نجومي: هڪ شاهڪار ناول (رحمت پيرزادو)
هن ناول جو ماحول نجوميءَ ڏي ايندڙ ويندڙ ڪردارن جي چوڌاري ڦري ٿو. نجومي جيڪو شهر جي مُکيه رستي تي تاڙي خاني ٻاهران پُراڻي چادر وڇائي، پنجٽيهه سالن کان روٽين سان ان ئي جڳهه تي ويهندڙ هڪ ڪردار آهي، هُن وٽ طوطو ۽ قسمت جي حال جي ڦار ٻڌائيندڙ ڪجهه لفافا آهن، جيڪي سندس سامهون ترتيب سان رکيل آهن، هاڻ هو پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ وقت گذارڻ واسطي مختلف ماڻهن ۽ انهن جي واقعن کي سارڻ لاءِ آڱر تي طوطو وهاري قسمت جو ڪو نه ڪو پُکو کڻي، ياد ٿو ڪري ته ان ۾ موجود ڦار وٽس ڪنهن ڪنهن شخص جي ڀاڳ ۾ نڪتي هئي.
هي نجومي اسان جي سوسائٽيءَ جو هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو ڪردار هاڻي سماج مان ناپيد ٿي رهيو آهي، هي ڪردار ڄڻ ڪليسا جي اعتراف واري ڪُنڊ جيان ماڻهن جي دلين کي کولي/اُکولي درد-ڪٿائن کي ٻاهر ڪڍي ايندو هئو ۽ قسمت جو حال ڇا به نڪري پر انهن مصيبتن جي ماريلن کي نجوميءَ جي صورت ۾ هڪ درد ڀائي ته ملندو هئو. جنهن سان هُو پنهنجي داخلي پيڙائن جا چار ڳوڙها ڳاڙي سگهندا هئا. هي ناول جڏهن اڳتي وڌي ٿو ته هن ۾ تمام گهڻيون ڪهاڻيون شامل ٿي وڃن ٿيون. انهن ڪهاڻين جا سرا پنهنجي پنهنجي ڪردارن جي سماجي حالتن ۽ ذهني مونجهارن سان ملن ٿا ۽ گهريلو مسئلن کي به انهن ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي، خاص طور تي اهي مسئلا جيڪي تڪڙ ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ جي نتيجي ۾ هاڃيڪار ثابت ٿين ٿا يا مس انڊر اسٽينڊنگ جي ڪري جنم وٺن ٿا، انهن کي ته نجوميءَ جو مشورو به سلجهائي سگهي ٿو.
ماڻهو تاڙي خاني جي طرف ڇو ٿا اچن ۽ نجوميءَ ۾ انهن جو ويساهه ڇو ٿو پيدا ٿئي! ان جا سبب جيڪي سائين رسول ميمڻ هتي ٻڌائي ٿو، اهي هر ڪردار جي بيوسي ۽ لاچاريءَ سان لاڳو آهن، مطلب ته اهي انسان غيب تي ويساهه ان حالت ۾ آڻن ٿا جڏهن انهن جا ظاهري دربند ٿا ٿين ۽ ڪٿان به انهن کي مسئلن جو حل نظر نه ٿو اچي، تڏهن اهي قسمت جي چڪر ۾ ٿا اچن ۽ نجوميءَ کان ڦار ٿا ڪڍرائين.
هن ناول ۾ مختلف ڪردار نظر اچن ٿا. پر ماحول سکر جي ڀرپاسي جو محسوس ٿئي ٿو، جنهن ڪري ليکڪ جو تعلق ذاتي قسم جو ٿو ڀاسي، خاص ڪري ڪردار ٻهراڙي ۽ ننڍن شهرن سان تعلق رکن ٿا. جنهن ڪري اتر سنڌ جي ماحول جو ڳوڙهو مشاهدو (Keen Observation) ۽ سماجي حقيقت نگاري پڙهندڙن کي واضح طور نظر اچي سگهي ٿي.
ان کان علاوه به ڪجهه موضوع آهن جن کي تاريخي پس منظر حاصل آهي ۽ ٻيا ڪجهه وساريل ڪردار به هن ناول ۾ پنهنجي اهم حيثيت رکن ٿا. مثال طور هي هڪ وارتا آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڪردار پنهنجي اهم حيثيت رکن ٿا. ڪجهه ڪردار پنهنجي حالتِ زار بيان ڪن ٿا: “سرڪس جي محرر جي ڌيءَ هئي، جيڪا مون کان ڏهه سال وڏي هئي، اها انتهائي خوبصورت عورت هئي، سڀ ملازم هن تي فدا هئا، ان جون ادائون ايڏيون ته دلرُبا هيون جو هڪ اشاري تي دليون سينن کان ٻاهر نڪري ڦٿڪڻ لڳنديون هيون. اها سرڪس جي رسن تي ٽپا ڏئي، پاڻ کي هيٺ ڇڏيندي هئي ۽ اُبتيون سُبتيون قلابازيون کائيندي، اچي ڄار ۾ ڪرندي هئي، جڏهن مان نشانا هڻندو هئس ته هوءَ ڦٽي تي منهنجن وسندڙ خنجرن جي سامهون اچي بيهندي هئي، هر نشاني تي پيار سان مُرڪي، چپ گول ڪري، مون ڏانهن خيالي چُمين جا وسڪارا ڪندي هئي، ان عورت کي مان ايڏو وڻي ويس جو مون کي خيمي ۾ وٺي وئي ۽ پيار جو اظهار ڪيو، مان به جوانيءَ جي جوش ۾ هئس، هن جيئن پيار جو اظهار ڪيو ته مان به هن کي چُهٽي چپن تي چُميون ڏنيون ۽ ان جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويس.”
سائين رسول ميمڻ ان قصي کي اڃا اڳتي وڌائيندي لکي ٿو: “هن واعدي خلافي ڪئي ۽ مون جڏهن ٻيو ڀيرو ان کي شينهن جي بادشاهه جي خيمي ۾ ڏٺو ته باهه ٿي ويس. پڪو پهه ڪيم ته ان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس ۽ بيوفائيءَ جو مزو چکائيندس، ٻئي ڏينهن سرڪس جي رسن تي ٽپا ڏئي، هوءَ واندي ٿي ۽ منهنجي مظاهري جو وقت آيو. مون هر طرف خنجر اڇلايا جيڪي پنهنجن نشانن تي لڳا. مون هڪ خنجر هُن جي سيني جو نشانو وٺي اڇلايو، جيڪو هُن جي دل ۾ لڳو، ڦٽي تان رت، بي وفائيءَ جي نانگ جيان هيٺ لهندو. هن جي پيرن کان ٿيندو، سرڪس جي ٻاهرئين در ڏي هليو ويو. هوءَ ڪري پئي۽ اتي ئي مري وئي.”
هن ناول ۾ موجود هر ڪهاڻيءَ ۾ ان قسم جو تجسس، پراسراريت، اڇوتوپن ۽ سنسني خيزي آهي، مٿئين ٽُڪري جهڙي بيرحمي ئي هڪ جاندار سماجي حقيقت نگاريءَ جو بيان ٿي سگهي ٿي، پر هن ناول ۾ رڳو سماجي حقيقت نگاري ئي نه پر داستان گوئيءَ جو اعليٰ مثال پڻ موجود آهي، سائين لکي ٿو: “گهٽيءَ ۾ هر ٽن گهرن کان پوءِ هڪ نباتي فانوس ٻرندو هيو. گهٽي ائين ڏسبي هئي ڄڻ اتي روشن دماغ مفڪر بيٺل هجن. گهرن ٻاهران درن تي سڻيءَ جا کٿا ڪنهن پرديدار عورت جي منهن تي پيل نقابن جهڙا هيا. مُحلي جا رستا صاف ۽ ڪشادا هيا، جتي ڳاڙهين سرن جو فرش هيو، روز صبح جو هڪ ٿُلهي جمعدار عورت جنهن کي ويڪرو پڙو پاتل هوندو هيو، اها هڪ مهل ٻه وڏا ٻهارا هٿن ۾ کڻي ڏيندي هئي، اها ڳاڙهين سرن واري گهٽي ڏاڍي روشن ۽ صاف هئي، ان گهٽيءَ ۾ هڪ پوڙهي عورت رهندي هئي، جيڪا سون جي سئيءَ ۾ ريشم جو پَٽُ وجهي ڀرت ڀريندي هئي. اُن عورت جا ڀرت خوبصورت ۽ اکين کي وڻندڙ هيا. اُن جي گهر اندر روشنيءَ جو جوڳو بندوبست نه هيو. اتي اوندهه هوندي هئي. هوءَ ڏينهن جو ڪمري جي دري کولي روشنيءَ ۾ ڀرت ڀريندي هئي ۽ رات جو سج لٿي کان پوءِِ ڪم بند ڪري آرام ڪندي هئي. هُن کي سون جي سئي ڏاڍي عزيز هئي. ان کي ساهه ۾ سانڍيندي هئي اها ڪيترا ورهه اڳ ان کي ماءُ کان ڏاج ۾ ملي هئي. سئيءَ ۾ ڄڻ هن جو ساهه هيو اُها چوندي هئي، “سهڻا ڀرت مان نه ڀريندي آهيان پر منهنجي سُئي ڀريندي آهي، مان سئي هٿ ۾ جهليندي آهيان ۽ اها پنهنجو پاڻ هلندي آهي.”
هاڻي ان قسم جي نثر جي چاشني، ٻوليءَ جو امُلهه خزانو ۽ بيان جي حسين رواني، رسول ميمڻ جي هن ناول جو ڪينواس جوڙي ٿي. هو هڪ ئي وقت حقيقت نگاريءَ جي چوٽيءَ کي ڇُهي ٿو ته ساڳئي ناول جي وري ٻئي داستان ۾ رومانوي تصويرن جو نئون اڻ ڇُهيو ڏيهه موجود آهي. هڪ داستان ۾ هڪ خاموش ڪردار جي شدت کي ڏسو ته ڪيئن بيان ڪيو ويو آهي.
“هن شرارت مان پٿر کڻي ان کي وهائي ڪڍيو، پٿر ان جي پُٺيءَ ۾ لڳو ۽ ان ڪنڌ ورائي هن کي ڏٺو، هو ڪتبن پويان نڪري آيو ۽ ان ڏي ڏسي کلڻ لڳو. ان افسوس مان هن ڏانهن ڏٺو. ان جي اکين ۾ ڳوڙها هيا. ائين پئي لڳو ميدانن، ڍنڍن، قبرستانن ۽ ٻين هنڌن مٿان بيٺل ڪوهيڙو ان جي ڳوڙهن مان پيدا ٿيندڙ غبار آهي. ٿڌ جي ڪري ان جي اکين ۾ جهليل ڳوڙها سمنڊ جي سپين ۾ پيل موتين جيان پئي جرڪيا. هو ان جي اکين ڏي ڏسي پنڊ پهڻ ٿي ويو.”
هن ناول جي واقعن ۾ موجود ورائٽي، ٻوليءَ جي بي حد خوبصورت استعمال، نئين تشبيهن ۽ استعارن جي تخليقي معيار ۽ تصورن جي انوکين ڪائناتن جي هن مجموعي کي مان دل سان قبول ڪندي، ساراهيندي ۽ سنڌي ناول جي محدود معياري دائري ۾ نجومي ناول کي هڪ حسين اضافو سمجهندي آخر ۾ هڪ ننڍڙي تنقيدي راءِ ضرور ڏيڻ چاهيندس ته رسول ميمڻ جهڙو ناقابلِ فراموش ليکڪ جيڪڏهن هن ناول جي ڪلائيميڪس تي ٿورو ويچار ڪري ها ۽ جيئن هن شاندار ناول جي ابتدا هئي ته هڪ بيروزگار نوجوان آهي جيڪو شهر ۾ گهمندو ڦرندو ۽ پنهنجو روزگار تلاش ڪندو ٿو وتي ۽ سائين لکي ٿو ته “هن جڏهن ويران مندر ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته ڀڳل ڀت جي ڍير هيٺان هڪ ٿيلهو نظر آيو. هن سرون هٽائي جڏهن ٻاهر ڪڍي ڏٺو ته اهو لفافن سان ڀريل هو. هن هڪ لفافو کولي پڙهيو ان ۾ ماڻهن جي قسمت جو حال لکيل هيو. هن سمجهيو اهو پوريل ٿيلهو ڪنهن اهڙي نجوميءَ جو آهي جيڪو لفافا ڪڍي ڪڏهن قسمت جو حال ٻڌائيندو هيو. ڪجهه سوچي هو ٿيلهو کڻي ٻاهر آيو. هن لفافا ٻاهر ڪڍي ڇنڊي صاف ڪيا ۽ بازار مان طوطو وٺي ان کي تربيت ڏئي تيار ڪيو.”
هاڻي اسان هن ناول جي ڪلائيميڪس طرف هلئون ٿا ته نجومي بيمار ٿي پئي ٿو ۽ طوطي کان پنهنجي قسمت جي ڦال ڪڍرائي ٿو، ان ڦار جو سمورو بيان موت جي مام کي سلجهائي ٿو ۽ نجومي سمجهي ٿو ته طوطي سندس قسمت جي ڦار ڪڍي آهي ۽ هو جلدي مري ويندو، پر رات جو طوطي کي ٻلو ڪمري ۾ اچي شديد زخمي ڪري وڃي ٿو ۽ نجومي تڙپندي طوطي جو موت ڏسي بي حد اداس ٿي سوچي ٿو ته سندس ڦار ڪڍڻ وارو ڪير به نه بچيو، جڏهن ته هن هزارين ماڻهن کي قسمت جو حال ٻڌايو.
هاڻ منهنجو تنقيدي نقطو فقط اهو آهي ته صبح جو ان ساڳئي سنسان مندر ۾ وڃي اهو رقعن وارو ٿيلهو نجومي ايندڙ پنهنجي ٻئي جنم لاءِ جيڪڏهن مندر ۾ رکي اچي ها، ته ناول جو داستان مڪمل ٿي پئي ها.
بهرحال موجوده صورت ۾ به هي ناول سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار ناول جو اضافو آهي، باقي هن ناول جي منڍ ۾ جيڪي ٻه صفحا سائين رسول ميمڻ ناول بابت لکيا آهن، اُهي ٻه ڳوڙها آهن جيڪي هن ناول مان ڪري ٻاهر اسان جي سامهون آيا آهن. انهن ٻن صفحن کي مان پڙهندڙن لاءِ ڇڏيان ٿو ته ضرور انهن کي پڙهي هن ناول بابت پنهنجي الڳ راءِ قائم ڪري سگهندا.
•