خوشيءَ جي ڳولها (ڊاڪٽر موهن بسنتاڻي) ڊاڪٽر غلام رسول المعروف رسول ميمڻ جڏهن سنڌ گورنمينٽ اسپتال ڪياماڙي آيو ته ساڻس دوستي ٿي، هو صوفي منش يار ويس ماڻهو آهي، سندس لکڻ جو ڏانءُ عجيب غريب آهي. عام ڊگر کان هٽيل ۽ ايڏو ڳوڙهو جو دانائن کي ديوانو ڪري وجهي. پاڻ کي ان ڪري خوشقسمت سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر صاحب سان محبت جو موقعو مليو. هو اهڙو لڪيل دانشور آهي جيڪو پنهنجا خيال ورلي ظاهر ڪري ٿو. هن جا بحث ويجهن دوستن لاءِ آهن. جڏهن ڳالهائي ٿو ته پوءِ هن جهڙو ڪو به ڳالهائي نه ٿو سگهي. مان وحدت جو متلاشي آهيان، منهنجي ڪلينڪ ۾ ٻن تختن تي قرآن ۽ گيتا رکيل آهن. سڀني جو رب ساڳيو آهي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ سان تمام ڊگهيون ڪچهريون ٿيون، انهن جو موضوع گهڻو ڪري انساني مسئلا، انهن جو حل ۽ اهڙي خوشيءَ جي ڳولها هئي جيڪا ڪڏهن ختم نه ٿي سگهي. هيءَ ناول انهن ڊگهن مباحثن جو تَتُ آهي، جيڪو مصنف پنهنجي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. •