زال مڙس جو جهيڙو دل جي لاءِ نقصانڪار
[/b]محترم سامعين:زال مڙس جو جهيڙو صرف جملن جي ڏي وٺ ناهي پراهو جهيڙو اسان جي شريانين کي به سخت متاثر ڪري ٿو.جيڪو عمل دل جي لاءِ سٺو نه آهي.اتاھ يونيورسٽيءَ جي ماهرن هڪ سؤ پنجاھ زال مڙسن تي تحقيق ڪئي آهي،جنهن مان اها ڄاڻ ملي آهي ته زال مڙس جي جهيڙي مان ٿيندڙ نقصان جو تعلق جنس تي به ٿيندو آهي. ماهرن موجب شريانين جي مرض جو واسطو وڌ ۾ وڌ پنهنجي ساٿيءَ جي ڪاوڙ واري رويي سان آهي،جڏهن ته مردن جو سبب ٻيو ڪجهه آهي.تحقيق لاءِ چونڊ ڪيل اهڙن جوڙن کي بحث لاءِ اهڙا موضوع ڏنا ويا،جن تي اڪثر ٻنهي زال مڙسن جو جهيڙو ٿيندو رهيو آهي،بحث هلندي اهڙن جوڙن جي باقاعدي معائنو ڪيو ويو.نتيجي مان اهو ثابت ٿيو ته جيڪي عورتون جهيڙو ڪندي وڌيڪ لفظن جو استعمال ڪن ٿيون،تن جي شريانين کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچي ٿو.ٻئي پاسي اهي مرد جيڪي ڏکائيندڙ لفظ ٻڌي پنهنجي رويي تي ضابطي رکڻ جي ڪوشش ڪئي،اهڙن مردن جون شريانيون سخت متاثر ٿيڻ جو سبب آهن.ماهرن جو چوڻ آهي ته نااتفاقي هر انساني تعلق جو حصو هي پر ماڻهن لاءِ هي مشورو آهي ته پنهنجي ازدواجي تعلق کي بهتر کان بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين.
[b]مليريا جي بچاءَ لاءِ ڊي ڊي ٽي استعمال ڪري سگهجي ٿو:
[/b]محترم سامعين: اقوام متحده جي صحت واري اداري چيو آهي ته مليريا جي بچاءَ لاءِ ڊي ڊي ٽي جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.صحت جي عالمي اداري اٽڪل چاليهه سال اڳ ڊي ڊي ٽي جي استعمال ڪرڻ تي اهو چئي بندش هنئي هئي ته ان جي استعمال سان صحت لاءِ مسئلا پيدا ٿين ٿا.ڊبليو ايڇ او جي ماهرن جو خيال آهي ته ڊي ڊي ٽي جي استعمال سان انساني صحت تي ڪي به منفي اثر نٿا پون ۽ مليريا کان بچاءُ لاءِ مهاري جو استعمال ضروري دوائون جو واپرائڻ ۽ ڊي ڊي ٽي جو ڦوهارو ڪري سگهجي ٿو.ڊبليو ايڇ او جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هر گهر ۾ ڊي ڊي ٽي جو ڦوهارو ڪيو وڃي ته ان جا ڪي به خراب اثر نٿا نڪري سگهن.
[b]ماءُ جو کير بلڊ پريشر جي واڌ کي گهٽ ڪري ٿو:
[/b]تازو ڪيل هڪ کوجنا ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ماءُ جو کير پيئندڙ ٻارن ۾ بلڊ پريشر جو دٻاءُ گهٽ ٿئي ٿو ۽ ان تي مثبت اثر پون ٿا.کوجنا ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ماءُ جو کير پيئڻ ٻارن لاءِ هڪ بهترين ورزش به آهي ۽ ٻار جيترو ماءُ جو کير وڌيڪ وقت پيئندو،اوترو انهن جي صحت تي تمام سٺا اثر پوندا.هي نتيجا ٻه هزار ٻارن تي ڪيل تحقيق بعد سامهون آندا ويا آهن.انهن ٻارن جو تعلق ڊنمارڪ ۽ استونيا سان آهي.هن ڳالهه جو به پتو لڳايو ويو آهي ته کير پيئندڙ ٻارن تي جاگرافي حالتون به اثر انداز ٿين ٿيون يا نه ؟ ان جو نتيجو ڪڍيو ويو ته جاگرافي حالتون ٻارن جي تبديليءَ تي اثر انداز نٿيون ٿين.بحرحال هيءَ ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪي ٻار ماءُ جو کير وڌيڪ عرصو پيئن ٿا،انهن جي رت جو دٻاءُ گهٽ رهي ٿو ۽ اهي اڪثر بيمارين کان محفوظ رهن آهي هن بيماري جو عام طور تي ٿلهائپ سان به تعلق ڏيکاريو ويو آهي.
[b]ذهني دٻاءُ گهٽ ڪريو ۽ صحتمند رهو:
[/b]سائين منهنجا: هيءَ ڳالهه سائنسدان اڳ ئي ٻڌائي چڪا آهن ته ذهني دٻاءَ سبب دل جو دورو پئجي سگهي ٿو.پر اڄ تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو هو ته آخر ائين ٿئي ڇو ٿو؟ هڪ کوجنا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ذهني دٻاءُ ئي دل جي دوري جو سبب آهي ۽ اهوعمل ڪيئن ٿو ٿئي؟ هن تحقيق ۾ دل جي اهڙن مريضن کي شامل ڪيو ويو،جن کي ذهني دٻاءُ سبب دل جو سوريا دل جو دورو پيو هيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ڊگهي عرصي کان ذهني دٻاءَ جو شڪار رهڻ ڪري رت جو دٻاءَ يعني بلڊ پريشر وڌي وڃي ٿو،جنهن سبب رت ۾ ڄمڻ وارن جزن جو پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو،جيڪو شريانين کي بند ڪري ڇڏي ٿو. برٽش هارٽ فائونڊيشن وارن جو چوڻ آهي ته اسان سڀني کي انهيءَ ڳالهه جو پتو لڳائڻ گهرجي ته اسان کي اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ذهني دابءُ پيدا ڪري ٿي.تنهن بعد ان سان مدِ مقابل ٿيڻ ۽ ان تي ضابطو رکڻ جي طور طريقن تي عمل ڪرڻ گهرجي.هن جو مطلب هي ٿيو ته انسان کي مشڪل گهڙين ۾ پنهنجي ڪاوڙ يا جذبن تي ضابطو رکڻ جو فن سکڻو پوندو،جيڪو صحت لاءِ تمام بهتر آهي.
[b]درست فيصلا بي ڌياني ۾ ڪبا آهن:
[/b]محترم سائين: آمريڪا جي يونيورسٽي آف روچسٽرم ۾ هڪ سائنسي کوجنا ۾ خبر پئي آهي ته ماڻهو چڱا فيصلا ان وقت ڪندا آهن،جڏهن انهن جو دماغ بي ڌيانيءَ ۾ ڪجهه ڪري وٺندو آهي،ماهرن جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ ماڻهوءَ جو دماغ اهڙو ٺاهيو آهي جو اڻڄاڻائيءَ ۾ ئي درست فيصلو ڪندو آهي.هن کوجنا کان اڳ ۾ سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻ جي باري ۾ تحقيق ڪئي ويئي،جنهن مان اهو ثابت ٿي ويو ته تمام گهڻا فيصلا جيڪو ماڻهو ڪندو آهي اهي بنا سوچ سمجهه جي ٿيندا آهن. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته واٽ ويندي سگنل جي ڳاڙهي بتي کي ڏسي اسان ڄاڻي واڻي ناهيون بيهندا،جڏهن اسين فيصلن ڱي ڏسندا آهيون جيڪي اسان جي دماغ پاڻ ڪيا آهن،ته طبر پوندي آهي ته اهي سڀ جو سڀ فيصلا درست هئا.
[b]ڪائنات جي عمر جو نئون اندازو:
[/b]محترم سامعين: اٽلي ۽ جرمنيءَ جي سائنسدانن هڪ نئين تحقيق کان پوءِ ٻڌايو آهي ته ڪائنات جو وجود اربين ورهيه کان به اڳ جو آهي.اٽليءَ ۾ زمين اندر ڪيل هڪ تجربي ۾ اهيو انڪشاف ٿيو آهي ته ستارن ۾ جوهري ردِ عمل جي رفتار انساني اندازي کان به تمام آهستي آهي انجو اهيو مقصد ٿيو ته فلڪي نظام جي زندگي مختصرآهي هن تحقيق موجب ڪائنات جي عمر اٽڪل چوڏنهن ڏهائي ست بلين سال ٻڌائي وڃي ٿي جڏهن ته ان کان اڳ ڪائنات جي عمر جو اندازو تيرنهن ڏهائي ست سال لڳايو ويو هيو هن کوجنا ۾ ماهر ڪاربن نائٽروجن ۽ آڪسيجن سائيڪل تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي سج جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ مقدار ۾ توانائي فراهم ڪن ٿا ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ويئي آهي ته ڪائنيت جي قديم ستارن تي ڀاڙي ٿو تحقيقي نتيجا هن ڳالهه جي به نشاندهي ڪن ٿا ته ڪاربن نائٽروجن ۽ آڪسيجن محور جو عمل اسانجي اندازي کان به اڌ آهي.
[b]ڪائنات جو صرف چوٿون حصو اهڙي مادي سان ٺهيل آهي:
[/b]محترم سامعين:سائنسدانن تازو معلوم ڪيو آهي ته ڪائنات جو صرف چوٿون حصو اهڙي مادي سان ٺهيل آهي جنهن جو واسطو اسانجي روز مرهه زندگي سان آهي يعني پاڻي، مٽي، وڻ ٽڻ،جانور، سج، چنڊ، تارا، آسمان، سيارا،مطلب هي ته آسمان زمين ۾اسانکي نظر ايندڙ هر هڪ شيءِ ايٽم ۽ ماليڪول سان گڏجي ٺهي آهي سائنسدانن لکين ڪروڙين نوري سال پريجي ستارن جي ڄاڻ ڏني آهي اهيو به ٻڌايو آهي ته انهن سڀني جسمن ۾ هائيڊروجن هيليم آڪسيجن ۽ ڪاربن وغيره شامل آهن پر اصل ڳجهارت هي آهي ته هن دنيا جو اهو سڀ ڪجهه ڪائنات جي صرف چوٿين حصي تي موجود آهي باقي ڪائنات جي بچيل ڇهانوي حصي جي باري ۾ ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي سواءِ ان جي ته اها عام ايٽم ۽ ماليڪيول جي ٻي ڪابه خبر ناهي، هن پراسرار مادي کي سائنسدانن مادي کي سائنسدانن “ڊارڪ ميٽر” يعني اونداهي مادي جو نالو ڏنو آهي. حاصل مطلب هي آهي ته اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، ان جي ڇهانوي حصي کان سڀ اڻو اقف آهيون،۽ اها خبر ڪير به حاصل ڪري ناهي سگهيو ته آخر باقي دنيا ۾ ڇا آهي؟ اهيو آهي هن دنيا جي سمورن علم جي اقابرن ۽ ماهرن کان سوال جنهن جو فلحال ڪنهن وٽ به ڪو جواب ناهي .
[b]يقينن آسمان ۽ زمين جو خلقڻ وڏي ڳالهه آهي:
[/b]سائين منهنجا: قران شريف ۾ ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ فرمايو ويو آهي ته “ يقينن آسمان ۽ زمين جو خلقڻ انسان کي خلقڻ کان گهڻي وڏي ڳالهه آهي پر گهڻا ماڻهو ان جي وسعت کي نٿا ڄاڻين ۽ سمجهن”انساني ذهن لاءِ ڪائنات جي وسعت جو پورو اندازو لڳائڻ ممڪن ئي ناهي،اسان اهو نٿا ڄاڻون ته ڪائنات ڪيتري وسيع آهي، ان جي ڦهلاءَ جي حدن جو تصور ڪرڻ به انسان لاءِ تمام ڏکيو آهي.اسان ڪائنات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڏرتيءَ کان ڪريون ٿا،ڌرتي شمس نظام جو هڪ ننڍو حصو آهي،شمسي نظام سج گرهڻ،اپگرهن،ننڍڙا گرهه ۽ ڪرندڙ تارن جو مجموعو آهي.گرهه يا سيارا سج جي چوڌاري چڪر لڳائين ٿا،اسان جو شمسي نظام هڪ وڏي ڪهڪشان يعني کير ڌارا جو هڪ ننڍڙو حصو ٿي سگهن ٿا ۽ هر ستاري جو پنهنجو شمسي نظام موجود آهي،جنهن کير ڌارا ۾ اسين رهون ٿا،ان کي عام طور “آڪاش ندي” “مِلڪي وي” سڏيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ نظر ايندڙ ستارا اسان جي سج جيان آهن.
[b]دل واقعي ٽٽندي آهي:
[/b]هڪ نئين کوجنا سامهون آئي آهي ته اوچتو ڏک واري خبر ٻڌڻ سان دل واقعي ٽٽي سگهي ٿي. جاپان هاپڪنز يونيورسٽي جي هڪ ٽيم جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اوچتو ڏک ڀري خبر ٻڌائي وڃي ته انجي دٻاءَ سبب دل کي جهٽڪو لڳي سگهي ٿو ۽ دل درد وچان ٽٽي به سگهي ٿي. پر هيءَ سٺي ڳالهه به ٻڌائي وئي آهي ته اهي ٽٽل دليون پري جڙي به سگهن ٿيون.ماهر چون ٿا ته دٻاءَ سبب ٿيندڙ نقصان عارضي هوندو آهي ۽ ڪجهه هفتن ۾ دل صحيح ٿي ويندي آهي. هن کوجنا ۾ اهڙن اڻويهن مريضن کي شامل ڪيو ويو جيڪي دل ۾ تڪليف، سيني ۾ سور ۽ ساهه جي رڪجڻ جي عارضي شڪايت جي دانهن کڻي اسپتال ۾ آيا هئا. اهڙم مريضن ۾ وڌ ۾ وڌ تعداد پوڙهين عورتن جو هيو. ماهر چون ٿا ته اهڙن مريضن جي رت ۾ “ اسٽريس هارمون ” جو مقدار وڌي وڃي ٿو، جيڪو دل جي لاءِ نقصانڪار آهي. اهڙن مريضن کي دل جي تڪلي کان اڳ جذباتي ڳالهه جي ڪري ڌچڪو لڳو هيو.
[b]زيتون جي تيل ۾ هڪ مادو سور کي گهٽائي ٿو:
[/b]محترم سامعين: آمريڪا ۾ هڪ کوجنا وسيلي هيءَ ڳالهه سامهون آئي آهي ته زيتون جي تيل ۾ هڪ مادو سور جي گهڻائي جي گهٽ ڪرڻ وارين دوائن جيترو اثر رکي ٿو. کوجنا ڪندڙن موجب پنجاهه گرام زيتون جو تيل بروفن جي ڏهين حصي جيترو اثر برابر آهي. فلاڊلفيا جي هڪ تحقيقي اداري جو چوڻ آهي ته زيتون جي تيل جو هڪ جزو سوڄ کي ختم ڪري ٿو. زيتون جو تيل بحريه روم جي رهواسين جي خوراڪ لاءِ اهم جزو آهي ۽ ان کي صحت جي لاءِ فائديمند تصور ڪيو ويندو آهي. تحقيق موجب زيتون جي تيل جي استعمال سان جسم ۾، دل جون بيماريون، ڇاتيءَ ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر جهڙن موضي مرضن جي بچاءَ ڪندڙ نظام کي طاقت ڏئي ٿو. برٽش نيو ٽريشن فائونڊيشن سان واسطو رکندڙ سائنسدان ڪليئر وليمسن جو چوڻ آهي ته “ زيتون ۾ ڪيترائي بائيو ايڪٽو مرڪب ملن ٿا، جن بابت اڃا ڪجهه ٻڌائي نٿو سگهجي ته انهن جو ڪهڙو ڪم آهي. هن جو هي به چوڻ آهي ته اسان کي اميد آهي ته زيتون “اينٽي آڪسيڊنٽ” جي خاصيتن سان مالامال آهي، پر اهو تيل ڪنهن دوا جو نعمل بدل آهي، چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
[b]مريخ سياري تي پاڻي جي موجودگي جا نوان ثبوت:
[/b]محترم سامعين: آمريڪي خلائي اداري ناسا جي چوڻ تي مريخ سياري تي پاڻيءَ جي موجودگيءَ جا ڪجهه وڌيڪ ۽ نوان ثبوت حاصل ٿيا آهن. مريخ سياري تي پاڻي جي موجودگي وسيلي ان نظرئي کي هٿي ملي ٿي ته اتي زندگي ممڪن آهي. مريخ مان حاصل ڪيل تصويرن ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اهڙا گهارا موجود آهن جن بابت خدشو آهي ته ڪجهه عرصي اڳ اتي پاڻيءَ جا وهڪرا موجود رهيا آهن. سائنسدانن کي مريخ جي گهارن ۾ هلڪي رنگ جي چمڪندڙ مادي جي ڄاڻ پڻ ملي آهي، جنهن جي آڌار تي اهو نتيجو ڪڍيو پيو وڃي ته اها گپ يا لوڻ هجي يا وري پاڻيءَ جي گذري وڃڻ کانپوءِ ڪوهيڙو ڇائنجي ويو هجي،جڏهن ته سائنسدانن جي انهيءَ موقف کان بلڪل لاتعلق ڪيليفورنيا رياست جي هڪ پروفيسر جو چوڻ آهي ته جتي پاڻيءَ جي وهڪري جي پڪي ثبوت جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ممڪن آهي ته اتي تصويرن جو مخلب ڪجهه ٻيو ئي هجي؟ ڪولوراڊو يونيورسٽيءَ جي فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان نئين حاصل ٿيل ثبوتن مان ان ڳالهه جو پتو پوي ٿوته مريخ تي زندگي کڻي ڪهڙي به دور جي ڇو نه هجي، پر اتي ٿيندڙ تحقيق جي اهميت ڇا آهي ۽ اتي زندگي جي ڳولها ڪيتري نه اهم آهي. سائنسدانن جي چوڻ موجب ڏينهون ڏينهن ان ڳالهه جا ثبوت پڪا ٿيندا پيا وڃن مريخ سيارو اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حرڪت ۾ آهي.
[b]ڪالن تي گهڻو نه ڳالهايو وڃي ته نقصان گهٽ ٿيندو:
[/b]محترم سامعين: وائرليس ڪمپنيون ته پنهنجي ضد قائم آهن ته موبائل فون محفوظ آهن، پر هڪ مطالعاتي رپورٽ سوچڻ لاءِ ڪجهه نئون مواد ضرور فراهم ڪيو آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي رپورٽ مان خبر پوي ته موبائل فون تي هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهائڻ سان دماغ جي حياتياتي ڪيميائي ڪيفيت حرڪت ۾ اچي ويندي آهي، پر تحقيق ڪندڙ اهو ٻڌائي ناهن سگهيا ته اها دماغي حرڪت صحت لاءِ فائديمند آهي يا نقصانڪار. پر ان سان موبائل فون جي محفوظ هجڻ يا نه هجڻ بابت وڌيڪ تحقيق جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آن ڊرگ ابيوز جي ڊاڪٽر نورا وولڪو ۽ سندس ساٿين هڪ سال ۾ 47 صحتمند ماڻهن جو معائنو ڪيو. سندس ساڄي ۽ کاٻي ڪنن ڀرسان مپبائل فون رکيل هيا،هڪ موبائل پنجاهه منٽ کليل رهيو پر ان جو آواز بند هو ۽ بعد ۾ موبائل کي بند ڪيو ويو، ان بعد سندس معائنو ڪيو ويو. ڪنن وٽ فون رکيل ماڻحن جي دماغ کي اميجنگ ٽيڪنڪ وسيلي اسڪين ڪيو ويو، جنهن مان ظاهر ٿيو ته سندس دماغ جي ان طرف جي گهرڙن ۾ ميٽابولڪ ايڪٽوٽي وڌيل هئي، جنهن طرف موبائل فون رکيل هو.ماهر وڌيڪ تحقيق جي نتيجن جا منتظر آهن، هنن صلاح ڏني آهي ته موبائل فون هٿ ۾ کڻي استعمال نه ڪيو وڃي، سيٽ جسم جي ويجهو نه رکيو وڃي ۽ ڪالن تي گهڻو نه ڳالهايو وڃي ته نقصان گهٽ ٿيندو.
[b]ڪوريئڙو شڪار جو شوقين ته آهي پر انسان جي خوراڪ جو محافظ به:
[/b]محترم سامعين: جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اسپائيڊر مين فلم ۾ مرڪزي ڪردار جي طاقت صرف افسانوي آهي ته اوهان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته ڪوريئڙو شڪار جو شوقين ته آهي پر انسان جي خوراڪ جو محافظ به آهي. سائنسي کوج موجب ڪوريئڙن کي عام طور جيتري خوراڪ استعمال ڪرڻي هوندي آهي، ان کان 50 سيڪڙو وڌيڪ کي ماريندا آهن ۽ اهو صرف لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڪندا آهن، ڪوريئڙي جو هڪ قسم ڄار ٺاهي شڪار ڪندو آهي، شام جي وقت ڪوريئڙو پنهنجو ڄار ٺاهيندو آهي، رات جي وقت جيت اڏامندا آهن ته انهن کي ڄار نظر ناهي ايندو ۽ جيت ان ڄار ۾ ڦاسي پوندا آهن، ڪوريئڙو پنهنجي شڪار کي کائيندو ناهي پر اهو پنهنجو زهر جيت جي جسم ۾ داخل ڪندو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي جسم جا سمورا ٽشوز مادي ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ انهن کي ڪوريئڙو چوسيندو آهي، ڪوريئڙو پنهنجي ڄار جو نمونو ٻني ۾ موجود شڪار جي تعداد ۽ ان جي جسماني بيهڪ موجب ٺاهيندو آهي ، ڪوريئڙو گوشت خور آهي، اهو فصل کي بلڪل نقصان ناهي پهچائيندو. جڏهن ته شڪار نه ٿئي ته ڪوريئڙي ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته کاڌي پيتي بنا به ڪوريئڙو ڪيترائي مهينا جيئرو رهي سگهي ٿو.
[b]ماڻهو تصويرن کي ڏسي ۽ ٻڌي به سگهن ٿا:
[/b]محترم سامعين: آمريڪي سائنسدانن موجب دنيا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي تصويرن کي ڏسي ۽ ٻڌي به سگهن ٿا. سائنسدانن موجب اها خاص علامت هوندي آهي جنهن کي “ سنسٿيريا ” چئجي ٿو. هن ۾ ماڻهوءَ جا ڪيترائي سينسر يا حواس هڪ ٻئي سان گڏ ٿيندا آهن ۽ ماڻهو جيڪي ٻڌي سگهي ٿو، ان کي ڏسي به سگهي ٿو. آمريڪا جي “ نيو سائنسٽ ” ميگزين جو چوڻ آهي ته ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجيءَ جي ماهرن ان قسم جي ٽن ماڻهن کي ڳولي لڌو آهي، جن ۾ اهي علامتون موجود آهن. اهي جيڪي به شيون ڏسن ٿا انهن کي ٻڌي به سگهن ٿا. اها ڳالهه تڏهن ظاهر ٿي جڏهن هڪ شاگرد دعوا ڪئي ته آئون ڪمپيوٽر اسڪرين سيور ڪجهه آواز ٻڌي سگهان ٿو. ماڻهن ۾ هڪ عام علامت موجود هوندي آهي ته ڪجهه اکرن ۽ نمبرن کي رنگ جي طور تي ڏسي سگهندا آهن.
[b]ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ئي سکڻ شروع ڪري ڏيئي ٿو:
[/b]سائين منهنجا: هن جديد دور ۾ روز ڪنهن نه ڪنهن طرح جو انڪشاف ڪيو وڃي ٿو. برطانيا جي ناٽنگهم يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽرن جي هڪ جٿي ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻارن کي موسيقيءَ ٻڌائي، ان جي ردِ عمل جو جائزو ورتو. الٽرا سائونڊ جي مدد سان حاصل ٿيندڙ معلومات موجب موسيقي ٻڌڻ سان ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻارڙو به حرڪت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ ان جي دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار به وڌي ويندي آهي. ان کانسواءِ ماهرن اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته اها موسيقي ان ننڍڙي ٻارڙي کي کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين ياد به رهي ٿي، تنهنڪري هاڻ ماهر هن ڳالهه تي به متفق ٿيندي نظر اچن ٿا ته ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ئي سکڻ شروع ڪري ڏيئي ٿو. هن تجربي مان ثابت ٿئي ٿو ته هن ڪائنات جي تخليق ڪندڙ ڪا اهڙي هستي ته ضرور آهي، جنهن جي نظام جي ترتيب ۾ ڪا به ڪمي ناهي! تحقيق اها هستي رب پاڪ ئي آهي