مهاڳ: جبار آزاد منگي پيدائشي ڪمپيئر
ملڪ جي ٻين صوبن وانگر سنڌ صوبي ۾ قائم موجوده ريڊيو اسٽيشنن تي ماضيءَ کي ڇڏيو کڻي! پر موجوده وقت ۾ ڪيترائي قلمڪار ۽ ڏات ڌڻي پنهنجي صلاحيتن جا ڏيئا روشن رکيون پيا اچن، ادب جي جوت جلائيندا پيا اچن ۽ پنهنجي اندر ۾ موجود ۽ لڪل خداداد صلاحيتن کي ڀرپور نموني اظهاري رهيا آهن، جن ۾ لاڙڪاڻي ريڊيو تي ورهين کان مختلف پاسن تي ڪم ڪندڙ اسان جو دوست عبدالجبار آزاد منگي به شامل آهي، جنهن جي جنم ڀومي مردم خيز سرزمين نصيرآباد، اڳ لاڙڪاڻو ضلعو ۽ هاڻي قمبر شهدادڪوٽ ضلعو آهي.
جبار آزاد منگيءَ کي ادبي ذوق ۽ صلاحيت، وڌيڪ مطالعي، صحبت جي اثر ۽ ادبي سنگت جي پليٽ فارم وسيلي ملي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ذات جا پوشيده محرڪات ٻيا به هجن! پر جبار آزاد منگيءَ جي ادبي ۽ قلمي ڏات کي عام ۽ اجاگر ڪرڻ جو گهڻو موقعو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي فراهم ڪيو آهي ۽ خوب فراهم ڪيو آهي. الائي ڇو مونکي لڳندو آهي ته جبار آزاد منگي پيدائشي طور ڪمپيئر آهي! اهوئي سبب آهي جو هُن جيئن ئي ان دنيا ۾ پير پاتو آهي ته اسٽيج تي به راڄ ڪندو رهيو آهي، هاڻي ريڊيو تي به راڄ ڪري رهيو آهي.
عبدالجبار آزاد منگي ريڊيو پاڪستان جي سنڌ جي سڀني ريڊيو اسٽيشن جو واحد ڪمپيئر آهي، جنهن جو ريڊيو ڪمپيئرنگ جو هي ٻيو ڪتاب ڇپيو آهي، سندس پهريون ڪتاب 2015ع ۾ “ لفظ هوا ۾ خوشبوءِ ” جي نالي سان ڇپيو هو، جيڪو پڙهندڙن ۾ بيحد پسند ڪيو ويو هو.
مان هن ڪتاب ۾ موجود مواد کي ڏسي ۽ پڙهي اها دعوا ڪري سگهان ٿو ته پڪ سان جبار آزاد منگي جو هي ٻيو ڪتاب به پڙهندڙن ۽ خاص ڪري ريڊيو ٻڌندڙن ۾ مانائتي موٽ ماڻيندو.
ڪتاب جو ٽائيٽل “ايءُ عشق جو آواز ” پڙهيو ته مون ڀانيو ته ڪتاب “صوفي ازم” تي لکيل هوندو الائي ڇا!؟ پر مون هن ڪتاب ۾ موجود مواد ۽ شامل مواد جي جڏهن ورق گرداني ڪئي ته مونکي هي ڪتاب مختلف موضوعن جو ڀنڊار ۽ معلومات جو خزانو محسوس ٿيو. واقعي جبار آزاد ڪتاب لکڻ ۽ ترتيب ڏيڻ وقت ڏاڍي ڏاهپ ۽ ذهانت کان ڪم ورتو آهي. هونئن به ريڊيو ڪمپيئر يا براڊ ڪاسٽر ڏاهو ۽ ذهين يا حاضر دماغ ناهي ته اهو ناڪام براڊ ڪاسٽر آهي.
مون ٻين براڊ ڪاسٽرن/ ڪمپيئرن جا ريڊيو ڪمپيئرنگ تي مشتمل اٺ ڏھ ڪتاب پڙهيا آهن پر مان وثوق سان چوان ٿو ته جبار آزاد منگيءَ جو لکيل هي ڪتاب انهن سڀني ڪتابن ۾ منفرد ۽ ممتاز حيثيت جو مالڪ آهي، خاص ڪري مواد جي چونڊ ۽ انفراديت جي حوالي سان اها ڳالهه ڪري رهيو آهيان.
هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، “جيڪي منجھ جهان” جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن.
مان اگر جبار آزاد منگيءَ جي ڪمپيئرنگ تي مشتمل اڳين ڪتاب “ لفظ هوا ۾ خوشبوءِ” ۽ هن ڪتاب جو موازنو ۽ ڀيٽ ڪيان ٿو ته هن ڪتاب جو پهرين ڪتاب کان پُڙُ نه رڳو ڳؤرو پر گهڻو ڳؤرو لڳي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي. ننڍين ننڍين Tips وسيلي جيڪا معلومات ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن سان Share ڪئي ويئي آهي، اها به مختصر ئي سهي پر جامع ۽ ڪارائتي آهي.
ڪتاب “ ايءُ عشق جو آواز” ۾ شامل مواد ۾ سڀ کان اهم حصو آهي “لطيفي لات” مونکي اهو هڪ الميو لڳندو آهي ته اسان جو عام ماڻهو ته ڇڏيو پر اسان جو نوجوان به سنڌ جي سڃاڻپ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام جي معنيٰ، مفهوم ۽ روح کان اڻ واقف آهي. جبار آزاد منگي لطيف سائينءَ جي ڪيترن کي بيتن جو مفهوم سمجهاڻي ڏئي سچ به ته اسان تي احسان ڪيو آهي. اهو ان ڪري نٿو چون ته جبار منگي ڪو پهريون ماڻهو آهي جنهن اهو ڪم ڪيو آهي پر ان ڪري ٿو چوان ته اسان جي ريڊيو ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جن کي معذرت سان ڀٽ ڌڻيءَ جا بيت به صحيح نموني ۾ پڙهڻ ڪونه ٿا اچن! مان سڀني جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان پر اڪثر پروڊيوسر، ڪمپيئرن ۽ انائونسرن جي ڳالهه ٿو ڪيان! هونئن به ريڊيو جو براڊ ڪاسٽر سماج جو هڪ استاد به هوندو آهي. جبار آزاد منگي هن ڪتاب ۾ لطيف سائينءَ کي شامل ڪري نه رڳو ڪتاب جي انفراديت قائم ڪئي آهي پر ان کي وڌيڪ مفيد به بڻائي ڇڏيو آهي.
هونئن به ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جڏهن کان هڪ سؤ ڪلوواٽ جي ٽرانسميٽر تي ميڊيم ويوز تي آيو آهي ته ان اسٽيشن جي اهميت ۽ وسعت ۾ بي پناھ اضافو ٿي ويو آهي ۽ ماضيءَ ۾ محدود رهندڙ هيءَ اسٽيشن هاڻي سرحدن جي محتاج ناهي رهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جا پروڊيوسر ۽ ريڊيو تي ڳالهائيندڙ دوست وڌيڪ محنت ڪن! وڌيڪ مطالعو ڪن، وڌيڪ ريسرچ ڪن، ان جو اهو مقصد ڪونهي ته هُو اهو ڪم ڪونه پيا ڪن پر منهنجو مقصد آهي ته ان ميسر موقعي مان وڌيڪ فائدو وٺن به ۽ پنهنجي ٻڌندڙن کي فائدو پهچائن به.
مان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جا ڪڏهن ڪڏهن پروگرام ٻڌندو آهيان، انهن ۾ تمام سٺا آواز ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن، تفريح به ملندي آهي، ڏاهپ ڀريون ڳالهيون به ملنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن جنهن ڳالھه جو مونکي ڪٿي ڪٿي دوستن جي گفتگو ۾ فقدان محسوس ٿيندو آهي، اها آهي “پاليسي” يا “گائيڊ لائين” مونکي جبار آزاد منگيءَ جي چند عبارتن کي پڙهڻ کانپوءِ اهو احساس ٿيو ته هُن اهي ڳالهيون ان انداز سان ريڊيو پاڪستان جهڙي سرڪاري اداري ۾ ڪئين ديده دليريءَ سان ڳالهايون آهن! پر پوءِ سوچيم ته ماڻهوءَ جي شخصيت تي سندس نالي جي چاليهين پتيءَ جيترو اثر ضرور پوندو آهي ۽ جبار “آزاد ” آهي.
مان آخر ۾ پنهنجي محترم دوست جبار آزاد منگيءَ کي ريڊيو ڪمپيئرنگ جو ٻيو ڪتاب منظرعام تي آڻڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪ پيش ڪيان ٿو ڇو ته اسان جا ريڊيو پروگرامن ۾ چيل لفظ هوا ۾ اڏامي ٿا وڃن جنهن ٻڌا ته ٺيڪ نه ته مڙئي خير! ڪتاب جي هڪ وڏي ڄمار آهي، پنهنجي اهميت آهي، جنهن وقت جيڪو پڙهڻ گهري ته اهو پڙهي سگهي ٿو.
جبار آزاد منگيءَ کي هڪ دفعو ٻيهر جَسُ ٿو ڏيان ۽ سندس جو ٿورائتو به آهيان، جنهن مونکي ههڙي ڪارائتي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ جو موقعو ڏنو.
[b]ڪوثر ٻرڙو
[/b]سابق ڊائريڪٽر پروگرام
ريڊيو پاڪستان
15 ڊسمبر 2019ع