام حساس ٿيندا آهن. سماج جي نبض تي انهن جو هٿ هوندو آهي. نتيجي ۾ ڪجهه نوجوان اديبن ۽ فنڪارن “دادازم” جي نالي سان هڪ ادبي تحريڪ شروع ڪئي. هن هلچل جي اڳواڻ “ترستان زارا” هيو، هن ادبي هلچل جو بنياد 1916ع ۾ وڌو ويو. هيءَ تحريڪ انهن ماڻهن جي خلاف هئي جن جنگين جي حمايت ڪري انسان ذات سان وحشياڻو سلوڪ ڪيو. “ترستان زارا” سان “جين آرپ” “صوفي تائوبر” “هوگوبال” ۽ ٻين اديبن ۽ فنڪارن ساٿ ڏنو، دادازم سان واسطو رکندڙ اديبن ۽ فنڪارن جو ادب ۾ چڙ ڏياريندڙ ۽ جارحاڻو رويو هيو. انهن جي لکڻين ۾ اشتعال انگيز پهلو تمام گهڻو هيو. هنن رواج ۾ ايندڙ اخلاقي قدرن ۾ ادبي اخلاقيات جي خلاف انتهاپسنديءَ وارو رويو اختيار ڪيو، سندن لهجو ناگوار ۽ اگرو هيو.
ستن سالن اندر ئي هيءَ تحريڪ پنهنجي سخت گير لهجي جي ڪري اندروني تضادن ۽ اختلافن جو شڪار ٿي ويئي ۽ اهڙن منفي لاڙن جي ڪري اڳتي هلي نه سگهي. هن تحريڪ جو هاڪاري پاسو وري هي هيو ته هن تحريڪ زبان، ادب ۽ فن جا روايتي پوش ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا.
اهو هِڪڙو وڏو انقلابي قدم هيو. ڇو ته قدامت پسند ۽ روايتي اديبن ۽ فنڪارن نواڻ يا جدت جا سڀ در بند ڪري ڇڏيا هئا. دادازم جي اديبن ۽ فنڪارن اهي در پاڙان اکيڙي پري ڦٽي ڪيا.
نتيجو اهو نڪتو جو هن تحريڪ جون، ٻاهر به نيون راهون کلي ويون.
1918ع مهاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ تي “آندري بريٽن” “هو سومن” “آرگان” “فلپ سويالٽ” ۽ ڪجهه ٻين اديبن ۽ فنڪارن دادازم جي اظهار جي طريقي ۾ ڪم ايندڙ ٻوليءَ ۽ لهجي جو خاتمو ڪري هڪ نئين راهه جوڙي، جنهن کي “سريئلزم” سڏيو ويو. سريئلزم جي پيڙهه باقاعدي 1924ع ۾ پيرس ۾ وڌي ويئي. جنهن جو اڳواڻ “آندري برپٽن” هيو. هن تحريڪ ۾ جيڪي به ليکڪ شامل هئا. اهي سمورا بورجوا قدرن جي خلاف هئا. هن انسان کي پاڻ سڃاڻ جو سبق ڏنو.
سريئلزم جي تحريڪ ۾ شامل اديبن ۽ فنڪارن موضوع ۽ اظهار ۾ تبديلي آندي، هنن جو مقصد شين کي ظاهر شڪل ۾ پيش ڪرڻ نه هو، جيئن اهي نظر اچن ٿيون، ليڪن انهن جي اندرين سچاين تائين پهچي سياست، اخلاقيات ۽ نفسيات جو ڇيد ڪرڻ هو.
سريئلسٽ اديبن جي قلم جي نوڪ سان اها ڪاوش هڪ نئين رنگ روغن ۾ تبديل ٿيو وڃي ۽ ساڳيءَ صورت ۾ نٿي رهي. سريئلزم ۾ داخلي ڪيفيتن کي اوليت ڏيئي انهن کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو. هن لاڙي ۾ ليکڪ اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل دنيا جو سير ڪري ٿو. انهيءَ دنيا کي عقلي دليلن سان دريافت ڪري نه ٿو سگهجي. هيءَ لڪل ۽ اڻ ڏٺل دنيا مادي دنيا کان بنهه نرالي آهي. سريئلسٽ ليکڪ جي خصوصيت هيءَ آهي ته انسان جي لڪل خصلتن ۽ خاصيتن کي بي ڊپو ٿي، جيئن جو تيئن ظاهر ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ ڳوڙهي مطالعي ۽ تحليل نفسيءَ جي ضرورت رهي ٿي.
سرئيلسٽ ليکڪ پوءِ اهي ڪهاڻيڪار، ناول نگار، فنڪار يا شاعر ۽ مصور هجن، اهي فرائيڊ جي نهايت ويجهو رهن ٿا. سريئلزم جي اثر کان سنڌي ليکڪ به بچي نه سگهيو آهي. سنڌي ادب ۾ رسول ميمڻ جو نالو انهيءَ حوالي سان تمام گهڻي مشهوري ماڻي چڪو آهي. ٻيا به ڪجهه ليکڪ آهن... اخلاق انصاري ۽ نسيم پارس گاد جو نالو به تجريدي ۽ سريئلسٽ اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو.
ويجهڙائيءَ ۾ رسول ميمڻ جا ڪجهه ناول ۽ ڪهاڻين جا مجموعا “قالو بلا” “سونو ڏند” “حليمان” اڻويهه عورتون” ۽ “نجومي” ڪتابي صورت ۾ آيا ۽ گهڻو مقبول ٿيا. هڪ رسالي ۾ قسط وار ڇپيل ناول “اسٽيل جا پنج گلاس” ۽ ڪهاڻيون “خوشخبري” “انبن جي موسم جو لوڪ گيت” “وڻ جي قبر” “عمر علي” “انڌو ڪوي” “ٻيپهريءَ جو ٻوسٽ” ۽ ٻيون کوڙ ساريون ڪهاڻيون به وڏي چاهه سان پڙهيون ويون. رسول ميمڻ جا فڪري ۽ سائنسي مضمون به پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
هڪ مضمون “آٿرتا” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته “جڏهن دنيا مان روانو ٿيندس ته اڪيلو نه هوندس، منهنجو خدا مونسان گڏ هوندو، ڇو جو خدا منهنجي جسم جي هر جيو گهرڙي (Cell) جي ڪروموسوم (Chromosome) ۾ رهي ٿو.”
رسول ميمڻ ڪجهه ڪهاڻيون سريئلزم جي لاڙي ۽ تجريديت کان هٽي ڪري لکيون آهن، مثال طور: “سوڙهه” ڪهاڻيءَ ۾ ننڍا ننڍا عنوان ڏنا ويا آهن، پر ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو برقرار رهي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ غريبي، مفلسي ۽ بک جي تصوير نهايت موثر نموني سان چٽي ويئي آهي.
هيءَ هڪ عام ڪهاڻي آهي، جيڪا ايترو متاثر نٿي ڪري، ٻي ڪهاڻي “ڏور” آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ نبي بخش جي ڪردار کي وائکو ڪيو آهي. نبي بخش لغر اڏاريندو رهي ٿو. هڪ انبالوي ڇوڪريءَ تي عاشق آهي. اها ڇوڪري هڪ چڪلي جي رنڊيءَ جي ڌيءَ آهي، هڪ شخص هن جي ماءُ سان ڪوڙو نڪاح ڪيو هو. انبالوي ڇوڪري حرامي اولاد آهي. هن تي راڄ عاشق آهن. ڇوري به تريناڪ ۽ ڇڙيل ڇنڊيل آهي. نبي بخش ننڍيءَ وهيءَ ۾ سونهن معاشقا لڙائي چڪو آهي. هو انبالوي ڇوڪريءَ جي پرڻي جي تياريءَ جو ٻڌي، ڪوٺي تان لهي اچي وڏن پاون واريءَ کٽ تي ويهي رنن وانگر روئڻ شروع ڪري ٿو. اها کٽ تمام ميري آهي. ان مٿان ڌوڙ ڄميل آهي ۽ جهرڪين جون وٺيون پيل آهن. هڪ ڏينهن اها انبالوي ڇوڪري ڪوٺي تي بيٺي هئي ته هن جي ڳچيءَ ۾ لغڙ جي ڏور ويڙهجي ويئي. ڏور هن جي ڳچيءَ کي وڍي ٿي ۽ گهڻي رت وهڻ جي ڪري هوءَ مري وڃي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ لغر اڏاريندڙ سڀ ڪردار حقيقي محسوس ٿين ٿا. واريءَ تڙ، حيات علي شاهه جو باغ ۽ ان جو رهندڙ گلاب، غريب آباد وارو جمن، آچر، گهٽي وارو قمر، شمس آباد وارو نبي بخش ۽ ڪارو اڪرم وغيره.
ڪهاڻيءَ ۾ اها خبر نه ٿي پوي ته اها انبالوي ڇوڪري ڪنهن جي لغڙ جي ڏور سان زخمي ٿئي ٿي ۽ مري وڃي ٿي. ڪهاڻيءَ جي اڻت لاجواب آهي ۽ ڪهاڻيڪار نهايت ڪاريگريءَ سان ڪردارن کي اجاگر ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي دکدائڪ آهي.
ٽئين ڪهاڻي “وڻ جي قبر” آهي، هيءَ ڪهاڻي به حقيقت تي آڌاريل آهي. ٽماهي “پوپٽ” جي آڪٽوبر ڊسمبر 2013ع واري شماري ۾ رسول ميمڻ جو انٽرويو ڇپيل آهي. پينل ۾ قربان منگي، حبيب ساجد ۽ امر اقبال هئا. هي انٽرويو پڙهي پتو پوي ٿو ته رسول ميمڻ اڪثر پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي واقعن ۽ ڪردارن کي ڪهاڻين ۾ آندو آهي.
ڪهاڻي “وڻ جي قبر” ۾ رسول ميمڻ وڻ کي تجسيم ڏيئي هڪ ڪردار جي صورت ڏني آهي. تجسيم نثر ۽ نظم جو حسن آهي. جيتري قدر رسول ميمڻ جي ناولن جو تعلق آهي. اهي سريئلزم جي لاڙي تحت لکيل آهن. “اسٽيل جا پنج گلاس”، “اڻويهه عورتون”، “قالو بلا” ۽ ٻيا ڪجهه ناول. “اسٽيل جا پنج گلاس” ناول به حقيقت تي ٻڌل آهي. ممڪن آهي ته اڄ به اهي گلاس ڪهاڻيڪار وٽ سانڍيل هجن، طوالت سبب ٻين ڪهاڻين ۽ ناولن تي نظر نٿي وجهي سگهجي.
رسول ميمڻ شاعر به بهترين آهي، هن جي شاعريءَ جو مجموعو “اوشا جي آشا” يعني “صبح جي اميد” گهڻو وقت اڳ ۾ شايع ٿيل آهي.
رسول ميمڻ 1974ع کان لکندو پيو اچي.
سندس چوڻ آهي ته: “لکڻ مونکي رليف ڏيندو آهي، سڪون ڏيندو آهي، ائين لڳندو آهي ته مون ڪو وڏو بار ڪلهن تان لاهي ڇڏيو آهي.”
شاعري ڪائنات ۾ موجود سڀني علمن کان نفيس ۽ نرم احساساتي علم جو نالو آهي. شاعريءَ ۾ ڪافي تجربا ڪيا ويا آهن. اهو سلسلو هلندو رهي ٿو. رسول ميمڻ به پنهنجي احساسن کي شاعريءَ وسيلي ڪاڳرن تي اوتيو آهي. “اوشا جي آشا” ۾ چوسٽا، آزاد نظم، وايون ۽ دوها شامل آهن.
رسول ميمڻ سڀني صنفن ۾ “چنڊ” جو استعارو گهڻو ڪم آندو آهي.

چنڊ کي هر هر ڏنگ هڻي
ٿي رات جي نانگڻ زهر ڀلي

۽ زهر جهڙيءَ چانڊوڪيءَ جي
اڀ مان ٿو چنڊ ڏاڪ ڪري.

چؤسٽن ۾ اصطلاح ۽ علامتون نهايت خوبصورتيءَ سان استعمال ٿيل آهن. رسول ميمڻ جا هائيڪا به وڻندڙ ۽ سپڪ آهن: مثال طور:

رات ڏٺو مون خواب
ماڻهو آڏو وڄائي پئي
هڪڙي رڍ رباب

هن هائيڪي ۾ ابتو چڪر آهي. هونئن “رڍ اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا” محاورو مشهور آهي. مگر هتي رڍ ماڻهوءَ آڏو رباب وڄائي رهي آهي.

وڄن پيا گهنڊ
عيسيٰ سمهيل مريم سان
گرجا ۾ ننڊ
***
ٽماٽن جي ول
ڪنهن جي ڳاڙهن چپڙن تي
سائي ساول

هن هائيڪي ۾ ٽماٽن جي ول ڏيکاري وئي آهي. مگر ياد رهي ته ٽماٽن جو ننڍو ٻوٽو ٿيندو آهي، نه ڪي ول. اها مشاهدي جي کوٽ آهي. رسول ميمڻ جا هائيڪا گهاڙيٽي جي لحاظ کان ماترائن جي گهٽ وڌائيءَ سان لکيا ويا آهن. هائيڪي جو گهاڙيٽو 5-7-5 ماترائن تي ٻڌل هوندو آهي. يعني ڪل 17 ماترائون ٿين ٿيون. رسول ميمڻ جي هم عصر شاعرن ذوالفقار راشديءَ ۽ جبار جوڻيجي فارسي وزن تي هائيڪا لکيا آهن. ذوالفقار راشديءَ هائيڪن جو وزن “فاعلاتن فاعلاتن فاعلن” رکيو آهي ۽ جبار جوڻيجي “مفعول فاعلاتن” وزن ڪم آندو آهي. جيئن ته هائيڪو فطرت جي شاعري آهي. تنهن ڪري رسول ميمڻ به فطرت نگاري ڪئي آهي. جپاني هائيڪي ۾ فطري نظارن، محبت ۽ خارجي منظر نگاري گهڻي نظر ايندي، رسول ميمڻ به محبت ۽ فطرت جا منظر سٺي نموني چٽيا آهن.
رسول ميمڻ جون وايون ڇند توڙي فارسي وزنن ۾ پوريون نه آهن پر سندس واين ۾ نهايت سگهارا ويچار سمايل آهن، هڪ وائي ۾ چوي ٿو ته:

اٺن پٺيءَ پاکڙا
ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ
اڳيان رڃ اجل جي
ٿرين ٿوهي هٿڙا
ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ
پگهر ساوڻ سج جو
مٽيءَ ڌوتا مٿڙا
ٿڪ کي ڪهڙو ٿانءُ

رسول ميمڻ جا آزاد نظم جيئن ته پنجٽيهه ڇٽيهه سال اڳ جا لکيل آهن، پوءِ انهن ۾ اڄ به اوتري توانائي آهي.
رسول ميمڻ دوها به سرجيا آهن.

پائي نه ايندو ڪر پرين! روز ٻانهن ۾ رابيل
رڳو تنهنجا هٿ ئي سنگهندي لنگهي وڃي ٿي ويل

هن مختصر پيپر ۾ رسول ميمڻ جي فن، فڪر ۽ خيالن جو ڪاٿو لڳائي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته سندس تخليقي ڪَمَ جا گهڻا ۽ اهم حوالا آهن، جن تي تفصيل سان لکڻ لاءِ هڪ طويل مضمون جي ضرورت آهي. مون هن مختصر مضمون ۾ پنهنجا جيڪي ويچار ونڊيا آهن، ڪو صاحب انهن سان اختلاف رکي ٿو ته اهو ان جو جمهوري حق آهي. ڇاڪاڻ ته اڀياسي ۽ تنقيدي ڪم ۾ ڪنهن جي به راءِ حرفِ آخر ناهي هوندي. رسول ميمڻ اسان جي سنڌي ادب جو سگهارو نالو آهي، اميد ته ادب جا پارکو سندس ڪم جي صحيح ڪَٿ ڪري سگهندا.