اڀياس: امن جي نالي (رشيد ڀٽي)
ائين برابر آهي ته گذريل پنجن سالن دوران، ملڪ جي تڪڙين تبديلن ٿيندڙ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن سبب، اڪثر اڳ لکندڙ اديب ۽ شاعر مونجهارن جي دنيا ۾ رهيو آهي. جنهن ڪري سندس تخليقي پيداوار ۽ ان جي اوسر جو عمل ضرور متاثر ٿيو آهي.
ٻي پاسي رسالن ۽ اشاعتي سلسلن تي بندش پوڻ سبب سندس اها تخليق پڙهندڙن آڏو به نه اچي سگهي آهي. پر ان جي باوجود، اها حقيقت آهي ته ان دوران به سندس تخليقي قوت ماٺ ۾ نه رهي آهي. ٿورو ڪي گهڻو، هو لکندو ئي رهيو آهي ۽ لکندو رهي ٿو. اهو ان ڪري نوجوان وٽ لکڻ لاءِ موضوع ۽ مقصد جي ڪڏهن به تنگي يا کوٽ نه رهي آهي. هن ڌرتيءَ، انسان، انسانيت، ديش، عوام ۽ انهن جي مسئلن کان منهن نه موڙيو آهي. جيستائين فنڪار وٽ موضوع آهي. فن ۽ تخليق جو مقصد آهي، تيستائين هن جي تخليقي عمل جو سلسلو ختم نه ٿو ٿي سگهي.
ان عرصي دوران ٻي خاص همٿائيندڙ حقيقت اها اڀري آئي آهي ته ان وچ ۾ سنڌي زبان جي اديبن ۽ شاعرن جو نئون نسل ڀرپور نموني اسري ويو آهي. انهن جي تخليقن پڙهڻ کانپوءِ کين سنگت جي ميڙن ۽ ادبي اجتماعن ۾ ٻڌڻ کانپوءِ منهنجي آس ۽ اميد وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. هاڻي آئون انهن نراسائيءَ ۽ نااميديءَ جي شڪار ٿيل دوستن ۽ ساٿين سان وڏي واڪ ويهي ڳالهائي سگهان ٿو. جي ادب ۾ جمود ۽ ماٺ جا وهم ۽ گمان ظاهر ڪري، ان جي حال ۽ مستقبل کان مايوس ٿي ويا آهن.
اسان جي نئين نسل وٽ فن به آهي ته فڪر به، وٽن سوچ آهي ۽ سلجهيل دماغ پڻ، وٽن مشاهدو به آهي ته سندن من ۾ مانڌاڻ به آهي، هنن وٽ ان سوچ ۽ لوچ کي پيش ڪرڻ جو انداز به ججهو آهي. هنن کي قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن جي پروڙ آهي. هنن وٽ انسان ۽ انسانيت جي مسئلن جي پوري پوري پرجهه آهي. هو نه رڳو مسئلن کي ڄاڻن ٿا، پر انهن جي نشاندهي ڪري سگهن ٿا. هو کنيل موضوع کي مقصد ۽ آدرش آهر نڀائڻ به ڄاڻن ٿا. پر انهن ۾ رڳي اڪيلي اوڻائي اها آهي ته نوان ۽ ننڍڙا اديب آهن ۽ وڏن مڃيل اديبن جي منجهن اک ڪانه ٿي ٻڏي، جنهن ڪري چيو وڃي ٿو ته سنڌي ادب تي جمود آهي! اهو ڏسڻ ۽ وسمهڻ جي تڪليف نه ٿي ڪئي وڃي ته مٿين تهه جي هيٺان سهي ولوڙ آهي. ارتقا جي عمل ۾ ائين ٿيڻ ڪنهن حد تائين سڀاويڪ به آهي. هڪ لقاءَ جي ٻي لقاءَ ۾ منتقل ٿيڻ واري نڪتي تي رسڻ کان اڳ، اوسر جي ان عمل ۾، ائين محسوس ٿيندو آهي ۽ ٻي گهڙي، ان نڪتي تي رسڻ سان ئي نئون لقاءُ ۽ نئين شيءِ وجود وٺي ظاهر ٿيندي آهي. اها گهڙي ويجهي آهي. ان ڪري مان سنڌي ادب جي حال ۽ مستقبل کان، نااميد نه آهيان، مون لاءِ نااميدي ڪفر برابر آهي. مان نئين اسرندڙ نسل کي ڏٺو آهي ۽ سمجهيو آهي. رڳو سکر ۾ گذريل ان عرصي دوران چڱا چوکا فنڪار ادبي دنيا ۾ اُسري آيا آهن. رفيق سومرو، ادل سومرو، اياز گل، رسول ميمڻ، رحمان جافرادي، سدا حيات جلباڻي ۽ سيف پنوي وغيره وغيره.
رسول ميمڻ گذريل ٻن سالن کان افسانو لکي رهيو آهي. ڪڏهين ڪڏهين شعر تي به هٿ هلائي ٿو. ٽيڙو ۽ وائيءَ تي سٺي ۽ سهڻي پهچ اٿس. سنگت جي ڪچهرين ۾ سندس افساني تي به ايترو ئي داد ملندو آهي. جيترو شعر تي. ان ڪري في الوقت چئي نه ٿو سگهجي ته هو اڳتي هلي هڪ اعليٰ ۽ عظيم ڪهاڻيڪار ٿيندو يا شاعر. جيترو قد ۾ مٿي ۽ اوچو آهي. اوترو ئي سوچ ۾ هيٺ ۽ اونهو آهي. هيءُ حليم سڀاءَ وارو نوجوان ميڊيڪل جو شاگرد آهي. مُڙدن جي وڍ ڪٽ ۾ ڪيترو ڪامياب آهي. سو ته آئون نه ٿو چئي سگهان، پر سماج جي جيئري جاڳندي انسان ۽ ان جي اندر جي وڍ ڪٽ ڪمال مهارت سان ڪري سگهي ٿو. ڏاڍو اونهو آهي ۽ گهرو پڻ. حساس به ته حقيقت پسند به. رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جو فرسوده ۽ انسان دشمن قدر. هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسانيت جي دشمن جنگ جو جاني دشمن آهي. هن جو من امن لاءِ ڦٿڪندو ۽ لڇندو پڇندو رهي ٿو. هو انسان جي عظمت جو دائي آهي. هو انسان کي ڪنهن قدرت يا جبر جو طفيلي يا ماتحت ڏسڻ ۽ سمجهڻ نٿو تسليم ڪري. هو انساني سماج ۽ انسانيت جي ناسورن کي اقتصادي مسئلن ۾ غير برابرين جي پيدائش ٿو سمجهي. هو چئي ٿو پيٽ وڏي شيءِ آهي. بک ئي اهو سرچشمو آهي، جنهن مان انساني براين ۽ بدين جون سڀ نهرون ۽ واهيون وهي هلن ٿيون، بک ئي سڀني گناهن کي جنم ڏيندڙ ديوي آهي.
اهي ئي ساڀيائون، اهي ئي سپنا ۽ اهي ئي آدرش اسان کي رسول ميمڻ جي، هن مجموعي “امن جي نالي” ۾ شامل افسانن ۾ ملن ٿا. “انسانيت، دونهون ۽ لاش” ۽ “امن جي نالي” افسانن ۾ جنگ جي ميدان جي پس منظر ۾ هن انسان جي جذبن، آدرشن ۽ ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنهنجي هٿان پنهنجن جي نسل جي تباهي ۽ بربادي انسان کي سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته آخر هيءَ جنگ ڇو؟ ٻيا به ڪيترائي محاذ آهن جنگ لاءِ! آخر انسان انهن محاذن تي منهن ڇو نه ٿو ڏئي؟ مفلسيءَ سان جنگ، اندر سان جنگ، براين ۽ سماج جي ناسورن سان جنگ!... ماڻهو ڇو نه اهڙي حقيقت سان وڙهي، ان تباهه ڪن لڙاين کي جنم ڏين ٿيون.
“هاڃو هاڃو هاءِ! حياتي” ۽ “سڪون ڪٿي آ” ۾ رسول ميمڻ گناهه جي فلسفي جو اپٽار ڪيو آهي. طبقاتي سماج ۾ اقتصادي غير برابري ۽ غير يقينيءَ سبب پيدا ٿيندڙ بک ۽ مجبوريءَ ئي گناهه جو سرچشمو آهي. بک بڇڙو ٽول آ، جا داناءَ ديوانا ڪري ڇڏي يا شاهه سائينءَ چواڻي “ڍؤ بنا ڍوليا، ڪانهي ساڃهه ساهه جي” انهن اڻ مٽ ۽ سچين چوڻين کي رسول ميمڻ نهايت ئي ڪاريگريءَ ۽ فني مهارت سان افسانن ذريعي نڀايو آهي. بک سڀ احساس مٽايو ڇڏي، مذهبي تقدس ۽ اخلاقي پابنديون، سماجي نيم ۽ انساني حد بنديون، بک لحظي ۾ لتاڙيو وڃي، رسول جو خيال آهي ته بک ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ گهنڊ آهي، جيڪو دنيا جي ديول تي هميشه لڏندو رهندو. ان ۾ فنڪار جي نراسا جي جهلڪ ملي ٿي، جا سندس ٻين افسانن ۾ پٽيءَ ڪانه آهي، يا اڻ لکي آهي.
“بستيون ۽ پستيون” افسانو، رسول ميمڻ جي منظر ڪشيءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو نادر نمونو آهي. هن افساني ۾ اهڙي بستيءَ جو منظر چٽيو ويو آهي. جتي بک، بيروزگاريءَ، مفلسيءَ ۽ مجبوريءَ جو راڄ آهي. جتي نه رڳو گند ۽ ڪچري جا ڍير آهن، پر انساني سماج جي بڇڙايُن ۽ گندگين جا انبار آهن. انسان ان جي ماحول، چيهون چيهون ٿيل زندگيءَ جي عڪاسي، رسول ميمڻ جي مشاهدي جي قوت ۽ حساس دليءَ جو چٽو ثبوت آهي. ائي ٿو لڳي ته، نه رڳو فنڪار ان بستيءَ ۾ رهي ٿو، پر اتان جي واسين جي دلين، گهٽين گهيرن مان به گهمي آيو آهي. ان بستيءَ جي رهواسين جي ڪردار نگاريءَ ۾ رسول پنهنجو اندر اٿلائي رکيو آهي. اکين آڏو خاندوءَ، راهوءَ ۽ پٽهنس جون جيئريون جاڳنديون چرندڙ پرندڙ صورتون اڀري ٿيون اچن. “پارس هٿ” انسان جي عظمت جو دليل آهي. انسان جو هٿ پارس آهي. جنهن کي سڃي سو سون ٿئي. قدرت ۽ قسمت انساني هٿ جي ڇهاءَ جو ٻيو نالو آهي. انسان جو هٿ ئي قدرت کي جنم ڏئي ٿو يا مڪمل ڪري ٿو. انسان محتاج نه آهي، پر پاڻ مالڪ آهي. مقدر ۽ بخت ماڻهوءَ جي محنت جو ٻيو نانءُ آهي. ماڻهو مقدر آڏو مجبور نه آهي، پر پنهنجي محنت جو محتاج آهي. “هيءَ سين نه ڏيندي چين” افساني ۾ پراڻي ۽ قابل بحث موضوع کي رسول ميمڻ پنهنجي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ نڀائڻ جي جرئت ڪئي آهي. ٻين لاءِ جيئڻ ۾ ئي زندگيءَ جي امرتا جو راز آهي. پنهنجي لاءِ جيئڻ بي معنيٰ آهي. پنهنجي ذهن تائين ۽ خواهش تائين محدود سوچ رکندڙ فنڪار ئي نراسا جو شڪار ٿئي ٿو، فراريت جي ڦند ۾ ڦاسي ٿو. سنسار لاءِ سوچيو، جڳ جي جهوري جيءَ کي لايو، انسان جي احياءَ، عظمت ۽ ڇوٽڪاري لاءِ جدوجهد ڪندڙ فنڪار ئي امر ٿي سگهي ٿو. ۽ نراشا کان جان ڇڏائي سگهي ٿو. فن جي قيمت ناڻو يا ٺلهو داد نه آهي، پر سماج ۽ ان جي قدرن جي تبديلي آهي. ان آدرش سان ئي فنڪار تخليق جو عمل جاري رکي سگهي ٿو. آس جي دولت سان مالا مال ٿي سگهي ٿو. ذهني مونجهارن مان پار پئجي سگهي ٿو، امرتا ماڻي سگهي ٿو. اهو ئي تاتپرج ۽ تاڃي پيٽو آهي. رسول ميمڻ جي انهن اٺن افسانن جو، جي هن مجموعي ۾ شامل آهن. سندسن هيءَ مجموعو پهريون ۽ شروعاتي مجموعو آهي. انهن افسانن ۾، جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان، نه رڳو فڪر آهي، پر فن به آهي، سندس نئين گهڙيل قلم انهن افسانن کي فني نڪته نظر کان به سينگارڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي زبان ۽ گرامر جا ماهر ۽ گهاگهه سندس لکت مان وڏون ڪڍن، پر جي اهي به سندس عمر ۽ تجربي جي لحاظ کان ان تي نظر وجهندا ته کين رسول ميمڻ جي نثر ۾ اهي سڀ خوبيون ڏسڻ ۾ اينديون، جي افساني لاءِ گهربل هونديون آهن، يا سٺي نثر لاءِ ضروري هونديون آهن، وٽس موضوع به آهي ته مقصد به. وٽس منظرڪشي به آهي ته ڪردار نگاري به. وٽس مشاهدو به آهي ته ان جو اظهار به. هن وٽ سوچ جي سيبتائي به آهي ته لطيف انساني جذبن جي عڪاسي به. سندس ٻوليءَ ۾ رواني به آهي ته مٺاس به. پنهنجي هن پهرين ۽ اوائلي ڪوشش ۾ جا هن ڪاميابي ماڻي آهي. ان جي آڌار تي، چئي سگهجي ٿو ته، اسان جو هي نوجوان ۽ نئين نسل جو فنڪار، اڳتي هلي، پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ پختگي پائي، سنڌي ادب ۾ ۽ خاص ڪري افساني جي دنيا ۾ نمايان ۽ منفرد مقام ماڻيندو. فن يا ان جي تخليق هڪ مسلسل ۽ اڻ کٽ جدوجهد آهي ۽ ان جي شروعات رسول ميمڻ سٺي ۽ سڦل نموني ڪئي آهي. مون کي اميد آهي ته هن ساٿيءَ کي اها سين چين نه ڏيندي ۽ هو جستجو ۽ جاکوڙ جاري رکندو ۽ پنهنجي جيون جو آدرش اوس ماڻيندو.
(1977ع)
•