سنڌي ڪهاڻي ۽ رسول ميمڻ : بهادر ٽالپر
سنڌي ڪهاڻي اڄ به ان ئي آب تاب سان لکجي رهي آهي، جهڙي ڪالهه لکي پئي وئي... فرق فقط اهو آهي ته اڄ سوشل ميڊيا آهي، جيڪا پرنٽ ميڊيا جا جهڙوڪر پير ڪڍي رهي آهي... ۽ ان حساب سان سنڌي رسالا جيڪي باقاعدگيءَ سان ڇڀجندا هئا... انهن جو فقدان ٿيندو پيو وڃي...! نج ادبي رسالا ۽ مئگزين، جيڪي اڳ ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هئا سي آڱرين کان گهٽ ڳڻن جيترا به نه رهيا آهن. “اي بُوڪ” جو رواج ڇپجندڙ ڪتابن جي مستقبل تي سواليه نشان هڻي رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ ٻين سنڌي تخليقي صنفن سان گڏ سنڌي ڪهاڻي ۽ ڪتاب جي مستقبل بابت هر ڪو باهوش ۽ ساڃاهه وند فڪرمند نظر اچي ٿو.
اهڙي فڪر منديءَ واري ماحول ۾ به ٻين صنفن سان گڏ سنڌي ڪهاڻيءَ جو مسلسل ساهه کڻڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته اسان جو ليکڪ مايوس بنهه نه آهي ۽ هو ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ۽ پنهنجي ادب جي خدمت سمجهي ٿو.
رسول ميمڻ اسان جي ٽهيءَ کان گهڻو اڳ واري ٽهيءَ جو ليکڪ آهي، سندس ڪهاڻين سان هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ منهنجو تعلق پراڻو آهي، هن جي ڪا به نئين ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ ميسر ٿيندي آهي ته ڄڻ ان تعلق ۾ نوان اچي ويندي آهي ۽ زندگيءَ سان اوپرائيپ واري محسوسات ۾ ڪمي محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس هر ڪهاڻيءَ ۾ اهڙو تجسس هوندو آهي، جيڪو پڙهندڙ جي من کي مهڪائي ڏيندو آهي، سندس هر ڪهاڻي پڙهڻ پُڄاڻان ائين محسوس ٿيندو آهي ته اسان جي سوچ اڻ پوري هئي... ۽ ان ڪهاڻيءَ سوچ کي مڪمل ڪري اڳيان ڪيترائي رستا نروار ڪري ڇڏيا آهن. سندس ڪهاڻين ۾ سچ پچ به اهڙا رستا آهن، جن تي هلي سونهون، سونهون بڻجي سگهي ٿو. رسول ميمڻ جيتوڻيڪ نفسياتدان ڪونهي، پر جڏهن سندس ڪردارن جي پرک ڪجي ٿي ته هُو انهن جي نفسيات جي بلڪل ويجهو محسوس ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ جي تقاضا به اِها ئي هوندي آهي ته هڪ ڪهاڻيءَ جا ڪردار ائين ئي محسوس ٿين جيئن هُو حقيقي زندگيءَ ۾ هوندا آهن. پڙهندڙ جي به هڪ نفسيات هوندي آهي ۽ هُو پنهنجا مجموئي سماجي ۽ ڪلچرل رويا پڻ رکي ٿو ۽ پڙهندڙ جي ڪجهه واقفيت ڪهاڻيءَ ۾ موجود ڪردارن جي عادتن سان به هوندي آهي، ان ڪري انهن جي عادتن سان اڻ ٺهڪندڙ نفسيات ۽ مڪالما هوندا ته ڪهاڻي اهو تاثر نه ڇڏي سگهندي جيڪو هوند ڇڏڻ هن جي فطري تقاضا هوندي آهي، هونئن ڪهاڻيءَ جي پنهنجي به هڪ مجموعي نفسيات ۽ ماحول هوندو آهي، اهڙين مڙني ڳالهين کان رسول ميمڻ بخوبي آگاهه آهي ۽ سندس ڪهاڻي مجموعي تاثر، نفسيات ۽ ڪردارن جي گهرجن پٽاندر فن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل هوندي آهي، آئون سندس ڪنهن هڪ ڪهاڻيءَ جو حوالو ان ڪري نه ٿو ڏيان ڇاڪاڻ ته سندس پڙهيل مڙني ڪهاڻين مان مون هڪ جيترو حض حاصل ڪيو آهي، هُو ڪٿي کُلي ڳالهائي ٿو ۽ کُلي ڳالهائڻ ۾ به هو فن کي مٿان نه ٿو ڇڏي، ڪهاڻيءَ کي ڳالهه وانگر شروع ڪري ٿو ۽ آهستي آهستي اهڙو فطري تجسس ڀرجندو وڃي ٿو جو پڙهندڙ ڪهاڻيءَ کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪا ٻي ڳالهه نه ٿو ڪري...! اها ئي ڪهاڻيڪار ۽ ڪهاڻيءَ جي ڪاميابي هوندي آهي، جو ڪهاڻي پاڻ پڙهائي پوءِ ئي پڙهندڙ مان هٿ ڪڍندي آهي...!!
•