قديم ترين زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي آيو؟
[/b]محترم سامعين: دنيا ۾ زلزلا ڪٿان شروع ٿيا ۽ تاريخ جو قديم ترين زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي آيو اهو ته تصديق سان نٿو چئي سگهجي پر اهو پهريون زلزلو جيڪو انسان پنهنجي ليک ۾ رڪارڊ ڪيو تقريبن 3 هزار سال 1177 قبلِ مسيح چين ۾ آيو هو. پاڪستان به دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي اڪثر زلزلا ايندا رهن ٿا. گذريل سئو سالن دوران پاڪستاني علائقن ۾ ڪيترائي زلزلا آيا جن ۾ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. 10 سيپٽمبر 1971ع تي گلگت جي ڪجهه علائقن ۾ زلزلو آيو هو جنهن جي نتيجي ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا هئا. 31 مئي 1995ع تي نصيرآباد ڊويزن ۾ پڻ زلزلي جا لوڏا آيا هئا.
[b] ٿولهه ۾ گهٽائڻ لاءِ سمهڻ جي انداز ۽ وقت ۾ تبديلي به اهم قرار:
[/b]محترم سامعين: سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته روزانو سمجهڻ جي وقت ۽ ان دوران بستري تي سمهڻ جي انداز ۾ معمولي تبديلي ڪري وزن ۾ حيرت انگيز تبديلي آڻي سگهجي ٿي. سائنسي رسالي انٽرنيشنل جرنل آف اوبيسٽي ۾ شايع ٿيل تحقيقي مقالي ٿولهه ۾ گهٽائڻ لاءِ ورزش، متوازن غذا ۽ ذهني سڪون کانسواءِ سمهڻ جي انداز ۽ وقت ۾ تبديلي به اهم قرار ڏني آهي. اسپين جي روويرا آئي ورجيلي يونيورسٽي جي ماهرن 1 هزار 986 مريضن جي رهڻي ڪهڻي، سمهڻ جي انداز ۽ ٻين طبي معاملن جو هڪ سال تائين جائزو ورتو، جنهن دوران ٿولهه جو شڪار انهن سمورن مريضن کي ڪيلوريز جو گهٽ مقدار وٺڻ، باقائدگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رويي ۾ تبديلي آڻڻ جو به چيو ويو. تحقيق دوران ماهرن مشاهدو ڪيو ته جيڪي ماڻهو روزانو 6 ڪلاڪ هڪ ئي انداز ۾ سمهندا هئا، سندن وزن ۾ حيرت انگيز گهٽتائي ٿي پر اهي ماڻهو جن جي ننڊ جو وقت مقرر نه هو ۽ ننڊ دوران پاسا ورائيندا رهندا هئا، سندن وزن گهٽ نه ٿيو.
[b]عمر وڌڻ تي گهڻو ڪجهه هڪ ئي وقت ۾ ٿيندو آهي:
[/b]محترم سامعين: عمر وڌڻ تي گهڻو ڪجهه هڪ ئي وقت ۾ ٿيندو آهي. اسان پنهنجي خوراڪ تي قابو رکندا آهيون، متحرڪ رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر جڏهن اسان عمر جي هڪ خاص سطح تي پهچي وڃون ٿا ته پنهنجو وزن قابو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. تازو هڪ نئين ريسرچ سبب مختلف ماڻهن جي ڪيترائي ڪلو وزن وڌڻ جو سبب ڄاڻڻ ۾ مدد ملي آهي. سويڊن جي تحقيقي اداري ڪارولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي سائنسدانن جو خيال آهي ته ان جو جسماني چرٻي ۾ تبديلي جي عمل سان ڪو واسطو نه هجڻ گهرجي. چرٻي ڳارڻ جو عمل انساني جسم جي اها صلاحيت جنهن کي چرٻي جو ذخيرو چئي سگهجي ٿو ۽ ضرورت موجب ان کي ڳاري سگهجي ٿو.
[b]هاڻي ڪنهن به شخص کي ان جي تريءَ ۾ موجود لکين ننڍين رڳن جي مدد سان سڃاڻي سگهجي ٿو:
[/b]محترم سامعين: چين جي هڪ ڪمپني ايئرويو نالي اهڙو نظام پيش ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به شخص کي ان جي تريءَ ۾ موجود لکين ننڍين رڳن جي مدد سان سڃاڻي سگهي ٿو. ايئرويو جي تياري ۾ هٿرادو ذهانت مان ڀرپور فائدو ورتو ويو آهي جڏهن ته ان کي ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته چهري جي خدوخال يا آڱرين جي نشانن سان سڃاڻپ ڪندڙنظامن جي مقابلي ۾ هن نظام کي دوکو ڏيڻ تقريبن ناممڪن آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته هن نظام ۾ ڪنهن اسڪينر تي تري رکي انتظار ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر اسڪينر سامهون پنهنجي تري گذارڻي هوندي آهي. تيز رفتار اسڪينر ان دوران تري ۾ ننڍين رڳن جو تجزيو ڪري ٿو ۽ رڳو ٻڙي ڏهائي 3 سيڪنڊ ۾ سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪري وٺي ٿو. ايئر ويو ٺاهيندڙ ڪمپني ميلڪس جو چوڻ آهي ته هٿرادو ذهانت استعمال ڪندڙ موجوده شناتي نظام چهري تي 80 کان 280 هنڌن جي مدد سان ڪنهن فرد کي سڃاڻي ٿو.
[b]2019ع تائين وڌيڪ 2 کنڊ دريافت ٿي چڪا آهن:
[/b]محترم سامعين: ممڪن آهي ته اوهان کي اڃان به اها ڄاڻ هجي ته دنيا ۾ 7 کنڊ موجود آهن ۽ اوهان پنهنجي ٻارن کي به اهو ئي ٻڌائيندا هجو پر ارضيات جي ماهرن موجب دنيا ۾ 2017ع کان 24 سيپٽمبر 2019ع تائين وڌيڪ 2 کنڊ دريافت ٿي چڪا آهن ۽ دنيا ۾ مجموعي طور تي 7 نه پر 9 کنڊ موجود آهن. ارضيات جي ماهرن فيبروري 2017ع ۾ دنيا جي اٺين کنڊ “زي لينڊيا“ کي بحرالڪاحل ۾ نيوزيلينڊ ۽ نيو ڪيليڊونيا ويجهو دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ هاڻي يورپي ارضيات جي ماهر دنيا کي گهٽ ۾ گهٽ 20 ڪروڙ سال اڳ گم ٿيل کنڊ دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سائنس جرنل “سائنس ڊائريڪٽ” ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون موجب ارضيات جي ماهرن ڪيترن ئي سالن تائين ٽيڪنيڪي معاملن ۽ جيولاجيڪل سرويز تي ڪيل تحقيق کانپوءِ نئين کنڊ کي دريافت ڪيو آهي. دريافت ڪيل کنڊ اصل ۾ 20 ڪروڙ سال اڳ اتر آفريڪا کان ڌار ٿي ويو هو۽ هاڻي اهو ڏکڻ يورپ ۾ واقع آهي ۽ اهو کنڊ ارمينيا ۽ اٽلي ويجهو آهي. ماهرن موجب دريافت ٿيل کنڊ جو رقبو گرين لينڊ برابر آهي. گرين لينڊ جي ايراضي 21 لک ڪلوميٽر پکڙيل آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته هيءُ کنڊ به 21 لک ڪلوميٽر پکڙيل آهي.
[b]لکائي جو انداز اوهان بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو:
[/b]محترم سامعين: دنيا ۾ هر شخص جي لکائي هڪ ٻئي کان مختلف هوندي آهي پر ڇا اوهان سوچيو آهي ته لکائي جو انداز اوهان بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو. جيڪي ماڻهو لفظن کي لکندي خالي جاءِ ڇڏين ٿا اهي آزاد پسند ۽ خودمختيار هوندا آهن جڏهن ته ان جي ابتڙ اهي ماڻهو جيڪي فاصلو گهٽ رکندا آهن اهي ٻين سان رهڻ پسند ڪندا آهن. اهڙي ريت جيڪي فاصلو ناهن رکندا ۽ لفظ ڳنڍي لکندا آهن اهي ماڻهو مداخلت ڪرڻ وارا هوندا آهن. ڪجهه ماڻهن کي وڏا اکر لکڻ پسند هوندو آهي ۽ اهڙا ماڻهو تڪڙ ۾ اوهان جا دوست بڻجي سگهن ٿا. ٻئي پاسي جيڪي ننڍا اکر لکندا آهن انهن جي شخصيت معصوميت واري هوندي آهي ۽ انهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڏکيو هوندو
[b]ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو:
[/b]محترم سامعين: آمريڪا جا ماهرن هڪ نئين ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي جنهن جي تحت ماحول دشمن ۽ عالمي تپش جي ڪري ٺهندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن واپاري پيماني تي اهو طريقو ڪامياب ٿي ويو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪيميائي صنعتن تي به انقلابي اثر پيدا ٿيندا. تحقيقي رسالي نيچر ۾ شايع رپورٽ موجب هيوسٽن ۾ واقع رائس يونيورسٽي جي ماهرن اهو طريقو تيار ڪيو آهي جيڪو روايتي تدبيرن کان هٽيل آهي، عام طور تي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ختم ڪرڻ لاءِ لوڻ جي پاڻياٺ استعمال ٿيندي رهي ٿي، پوءِ لوڻياٺ ۾ توانائي گڏ ڪئي ويندي آهي پر ان عمل ۾ فارمڪ ايسڊ جو هڪ گهاٽو سوپ بڻجي ويندو آهي جنهن کان جان ڇڏائڻ ڏکيو هوندو آهي،.نئين ٽيڪنالاجي ۾ مايي جي جاءِ تي ٺوس اليڪٽرولائٽ استعمال ڪيا ويا جنهن ۾ بسمٿ نالي ڌاتو سڀني کان اڳتي آهي، ان ٽيڪنالاجي ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي وڏي مقدار ۾ ٻارڻ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، تجربي گاهه ۾ ڪيل شروعاتي تجربن ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقابلي ۾ ٻارڻ جي شرح 42 سيڪڙو تائين حاصل ڪئي وئي جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.
[b]انساني دل پرنٽ ڪري ٽرانسپلانٽ آپريشن جي دنيا ۾ انقلاب:
[/b]محترم سامعين: بائيوٽيڪ ڪمپني انساني دل پرنٽ ڪري ٽرانسپلانٽ آپريشن جي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي رياست شڪاگو جي بائيوٽيڪ ڪمپني بائيولائف فروڊ اعلان ڪيو آهي ته ان ڪاميابي سان ٿري ڊي پرنٽر سان هڪ ننڍي انساني دل پرنٽ ڪئي آهي. پرنٽ ڪيل انساني دل جي بناوٽ بلڪل انساني دل جيان آهي، ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ٿري ڊي مان پرنٽنگ کانپوءِ دل جي ٽرانسپلانٽ آپريشنز ۾ تمام گهڻي مدد.
[b]عورتن جو شاپنگ سان گهاٽو لاڳاپو هوندو آهي:
[/b]محترم سامعين: جيئن ته اسان کي خبر آهي ته عورتن جو شاپنگ سان گهاٽو لاڳاپو هوندو آهي ۽ کين شيون خريدڻ بي حد پسند هوندو آهي پر هر شئي پنهنجي انداز ۾ ڪئي وڃي ته بهتر آهي ڇو ته ڪنهن به شئي جو حد کان وڌيڪ استعمال اوهان لاءِ نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جيڪي عورتون شاپنگ ڪرڻ جون عادي هونديون آهن ۽ هو شاپنگ ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ کي روڪي ناهن سگهنديون ته اهڙي عادت کي نظرانداز نه ڪجي. هڪ تحقيق موجب 20 ماڻهن مان هر هڪ فرد کي شاپنگ ڪرڻ جي عادت هوندي آهي جنهن کي گهٽ ماڻهو ئي سنجيده سمجهندا آهن. صحت جي بحالي مرڪز اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته خريداري جي عادت کي هڪ مرض قرار ڏئي ان کي علاج جوڳي مرضن جي سرڪاري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ماهرن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو آهي ته خريداري جي عادت ۾ مبتلا ماڻهن کي روڪڻ ڏکيو لڳندو آهي ۽ ان جو نتيجو نقصانڪار آهي جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ان عادت جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. پريوري ويب سائيٽ ۾ لکيو ويو آهي ته خريداري جي عادت جنهن کي شاپنگ ڊس آرڊر اونيومينيا به چيو وڃي ٿو اها معاشي ۽ معاشرتي طور تي انسان جي نفسيات کي تباهه ڪري ڇڏي.
[b]دنيا جي سڀ کان تيز رفتار خردبين تيار ڪئي ويئي:
[/b]محترم سامعين: ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ هڪ انقلابي ٿري ڊي خردبين (مائڪرو اسڪوپ) تيار ڪئي وئي آهي جنهن کي دنيا جي سڀ کان تيز رفتار خردبين چئي سگهجي ٿو. هن ايجاد سان جينيات، دل جي مرضن، حياتياتي تحقيق ۽ نيورو سائنس ۾ انقلاب اچي ويندو. هن ذريعي دماغي نيورون جي فائرنگ جو به جائزو وٺي سگهجي ٿو. ڪولمبيا يونيورسٽي سان واڳيل سائنسدان ايلزبٿ هلمان چوي ٿي ته جيڪڏهن اسان خردبيني تصويرڪشي جي عمل کي تيز ڪري ڇڏيون ته ان سان سڄي حياتياتي نظام جو جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ اهو روايتي خردبين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فائديمند هوندو. هن خردبين جو سڄو نالو سويپٽ ڪونفوڪلي الائنڊپليز ايڪسائٽيشن يا اسڪيپ مائڪرو اسڪوپ آهي. هن سان حياتياتي نظامن جي تصويرڪشي ٿي سگهي ٿي.
[b]هڪ شخص 24 لک ٻارن رت جو عطيو ڏنو:
[/b]محترم سامعين: انساني رت جا قسم آهن ۽ طبي ماهرن انهن کي مختلف قسمن ۾ ورهايو آهي. اي نيگيٽو، اي پازيٽو، بي نيگيٽو، بي پازيٽو، او نيگيٽو، او پازيٽو، انساني رت جو عطيو ڊاڪٽرز مريض جي حياتي بچائڻ لاءِ حاصل ڪن ٿا پر اوهان اهو ڄاڻي حيران ٿيندا ته دنيا ۾ هڪ اهڙو شخص به موجود آهي جيڪو لاڳيتو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي رت عطيو ڪري رهيو آهي ۽ سندس رت سبب هيل تائين 24 لک ٻارن جي حياتي بچائي وئي آهي. سڊني مارننگ هيرالڊجي رپورٽ موجب 81 سالن جي جيمز هيريسن جي رت ۾ هڪ غير معمولي اينٽي باڊي موجود آهي جيڪا جوريس نالي بيماري ۾ مبتلا ٻارن جي حياتي بچائڻ وارين دوائن ۾ استعمال ٿيندي آهي. جيمز ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي رت عطيو ڪري رهيو آهي جنهن مان اها دوا ٺاهي وڃي ٿي ۽ مريضن کي ڏني وڃي ٿي. هن جي رت مان ٺهندڙ دوا ذريعي هيل تائين 24 لک ٻارن جون حياتيون بچايون ويون آهن.
[b]مان چور خالص سون سان ٺهيل ٽوائليٽ کڻي ويا:
[/b]محترم سامعين: برطانيا جي ميوزيم مان چور خالص سون سان ٺهيل ٽوائليٽ کڻي ويا، ارڙهن قيراط سون سان ٺهيل هن انوکي ڪموڊ جي قيمت پنجاهه لک ڊالر آهي جنهن کي اٽلي جي آرٽسٽ ٺاهيو هو. پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا جي بلين هيم محل ۾ آرٽ جي نمائش دوران رکيل 18 قيراط سون جي ٽوائليٽ کي چورن جو ٽولو کڻي ويو، پوليس چوري جي شڪ ۾ هڪ 66 سالن جي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سون جو ٽوائيلٽ چورائڻ جي شڪ ۾ آڪسفورڊ شائر مان هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نمائش خميس ڏينهن لڳائي وئي هئي جنهن ۾ سون جي ٽوائليٽ رکي وئي هئي. رپورٽ موجب جوابدار رات جو 4 لڳي 50 منٽن تي محل ۾ داخل ٿيا ۽ ٽوائليٽ کڻي فرار ٿي ويا چوري دوران ڪو به شخص زخمي ناهي ٿيو. انسپيڪٽر جيس جو چوڻ آهي ته آرٽ جو ٽڪڙو چوري ٿي ڪيو آهي سون سان ٺهيل هڪ قيمتي ٽوائيليٽ هو جيڪو محل ۾ نمائلش لاءِ موجود هو. واردات ۾ جوابدارن ٻه گاڏيون استعمال ڪيون آهن.
[b]اڌ آبادي پيدائشي طور تي اکين جي نور کان محروم:
[/b]محترم سامعين: آفريقي ملڪ مورطانيا جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع علائقي “والي ڪمبه” جي اڌ آبادي پيدائشي طور تي اکين جي نور کان محروم آهي. مورطانيه ۾ مجموعي طور تي به نابينن جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ يعنيٰ هڪ ڏهائي پنج سيڪڙو آهي. رپورٽ موجب موريطانيا جي ڪل آبادي 30 لک آهي جن مان 50 هزار ماڻهو نابينا آهن جڏهن ته 4 لک ماڻهن جي نظر ڪمزور آهي. “والي ڪمبا” ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو ان مرض جو شڪار آهن جڏهن ته مقامي حڪومت ۽ عالمي طبي ادارن طرفان هيل تائين سندن علاج جو ڪو انتظام ناهي ڪيو ويو. هن علائقي واسين جو معاشري ذريعو ٻني ٻارو آهي. پر اکين جي نور کان محروم ماڻهو اهو ڪم نٿا ڪري سگهن جنهن سبب هو ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ڄانايل علائقي جي ماڻهن ۾ اکين جي نور جي محرومي جو اهو مرض جدي پشتي آهي ۽ قديم زماني کان هتي نابينا ٻار جنم وٺي رهيا آهن. علائقي جي ٻن ٻارن جو نواڪشوط جي هڪ اسپتال ۾ آپريشن ٿيو آهي جنهن سان ٻنهي جي اکين جو نور واپس اچي ويو آهي.
[b]چنڊ تي موجود پراسرار مادي جون تصويرون جاري ڪيون ويون!
[/b]محترم سائين: ڪجهه هفتا اڳ چين چنڊ تي موڪليل تحقيقي گاڏي روور ذريعي ورتل ڪجهه تصويرون موڪليون هيون جن ۾ چنڊتي هلڪي نيري رنگ جي ڪا پراسرار شئي نظر اچي رهي هئي ۽ هاڻي اهڙي شئي جون بهتر ۽ نيون تصويرون ورتيون ويون آهن. آگسٽ ۾ چيني يوٽو دوم گاڏي چنڊ جي ڏورانهين علائقي ۾ هڪ گهاٽي کڏي (ڪريٽر) ۾ هلڪي نيري شئي جون تصويرون جاري ڪيون هيون جنهن کي ماهرن اڳ جيل جهڙو ۽ رنگين مادو قرار ڏنو هو. نين تصويرن مان مادي بابت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها ڪهڙي شئي ٿي سگهي ٿي.
[b]اسان جي شمسي نظام ۾ ٻاهرين سيارن جو مدار عجيب آهي:
[/b]محترم سامعين: ٿي سگهي ٿو ته اسان جي شمسي نظام جي ٻاهرين ڪنارن تي ڪو سيارو موجود نه هجي پر ڪو ننڍڙو ۽ قديمي بليڪ هول هجي، جيڪو شايد ڪائنات جي شروعاتي زماني ۾ وجود ۾ آيو هجي. اهو خلاصو آهي آمريڪي ۽ برطانوي فلڪيات جي ماهرن جي گڏيل تحقيقي مقالي جو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ “آرڪائيوڊاٽ آرگ“ تي آن لائن شايع ٿيو آهي. اسان جي شمسي نظام ۾ ٻاهرين سيارن جو مدار عجيب آهي. ان بابت فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته شايد اسان جي شمسي نظام جي ٻاهرين ڪنارن تي ڪو وڏو ۽ وڌيڪ ڪميت وارو سيارو موجود آهي. جيڪڏهن هيل تائين هن سياري کي دريافت ناهيون ڪري سگهيا پر اهو پنهنجي زبرست ڪشش ثقل سبب ٻين سيارن جي مدارن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي ۽ ان ۾ خلل وجهي رهيو آهي. اهو اسان جي شمسي نظام جو نائون سيارو به آهي. پر هاڻي ڊرهام يونيورسٽي برطانيا جي جيڪب شولٽز ۽ يونيورسٽي آف النوئي آمريڪا جي جيمس انون گڏيل تحقيق کانپوءِ چيو آهي ته ٻاهرين سيارن جي مدارن ۾ بي قاعدگي سبب ڪو وڏو سيارو نه پر هڪ ننڍو قديمي بليڪ هول ٿي سگهي ٿو. اڳوڻين رپورٽن موجب اسان جي شمسي نظام جي ٻاهرين ۽ اڻڄاتل سياري جي ڪميت اسان جي زمين کان وڌيڪ آهي.
[b]ماهرن گم ٿيل کنڊ ڳولي ورتو:
[/b]محترم سامعين: سائنسدانن يورپي ملڪ اسپين کان ايشيائي ملڪ ايران تائين جابلو سلسلن ۾ گم ٿيل کنڊ جي حصن کي ڳولي ورتو آهي، گم ٿيل کنڊ جي باقيات 140 ملين (تقريبن 10 ڪروڙ 40 لک) سالن کانپوءِ ملي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب نيشنل جيو گرافڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سائنسدانن کنڊ دريافت ڪيو آهي، گريتر ايڊريا نالي کنڊ يورپ سان ٽڪرائڻ کانپوءِ زمين، سمنڊ جي اندر دفن ٿي ويو جڏهن ته ملبو جبلن جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ ڪروڙين سالن کانپوءِ به باقيات موجود آهي، سائنسدانن جي ان تحقيق ۾ زمين جي 24 ڪروڙ سال پراڻي تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر جوڙي وئي آهي.سائنسدانن موجب اهو رومي سمنڊ جي علائقي جي زميني اسٽڊي آهي، ان ريسرچ ۾ يورپي ملڪ اسپين کان وٺي ايران تائين جي جابلو سلسلي ۾ ماضي قديم ۾ گم ٿيندڙ کنڊ جي حصن کي هٿ ڪيو ويو آهي، تحقيق مان خبر پئي آهي ته گريٽر ايڊريا سان ٽڪراءُ کانپوءِ امڪاني طور تي اٽلي، ترڪي، يونان ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ جابلو سلسلا بڻيا.تحقيقي ٽيم جي قائد ۽ هالينڊ جي يوٽريڪٽ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊووي وان هينسبرگن جو چوڻ هو ته ايڊريا ڪڏهن به قديم زماني جي سپر کنڊ گونڊوانا جو حصو هوندو هو جيڪو ورهائجي آفريڪا، انٽرڪٽيڪا، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا، ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وڏن حصن ۾ ورهائجي ويو هو.خابرو اداري جو چوڻ هو ته 24 ڪروڙ سال اڳ گريٽر ايڊيا گونڊوانا کان الڳ ٿيو ۽ پاڻ کنڊ جي شڪل اختيار ڪري ورتي، پر ڪجهه حصا سمنڊ جي اندر ٻڏي ويا هئا ۽ سائنسدانن جو خيال آهي ته کنڊ ۾ مختلف ٻيٽن جو گروپ بڻجي ويو جيڪو برطانيه يا فلپائن جهڙا هوندا.
[b]آمريڪي عورت خواب ڏسندي منڊي کائي وئي:
[/b]محترم سامعين: آمريڪا جي ناري منڊي جو خواب ڏسندي پنهنجي هٿ جي منڊي کائي وئي. ڪيليفورنيا جي رهواسڻ جينا ايوانس جو چوڻ آهي ته مون خواب ڏٺو ته ڪجهه لوفر ماڻهو منهنجو ۽ منهنجي مڱيندي جو پيڇو ڪري رهيا آهن منهنجي هٿ 2.4 قيراط جي هيري جي منڊي هئي جيڪا بچائڻي هئي ۽ ان لاءِ ان کي وات ۾ وجهي پيٽ ۾ اماڻڻ کانسواءِ مون لاءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو، مون ائين ئي ڪيو۽ منڊي وات ۾ وجهي پاڻي جي گلاس سان پي ڇڏيم ان کانپوءِ جاڳي پيس. صبح جو اٿيس ته مڱڻي واري منڊي هٿ ۾ نه هئي پريشان ٿي ويس. مون کي کل وٺي وئي مڱيندي کي اٿاري ٻڌايم ته منڊي ڳهي وئي آهيان هوءَ ڊاڪٽرن ڏانهن وئي ته انهن به کيس گيسٽرولاجسٽ ڏانهن اماڻڻ بدران منڊي کي قدرتي طريقي سان نڪرڻ جي صلاح ڏني اينڊواسڪوپي ۾ اها منڊي نظر آئي جيڪا معدي جي ويجهو پيل هئي بعد ۾ ڊاڪٽرن ها ڪڍي سندس حوالي ڪئي.
[b]سونهن جون صلاحون ڏيندڙ آئينو تيار:
[/b]محترم سامعين: اها چوڻي آهي ته آئينو سچ ڳالهائي ٿو پر جديد ٽيڪنالاجي سان تيار ڪيل اسمارٽ آئينو نه رڳو سچ ڳالهائي ٿو پر چمڙي مرضن جا راز به ٻڌائي ٿو. هن آئيني کي “هاءِ مرر” جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو انتهائي گهرائي ۽ تفصيل سان هر روز اوهان جي چهري جو معائنو ڪري ٿو. هن جو خاص نظام 8 مختلف طريقن سان اوهان جي چهري جو جائزو وٺي ٿو. اهڙي ريت چهري جا داغ، خشڪي، پاڻي جي کوٽ، رنگ ۽ جلد جي سطح بابت به آگاهه ڪري ٿو. هاءِ مرر جو سافٽ ويئر اوهان کي چمڙي جي ڪنهن به مرض جي صورت ۾ لوشن ۽ ڪريم جي استعمال بابت صلاحون به ڏئي ٿو.
[b]اکين کي دوکو ڏيندڙ ناروي جي پل!
[/b]محترم سامعين: ناروي ۾ هڪ اهڙي پل ٺاهي وئي آهي جنهن کي ڏسي گُمان ٿيندو آهي ته ڄڻ گاڏي پل جي آخر ۾ اونهي کاهيءَ ۾ وڃي ڪرندي، پر اهو رڳو اکين جو دوکو آهي. ناروي جي اولانهين حصي ۾ ائٽلانٽڪ روڊ تي هڪ اهڙي پل به آهي جنهن کي ڏسي نظرون دوکو کائي وينديون آهن، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب اسٽور سيسنڊيٽ نالي انهيءَ پل جي ڊرامائي انداز سان اڏاوت ان کي دنيا جي خطرناڪ ترين روڊن ۾ شمار ڪري ٿي، جنهن کي ڏسي ماڻهو ڊپ ۾ وٺجي ويندا هجن، سڄي دنيا مان سياح هِن پل کي خاص طور ڏسڻ جي لاءِ ايندا آهن، هي پنج ميل ڊگھي پل 1989ع ۾ ٺَهي وئي هئي جنهن کي هِن وقت تائين هزارين سياح ڏسي چڪا آهن.
[b]نوجوان تلوار سان انگور ڪٽڻ جو عالمي رڪارڊ:
[/b]محترم سامعين: گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ روزانو نوان نوان رڪارڊ داخل ٿيندا رهندا آهن. ان حوالي سان ايڊاهو، آمريڪا جي ڊيوڊ رش لڏندڙ تختي تي پاڻ کي هڪ هنڌ بيهاري، هوا ۾ اڏندڙ انگورن کي تلوار سان ڪٽن جو نئون رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي، هي رڪارڊ هن هڪ منٽ 70 اڏندڙ انگورن کي تلوار سان ڪٽي ٺاهيو آهي. ڊيوڊ رش هِن وقت تائين 100 کان وڌيڪ گنيز رڪارڊز ٺاهي سڄي دنيا ۾ مشهور ماڻي چڪو آهي پر ان جي ڪارنامن جو بنيادي مقصد سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي (STEM) تي ٻڌل تعليم کي هٿي ڏيڻ آهي. سندس هڪ ساٿيءَ تيزيءَ سان ان ڏانهن انگور اڇلايا جِن کي هو تيزيءَ سان لڏندڙ تختي تي پاڻ کي سنڀاليندي وڏي تيزيءَ سان ڪٽيندو ويو. صرف هڪ منٽ ۾ هن پنهنجي تيز ڌار واري تلوار سان هوا ۾ اڏندڙ 70 انگور ڪٽي ڇڏيا جنهن جي تصديق اتي موجود گنيز ورلڊ رڪارڊ جي نمائندن به ڪئي. ان کان پوءِ ان کي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.
[b]ساهيڙين سان گهاٽو لاڳاپو، بهتر صحت برقرار رکڻ آهي:
[/b]محترم سامعين: هونئن ته دوستن سان سٺو لاڳاپو ذهني دٻاءُ مان ڇوٽڪاري جو سبب هوندو آهي پر تازو ماهرن چيو آهي ته عورتون جيڪڏهن پنهنجي صحت کي بهتر بڻائڻ چاهين ٿيون ته کين گهرجي ته پنهنجين ساهيڙين سان دوستي کي وڌيڪ گهاٽو ڪري وٺن. تازو ڪيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن عورتون پنهنجين سٺين ساهيڙين سان سٺو وقت گذارين ٿيون ته انهن ۾ اوڪسي ٽوسن نالي هارمون وڌي ٿو. اهو هارمون ٻين تي ڀروسو ڪرڻ ۽ دوستي جي جذبي ۾ واڌارو ڪري ٿو ان کي محبت جو هارمون به چيو وڃي ٿو. اصل ۾ دوستن سان سٺو وت گذارڻ ذهني ۽ دماغي صحت لاءِڪارائتو آهي. هن تحقيق ۾ اها ڳالهه به ثابت ٿي چڪي آهي ته مضبوط سماجي لاڳاپا ڪنهن شخص جي عمر ۾ واڌارو ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ڊيمنيشيا جي خطري ۽ ذهني دٻاءُ ۾ به گهٽتائي ٿئي ٿي.
[b]ڳاڙهو بصر ڪئنسر کان بچائي ٿو:
[/b]محترم سامعين: بصر ۽ ٻين ڀاڄين ۾ موجود هڪ هڪ پگمنٽ اينٿو سائنن جيڪو ڀاڄين کي رنگ ڏيندو آهي، ڪوئسٽن جي اثر کي وڌائيندو آهي. يعني بصر جو رنگ جيترو وڌيڪ ڳاڙهو هوندو، اوترو ئي ان ۾ اينٿو سائنن جو مقدار وڌيڪ هوندو ۽ اهو بصر ڪينسر خلاف اوتري ئي وڌيڪ ويڙهه ڪندو. تحقيق موجب ڳاڙهو بصر ڪينسر جي خلين جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان رابطي کي ڪاٽيندو آهي جڏهن ته اهڙو ماحولي ٺاهيندو جنهن ۾ اهي وڌيڪ واڌ ويجهه ناهن ڪري سگھندا. ڳاڙهو بصر نه رڳو ڇاتي جي پر وڏي آنڊي جي ڪينسر سوڌو ٻين قسمن جي ڪينسر خلاف به اثرائتو ثابت ٿي سگھي ٿو.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڳاڙهي بصر کان سواءِ ٻئي رنگ جي بصر ۾ به اينٽي آڪسيڊنٽس جيڪو وڏو مقدار ۽ ڪوئسٽن موجود هوندو آهي جيڪو ڪينسر سوڌو ٻين گھڻين بيماري کان تحفظ فراهم ڪري سگھي ٿو.
[b]وڌيڪ ڪم ڪندڙ ماڻهو جلد ٺوڙها ٿي وڃن ٿا:
[/b]محترم سائين: جيڪڏهن اوهان ڪنهن بينڪ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو ته ڪيترائي ڪلاڪ ڪم ڪرڻ اوهان لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو پر اهو اوهان جي وارن لاءِ چڱو ناهي. هڪ نئين تحقيق موجب ڪاميابي ماڻڻ جي قيمت ڪيترائي ڪلاڪ ڪم ڪرڻ سان واڳيل هوندي آهي پر اهي ماڻهو جيڪي هفتي ۾ 52 ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا انهن ۾ ٺوڙهي ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. گهڻا ئي اهڙا ماڻهو آهن جن جيڪي 40 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.وڌيڪ ڪلاڪ ڪم ڪندڙ 13000 ماڻهن تي اهڙي ريسرچ ڪئي وئي.