سنڌ جو امن ۽ ڀائيچارو تباهه ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻايو!
[/b]سنڌ صدين کان تاريخي طور امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جي علامت رهي آهي، هتي محبت ۽ پيار جي هُٻڪار هوندي هئي. پر هاڻي سنڌ جي امن ۽ ڀائيچاري جي پکين کي مارڻ لاءِ سازشون تيز ڪيون ويون آهن، جنهن تي هلندي ڪڏهن ورهاڱي جا بيان ڏنا ويندا آهن ته ڪڏهن وري نفرتون پکيڙڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو ويندو آهي. اسين نمرتا جي واقعي کي به اهڙين سازشن جي ڪڙي طور ڏسون ٿا، اهو هڪ ناري يا شاگردياڻي نه پر سنڌ جي شعور جو قتل آهي. ڇاڪاڻ ته هوءَ تعليم جو روشن ڏيئو هئي، اُنهن جي مدد ڪندي هئي، جيڪا تعليم پرائڻ ته گهرن ٿا پر غربت جي جنڊ ۾ روزانو پيسجي ويندا آهن. ظاهر آهي ته تعليمي ادارن مان جڏهن لاش ملڻ جو سلسلو بند نه ٿيندو ته ماڻهو خوف ۾ وڪوڙجي ويندا. سنڌ جو تعليمي نظام هٿ وٺي تباهه ڪيو وڃي ٿو.
[b]ڏهين محرم جي لهندڙ سج انسانيت جي تاريخ:
[/b]محترم سامعين: امام ڪربلا حضرت حسين بن علي رضي الله تعالى عنه ڪربلا جي ميدان ۾ الله تعالى جي ڪلمي جي سربلندي ۽ پنهنجي ناني محمّد ﷺ جي دين جي حفاظت جي خاطر پنهنجي 72 ساٿين سان گڏ شھادت جو عظيم رتبو حاصل ڪري دنيا کي واضح طور تي اهو پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به ڪامل ايمان واري مؤمن جي جان وڃي ته ڀلي وڃي پر هو ڪنهن به ظالم ۽ جابر حڪمران جي حڪومتي ڏاڍ ۽ ظلم جي آڏو ڪنڌ نه جهڪائيندو ۽ نڪي ڪمزور ٿي ان جي آڏو گوڏا کوڙيندو. ڏهين محرم جي لهندڙ سج انسانيت جي تاريخ جو هي دردناڪ واقعو ڏٺو، جنهن کي رت سان رنگين ڌرتي پنهنجي سيني تي هميشه جي لاءِ نقش ڪري ڇڏيو. نبوت جي چشم و چراغ پنهنجي رت سان اسلام جي ان وڻ کي سائو ڪري نه مٽجندڙ داستان رقم ڪيو، جيڪو ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راھ آهي. حضرت حسين عه رهندي دنيا تائين ايندڙ ايمان وارن کي اهو پيغام ڏنو ته ڪڏهن به ۽ ڪنھن به موقعي تي ظلم ۽ ڏاڍ جي زور ۽ ناجائز بنيادن تي ڪنهن جي به آڏو نه جهڪجي، بلڪه رت جي آخري ڦڙي تائين ظلم ۽ ڏاڍ جو مقابلو ڪجي ۽ اھو ئي حُسينيت ۽ ڪربلا جي واقعيءَ جو پيغام آهي.
[b]سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ مافيا جون وڌندڙ ڏاڍايون!
[/b]محترم سامعين: سنڌ ۾ هونئن ته انيڪ مسئلا آهن پر ٽرانسپورٽ جو مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. خاص ڏينهن تي ٽرانسپورٽ مافيا ڪراين ۾ وڌيڪ اضافو ڪري عوام جو رت چوسين ٿا. خاص ڏينهن تي هر ڪو ماڻهو پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن ويندو آهي ڇو ته جيڪي ماڻهو ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ نوڪريون يا مزدوري ڪندڙ آهن، اهي موڪلن تي پنهنجي علائقن ڏانهن ضرور ويندا آهن. ان وچ ۾ سرڪاري ملازم يا پرائيويٽ ادارن کي موڪلون هونديون آهن. نه رڳو ملازم پيشه پر يونيورسٽي جي شاگردن توڙي سڀني ادارن کي موڪل هوندي آهي. مسافرن جي رش جو فائدو وٺندي ٽرانسپورٽ وارا ڇڪي ڪرايو وٺن ٿا. افسوس اهو آهي ته ٽرانسپورٽ وارا عوام جي مجبوري جو گهڻو فائدو وٺن ٿا. حد ته ان ڳالهه جي آهي ته موٽر وي پوليس وارا گاڏي جي ڇت تي ويٺل ماڻهن تي ڪو به ايڪشن نٿا کڻن. عام ڏينهن ۾ هو چالان ڪندي دير ناهن ڪندا. سنڌ جو ٽرانسپورٽ کاتو ان حوالي سان ڪو نوٽيس نٿو وٺي.
[b]ڪشميرين کي پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏنو وڃي!
[/b]محترم سامعين: ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ مودي سرڪار جي انتهاپسندي ۽ مسلمانن سان دشمني آهي، جنهن ڪشميرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي. ڀارتي سرڪار ڪشمير کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نه پر سندن زمين ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ آرٽيڪل 370 جو خاتمو ڪيو. هاڻي حالت اها آهي جو ڪشميرين کي پنهنجي گهرن ۾ واڙي رکيو ويو آهي، جتي کين سمورين بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي. ان کان سواءِ ڀارت خطي ۾ جنگي جنون کي وڌائي حالتن کي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، جنهن جو عالمي برادري کي نه رڳو نوٽيس وٺڻ گهرجي پر ڀارت کان مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهو ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪري اتان پنهنجي فوج واپس گهرائي ۽ ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ڪڍي ۽ پرامن حل اهو آهي ته ڪشميرين کي هاڻ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏنو وڃي.
[b]پرڏيهه ۾ ڪمائيندڙن کان فرمائشون نه ڪريو!
[/b]محترم سامعين:تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته جيڪي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ روزي ڪمائين ٿا اهي ڪهڙين مشڪلاتن جو شڪار آهن جتي اڪثر ماڻهن جي زندگي انتهائي ڏکين حالتن ۾ گذري ٿي، هو روز صبح جو اٿي ڪم کي لڳن ٿا، چاهي ڊرائيور هجن، چوڪيدار، مزدور يا ٻيو عملو، انهن جي ننڊ به پوري نه ٿيندي آهي. متان ڊيوٽي جي لاءِ دير ٿي وڃي يا بس ۽ گاڏي نڪري وڃي! متان سيٺ نه ڪاوڙ ڪري. صبح جي نيرن به رستي تي کائيندا ويندا آهن، کين منجهند جو به ٽائيم نه ملي سگهندو اٿن. پوءِ به ڪم کي پورو ڪندا آهيون، ڏک هجي يا سک هجي ڪنهن کي به ناهن ٻڌائيندا. جتي انتهائي مجبوري جي حالت ۾ رهن ٿا. هڪ ته پنهنجي ملڪ ۾ روزگار جا وسيلا ناهن، جيڪڏهن هجن ها ته ڪير پرديس ۾ ڌڪا نه کائي ها! ٻيو ته پوين عزيزن کي به گهرجي ته انهن پرديسين جي ڪمائي جي پئسن کي پنهنجي ضرورت آهر استعمال ڪن، اهو سوچين ته اهو پيسو هنن جي رت پورهئي جي ڪمائي آهي، جيڪي بک ڏک تي رهي به پوري ڪمائي موڪليندا آهن، ته متان سڀاڻي دنيا وارا گهر وارن تي آڱر کڻن. سو مهرباني ڪري پرديسين کان فرمائشون ڪرڻ بدران اتي سندن مشڪلاتن جو تصور ڪريو!
[b]زبون حال اسڪولن طرف ڌيان ڏيئي تعليم بچايو!
[/b]محترم سامعين: سنڌ ۾ بنيادي تعليمي نظام جي جيڪا حالت آھي ان مان سڀ بخوبي واقف آھيون، ساليانو ڪروڙين بلڪه اربين رپيا بجيٽ ھجڻ باوجود پرائمري اسڪولن کان ويندي هاءِ اسڪولن تائين اهم بنيادي ضرورتن جي اڻهوند جون خبرون روز اخبارن جي زينت بڻجن ٿيون، اسڪولن جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ جي ڪري ڪيترائي شاگرد روزانو زخمي ٿي رهيا آهن. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زبون حال اسڪولن جو هڪ وڏو انگ آهي جن طرف حڪومتي ادارن کي توجھ ڏيڻ گهرجي. درسگاهن جي زبون حالي تعليم جي تباهي جي ڪارڻن مان به هڪ اهم ڪارڻ آھي، جنهن ڪري ٻارن ۾ هر وقت خوف رهي ٿو. خدارا زبون حال اسڪولن طرف توجهه ڏئي تعليم کي تباهي کان بچايو وڃي.
[b]شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪريو!
[/b]محترم سامعين: پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 17 مطابق هر ڪنهن کي حق حاصل آهي ته هو سياسي پارٽي ٺاهي سگهي ٿو يا ڪنھن سياسي پارٽي جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، ڇو جو آئين هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح سياست ڪرڻ هر شاگرد جو بنيادي حق آهي ڇو ته شاگرد سياست ئي سياست جو بنياد آهي. اڄ جا شاگرد سڀاڻي جا لکيل پڙهيل اڳواڻ ھوندا. جيڪڏهن شاگرد سياست تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي ته آئيندو نااهل ماڻهن جي هٿ ۾ اچي ويندو. شاگرد يونين تي پابندي هڻي کانئن آزادي کسي ويئي آهي، جنهن سبب شاگرد سخت پريشانين کي منهن ڏين ٿا. دراصل جن تعليمي ادارن ۾ شاگرد تنظيمن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي اهي ادارا بدترين ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن. اتي شاگرد سان ناجائزيون ٿين ٿيون، يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ شاگردن سان ڪافي مسئلا پيش اچن ٿا جهڙوڪ هاسٽل الاٽمينٽ، ڪلاسن، پاڻي، بجلي يا صفائي سٿرائي جا مسئلا! جنرل ضياءَ جي دور ۾ شاگرد يونين مٿان لڳايل پابندي اڃان تائين جمهوريت جا دعويدار به هٽرائي ناهن سگهيا.
[b]نوڪريون ميرٽ تي آخر ڪڏهن ملنديون؟
[/b]محترم سامعين: اڄ جي ھن مھانگائي واري دور ۾ اڳ ئي جيئڻ جنجال لڳو پيو آهي ته وري ٻئي طرف بيروزگاريءَ ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. روز اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار ڏسي ڪيترائي نوجوان 500 کان 1000 جا چالان ڀرائي درخواستون موڪلين ٿا، ان کانپوءِ لکت جي ٽيسٽ يا انٽرويو تائين ڪرايا ڀاڙا الڳ ڀرين ٿا، پر آخر ۾ پتو پوي ٿو ته اهي نوڪريون ئي ملتوي ٿي چڪيون آهن. هتي ميرٽ جي رڳو ڳالهه ڪئي وڃي ٿي حقيقت ۾ ميرٽ نالي ڪا شيءِ آهي ئي ڪانه! جيڪڏهن ميرٽ کي نظر انداز ڪري پنهنجا نوازي ڪئي ويندي ته هن خطي ۾ بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿيندو، مايوسي ۽ محڪومي وڌندي جنهن جا پوري سماج تي اُڳرا نتيجا نڪرندا.
[b]سرڪاري اسپتالن کي ملندڙ بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿي؟
[/b]محترم سامعين: سنڌ جي اڪثر سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ٿيندڙ غريب مريضن کي سهولتون نٿيون ملن،انهن کي نه بيڊ ڏنو وڃي ٿو نه ڪو ڪمرو! انهن غريبن کي هيٺ پَٽَ تي ويهاري تذليل ڪئي وڃي ٿي! انهن اسپتالن ۾ غريب بي پهچ ماڻهن جي مجبوري جو فائدو کڻندي اهو چئي پئسا وصول ڪيا ويندا آهن ته ايمبولينس خراب آهي يا تيل نه آهي ۽ اسان کي مٿان کان پئسا نٿا ملن! اتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته سرڪاري اسپتالن جي ملندڙ سالياني بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ ڇا توهان کان اُهي قسم وسري ويا آهن؟ جيڪي توهان نوڪري ۾ ڀرتي ٿيڻ وقت کڻندا آهيو! “اسان اسپتال ۾ ايندڙ مريض جو علاج صحيح نموني ۽ ايمانداري سان ڪنداسين.” اُها ايمانداري ڪيڏانهن وئي؟ ڇا توهان وٽ انسانذات جي اهميت نه آهي؟ حڪومت سنڌ کي اپيل ڪجي ٿي ته جلد کان جلد نوٽيس وٺي ڪرپٽ ڊاڪٽرن کي هٽائي صحت کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ته جيئن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي لاڀ حاصل ٿئي.
[b]ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ڪندڙ ڪاري ڪامڻ کي ڪير روڪيندو؟
[/b]محترم سامعين: سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪاري ڪامڻ ويڙھن جا ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آھن. گذريل ڪجهه سالن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي انسانن کي اها بيماري ڳڙڪائي وئي آھي. سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جا ڪيترائي ڳوٺاڻا هن موذي مرض ۾ مبتلا آھن. خاص ڪري اهي علائقا هن موضي مرض ۾ وڪوڙيل آهن، جتي پيئڻ جو صاف پاڻي به انسانن کي نٿو ملي ۽ انسان ۽ جانور گڏ ئي ڪنهن بيٺل پاڻيءَ واري تلاءَ مان پاڻي پيئن ٿا. جن ماڻهن کي ڪاري ڪامڻ آهي ظاهر ٿي آهي، هي اُهي ماڻھو آھن جن ٽيسٽون ڪرايون ۽ کين خبر پئي ته کين ڪاري ڪامڻ آھي پر ان کان سواءِ کوڙ سارا ٻيا به اهڙا ماڻھو عورتون مرد هوندا جن کي هن ظالم بيماري جي خبر نه هوندي ۽ هي خاموش قاتل بيماري انهن کي ڪنهن مهل به کائي ڳڙڪائي سگهي ٿي. خبر ناهي ته صحت وارو کاتو ڪٿي ڪم ڪري رهيو آهي؟ خدارا سنڌ جي ماڻهن کي ان خطرناڪ بيماري کان بچايو. سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي انسانن جي سار لهو! هنن جون ٽيسٽون ڪرايو۽ متاثر ماڻهن جو انسانيت جي واسطي علاج ڪرايو.
[b]ڌاڙيل آزاد باقي سوپاريون کپائيندڙ جيل اندر!؟
[/b]محترم سامعين: روزانو اخبارن ۾ سنڌ جي هر شھر مان خبرون اينديون آھن ته اڄ فلاڻي ٿاڻي جي فلاڻي ايس ايڇ او وڏي ڪاروائي ڪري سوپاريون کپائيندڙن کي پڪڙي ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو ۽ ايس ايڇ او ۽ سپاهي وري وڏي لئي سان ان مجرم سان گڏ تصوير ڪڍرائي پنهنجي حد جي ايس ايس پي ڏي واٽس اپ ڪندا آھن. هن مهل تائين نشيدار سوپاريون کپائيندڙ هيترا ڪي هيترا ماڻهو پوليس پڪڙيا آھن پر سوپاريون ختم ئي نه ٿيون ٿين. ڪڏهن ڪڏهن ته ٽرڪن جون ٽرڪون سوپارين سان ڀريل پڪڙين ٿا! پر ڳالهه وري ساڳي ته اهي نشي واريون سوپاريون ڇو نه ٿيون کٽن؟ جيڪڏهن پوليس سوپاريون بند ڪرڻ ۾ سنجيده هجي ته پهريون ڪارخانا بند ڪرائي مالڪن ۽ ڊيلرن کي ٻڌي ها، پر اسان جي پياري پوليس کي پئسا به کپن ته وري پنهنجي ڪارڪردگي به ڏيکارڻي آھي! سو اهو سلسلو هندوستان جي ڊرامن وانگر پيو ٿو هلي ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. جڏهن ته ٻئي طرف وري وڏا وڏا ڌاڙيل جيڪي اتر سنڌ ۾ سر عام ماڻھن کي اغوا ڪريو عورتن جي آواز ۾فون تي هرکائي پاڻ وٽ گهرائي ڀُنگ وٺن ٿا سي آزاد آهن.
[b]نوجوان رڳو سرڪاري نوڪرين تي نه ڀاڙين!
[/b]محترم سامعين: ھر روز دنيا تبديل ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به تبديل ٿيندي رھندي ڇو جو اھو ارتقا جو سفر آهي. ڪڏهن تبديلي جا اثر تمام جلد ظاھر ٿيندا آهن، ڪڏهن تمام دير سان. ان جو مطلب ھرگز اھو نه آھي ته تبديلي اچي ئي نٿي. مثال طور ڪيترا سال پھريان ڪنهن ماڻهو جي خيال ۾ به ڪونه ھو ته ڪو دور اھڙو به ايندو ته ماڻھو ڪيترو به پري ھوندو پر ھڪٻئي کي ڏسي به سگهندو ۽ ڳالھائي به سگھندو پر اڄ سائنس اھو ڪري ڏيکاريو. ھن وقت دنيا ۾ ھر ڪم آسان ٿي ويو آھي. پوري پاڪستان مان نوجوان ٻاھرين ملڪن ۾ تعليم لاءِ ڪوششون ڪري ڪري رھيا آھن. اسان جي سنڌي نوجوانن کي به گھرجي ته ٿوري محنت ڪيون ته منزل تي پھچي سگهون ٿا. مثال طور ڪو نوجوان ڪنهن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري رھيو آھي، ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ 4 کان 5 سال لڳن ٿا، انھي کان پوءِ ڪجهه نوجوانن کي نوڪريون ملي وڃن ٿيون، ڪجهه رھجي وڃن ٿا ۽ اھا پڻ حقيقت آهي ته ايتريون نوڪريون آھن به ڪونه جو ھر ھڪ کي نوڪري ملي سو منهنجي نوجوانن کي ھڪ صلاح آھي ته جيڪڏهن نوڪري نه ٿي ملي ته پريشان نه ٿيو، ھن وقت دنيا ۾ مختلف اسڪالرشپون ملن ٿيون، بيچلرس، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي وغيره. واندي ويھڻ کان بھتر آھي ته انٽرنيٽ تي دنيا ۾ موجود مختلف ملڪن جي يونيورسٽين جي ويب سايٽس تي وڃي انهي مان فائدو وٺو. خاص ڪري چين ھن وقت تمام گهڻيون اسڪالرشپس ڏئي رهيو آهي، تنهنڪري اسان جي سنڌي نوجوانن کي صرف سرڪاري نوڪرين ته ڀاڙڻ نه گھرجي، ھن طرف به ڌيان ڏيڻ گھرجي.
[b]مڪاني ادارا عوام کي ڪهڙو رليف ڏيئي سگهيا آهن؟
[/b]محترم سامعين: هن وقت سنڌ جا سمورا ادارا تباهه حال لڳا پيا آهن، خاص طور تي بلدياتي ادارن جي ڪارڪردگي ته انتهائي افسوسناڪ آهي. يونين ڪائونسلن ۾ ماهوار پنج لک جڏهن ته ٽائون ڪميٽين ۾ وارڊن جي حساب سان في وارڊ لاءِ چار لک ترقياتي مد ۾ ايندا آهن. ان کان علاوه پگھارن جي رقم ڌار آهي. ميونپسل ڪميٽيز ۾ ڪروڙن، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ اربن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن ۾ کربين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود عوام کي ڪو به رليف ملي ناهي سگھيو. وڏيرن جا ڀرتي ڪيل پنهنجا ماڻهو جيڪي ايندا ئي نه آهن، تن جو ٻوجھ بجٽ تي تمام وڏو آهي. ڪجهه ته ڪچا ملازم پڻ رکيل آهن. سنڌ جي گهڻن مڪاني ادارن جو ڪوبه رڪارڊ نه آهي. جڏهن ته سبزي پڙي ۽ ريزڪي پڙيءَ جا ٺيڪا من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن. ۾ ترقياتي ڪم ته ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن! ڪروڙن جي بجيٽ هوندي به راڌڻ ۾ صفائيءَ جو سسٽم ناڪاره هجڻ ڪري بدبوءِ راڌڻ جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڊرينيج جو سسٽم ئي نه آهي. ماڻهن جي گھرن ۾ گندي پاڻيءَ لاءِ کڏا ٺهيل هجڻ ڪري بيمارين جو امڪان وڌي ويو آهي. شهر جي ڪجهه وارڊن ۾ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ عوام پريشان هجڻ ڪري گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي. راڌڻ جو عوام بي يارو مددگار بڻجي ويو آهي نيب وارا به خاموش تماشائي بڻيل آهن.
[b]ڪُتن جو آزار ڪڏهن ختم ٿيندو؟
[/b]محترم سامعين: سنڌ ۾ ڇتن ڪتن جو آراز ايترو وڌي ويو آهي جو هر ضلعي جي اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ وارا ڪيس ايندا رهن ٿا. پر ڏک اهو آهي ته ڪتي جي چڪ کان بچاءَ جون ويڪسين اتي نٿيون ملن. ڏٺو وڃي ته شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ رولو ڪتا وڌيڪ هجڻ سبب اهڙا واقعا به اتي وڌيڪ پيش اچن ٿا پر جڏهن ضلعي اسپتالون ئي اينٽي ريبيز ويڪسين کان محروم آهن ته ٻهراڙين جي بنيادي صحت مرڪزن جو ڪهڙو حال هوندو؟ اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي پر صحت کاتي پاران ان ڏس ۾ ڪنهن سنجيدگي جو مظاهرو نه پيو ڪيو وڃي. ويڪسين نه ملڻ ڪري ڪيترا ماڻهو موت جي ننڊ سمهي چڪا آهن. جيڪڏهن صحت کاتي موجب اسپتالن ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءَ جون ويڪسين آهن ته پوءِ مريضن کي ڏنيون ڇو نٿيون وڃن؟ ٻئي پاسي ڪتا مار مهم شروع نه ٿي سگهي آهي. بدلياتي ادارن جا نمائندا ۽ چيئرمين آيل بجيٽ مان ڪرپشن ڪري پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ ته پورا آهن پر رولو ڪتن جو آزار ختم ڪرڻ لاءِ وٽن فنڊز ڪونهن. مهرباني ڪري هي انساني جانين جو مسئلو آهي، يا ته ڪتن جو آزار ختم ڪرايو وڃي، جيڪڏهن اهو نٿو ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪتن جي چڪ کان بچاءَ جي ويڪسين ته هر اسپتال هئڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سنڌ واسين جي جان جي حفاظت ممڪن ٿي سگهي.
[b]سنڌ جي ڳوٺ ۾ اسڪولي عمارتون ۽ استاد ڏيو!
[/b]محترم سامعين: تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي، اهڙي ريت سڌريل ملڪن جي ترقي سڌي يا اڻ سڌي طرح تعليم سان لاڳاپيل آهي، اها کڻي سياسي، سماجي يا اقتصادي هجي. اسان وٽ ترقي کي وري روڊن سان ڀيٽيو وڃي ٿو ۽ تعليم تي ڪو خاص ڌيان نٿو ڏنو وڃي. گذريل ڪيترن ئي ورهين کان وٺي سنڌ جي تمام گهڻن ڳوٺ ۾ پرائمري بوائز اسڪول جي عمارتون نه هئڻ جي ڪري ٻار تعليم کان محروم آهن. نياڻين جي تعليم لاءِ به ڳوٺن ۾ ڪو خاص بندوبست به ناهي. اسان اعليٰ اختيارين جو ڌيان ڇڪايون ٿا ته سنڌ جي ڳوٺ کي نه رڳو اسڪولن جون عمارتون ڏنيون وڃن پر اتي استادن کي مقررڪري ڊيوٽي ڪرڻ جو به پابند بڻايو وڃي ته جيئن سنڌ جي ڳوٺن جا ٻار به تعليم حاصل ڪري پنهنجا بنيادي حق ماڻي سگهن ۽ هن جديد دور ۾ پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن.
[b]ڊينگي کان بچاءَ لاءِ اپاءَ ڇو نه پيا ورتا وڃن؟
[/b]محترم سامعين: اسپتالن کي ڪرپشن ذريعي ايترو ته برباد ڪيو ويو آهي جو ماڻھو لکين رپيا ڀري اسپتالن مان علاج ڪرائيندي به نٿا چاڪ ٿين. هينئر پوري ملڪ اندر ڊينگي مرض جا هزارين ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هي مرض بظاهر هڪ زهريلي مڇر نما جيت ذريعي پکڙجي ٿو، جنهن جي ڏنگڻ سان ماڻھن ۾ مرض جي تصديق ٿئي ٿي پر هن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به احتياطي اپاءَ نٿا ورتا وڃن. عالمي صحت جي اداري ڊبليو ايڇ او جي رپورٽن مطابق دنيا اندر هر سال پنج ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڊينگي بخار جو شڪار ٿين ٿا، جنهن سبب ساليانو 20 هزار ماڻهو فوت ٿين ٿا. افسوس سان اهو چوڻو ٿو پئي ته پهرين مڇرن جي ڏنگڻ سان هڪ عام بيماري مليريا جو مرض ڦھلبو هو، پر هاڻ ڊينگي هڪ موتمار صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. ڊينگي جي حوالي سان چئني صوبن جي صورتحال کي ڏسي آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پنهنجي ملڪ جو هيلٿ ڪيئر سسٽم ويهجي چڪو آهي، ان جي بحالي لاءِ تڪڙا اپاءَ نه ورتا ويا ته هي ملڪ بيمارين جو ڳڙهه ٿي ويندو ۽ هڪ بيمار معاشري سان ملڪ ترقي ناهن ڪندا.
[b]مڪاني حڪومتون ڪارڪردگي ڇو نٿيون سڌارين ؟
[/b]محترم سامعين: پاڪستان جي تاريخ تي نظر وجھنداسين ته مڪاني حڪومت جي شروعات ايوب خان جي دور ۾ ٿي ته جيئن عوام کي هيٺئين سطح تائين سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. ايوب خان جي دور کانپوءِ جيڪي به حڪومتون آيون، تن مڪاني نظام کي ناڪام بڻائڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. سنڌ ۾ ضلعي جي اربن جي بجيٽ به ڪاغذن ۾ پوري ڪئي وڃي ٿي. ملازمن کي به ٽن ٽن مھينن تائين پگھارون نٿيون ملن! پر ٽائون آفيسرن کائي ٺٺ ڪياآهن، هن وقت به پوري سنڌ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. جيڪڏهن پنجن سالن ۾ پنجن ڳوٺن کي به مثالي ڳوٺ بڻايو وڃي ها ته پوءِ به کڻي چئجي ها ته سنڌ حڪومت يا مڪاني حڪومت ڪم ڪري رھي آھي. حڪومت کي گھرجي ته لوڪل حڪومت تي سخت ۽ ڪڙي نظر رکي ۽ بجيٽ کي صحيح استعمال ڪن، جيڪو پئسو عوام جي ھڏن مان ٽيڪس جي صورت ۾ نڪري ٿو.
[b]استاد جي عظمت سڀني کان مٿي آهي:
[/b]محترم سامعين: حديث شريف ۾ ارشاد آهي ته “استاد جو درجو پيءُ کان به مٿي آهي، ڇاڪاڻ ته بهترين پيءُ اهو آهي جنهن علم سيکاريو ”. اها حقيقت آهي ته هڪ استاد پنهنجي شاگرد کي روحاني رنگ ۾ رڱي اُن جي دل ۽ دماغ کي علم جي آب حيات سان اڇو اُجرو ڪندو آهي. گڏوگڏ شعور جا انيڪ دروازا کولي ڇڏيندو آهي. هونئن به تعليم جو مقصد ئي آهي ته هڪ ماڻهو ءَ کي صحيح دڳ تي آڻي ۽ مڪمل آبياري ڪري معاشري جو مهذب انسان بڻائي، ته جيئن هو صحيح معنيٰ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. استاد کي پيغمبري پيشي سان ڀيٽيو ويندو آهي، نظرياتي طور ڏٺو وڃي ته مالڪ ڪائنات ھيءَ دنيا سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ جوڙي آھي، جنھن ۾ ڪي اھڙا ڪردار به آهن، جن کي انسانذات کي حق ۽ سچ ٻڌائڻ جون ذميواريون سونپيون ويون آهن. استاد دنيا جو ڪامياب ڪردار آھي، ڇو ته استاد ئي ڪاميابي جي رستي ۾ مشعل راهه آھي. آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪ جا سربراهه رٽائرڊ ٿيڻ بعد استاد جو پيشو اختيار ڪندا آهن، جنهن جو مثال صدر نڪسن آهي. ڏٺو وڃي ته موجوده تعليمي نظام ۾ نفسياتي تقاضائن موجب تاڪيد ڪيل آهي ته پڙهائيءَ دوران شاگردن سان رلي ملي وڃڻ گهرجي، انهن جا مسئلا معلوم ڪجن ۽ انهن جا داخلي توڙي خارجي محرڪ ڳوليا وڃن ته جيئن تدريسي عمل ۽ شاگرد جي ذهني واڌ ويجهه تي ناڪاري اثر نه پئجي سگهن.اهو ئي استاد آهي جيڪو ٻار کي هڪ حقيقي انسان بڻائيندو آھي، ان کي بهتر رويو ۽ معاشرتي زندگي جو سليقو سيکاريندو آھي.
[b]خدارا! اسپتالن کي ڪوس گهر نه بڻايو!
[/b]محترم سامعين: سڄي دنيا ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ پهرين ۽ بنيادي ترجيح ڏني وئي آهي. اُن جي اُبتڙ پاڪستان ۾ صحت مرڪز يا اسپتالون عوام کي بنيادي سهولت مهيا ڪرڻ بدران عذاب گهر بڻيل آهن. سنڌ صوبي ۾ ته صورتحال ڇرڪائيندڙ آهي، جتي اسپتالن ۾ يا ته مريضن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي يا وري علاج نه ٿيڻ جي ڪري مريض تڙپي تڙپي فوت ٿي وڃن ٿا. مريضن جو نه ته وقت سر علاج ٿيندو آهي، نه دوائون ملنديون آهن ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر توڙي ٻيو عملو اسپتالن ۾ڊيوٽي ڪندي نظر ايندو آهي. هن جديد دور ۾ به سنڌ جي اسپتالن ۾ بنيادي سهولتون نه ملن ته پوءِ عوام مايوسي جو شڪار نه ٿئي ته ٻيو ڇا ڪري؟ اها ڪيڏي نه تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي جو هڪ پاسي وئڪسين نه ملڻ ڪري مائرن جي جهوليءَ ۾ اولاد مري وڃي ٿو، ٻئي پاسي وري اسپتالن جي دروازن تي عورتن جا ويم ٿين ٿا.اهڙن افسوسناڪ واقعن باوجود جڏهن سرڪار حرڪت ۾ نه ايندي ته لازمي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽرن تي به ڪو اثر نه ٿيندو. اُن جي نتيجي ۾ سڌو اثر عوام تي پئجي رهيو آهي ۽ اسپتالون مسيحا گهر بڻجڻ بدران ڪوس گهر ۾ تبديل ٿي رهيون آهن.
[b]ٺلهن آسرن بدران نوڪريون ڏيو ۽ مهانگائي ختم ڪريو:
[/b]محترم سامعين: عام چونڊن ٿيون، ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ جوڙجڪ ٿي وئي، ملڪ جي مڙني عهدن تي ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين توڙي پنجاهه لک گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ته عوام ۾ خوشي پيدا ٿي. بيروزگار نوجوان اهڙن اعلانن تي جهمريون پائڻ لڳا ۽ وڏا وڏا خواب ڏسڻ لڳا. وقت گذرڻ سان گڏ نوجوانن ۽ غريب عوام جي اُميدن تي پاڻي هارجي ويو . سوا سال جي عرصي ۾ جيتري مهانگائي ٿي آهي، تنهن عوام جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آھي. پگهاردار ماڻهن کان وٺي دڪاندارن ۽ واپارين تائين، هر ماڻهو مهانگائيءَ سبب پريشان آهي. ايتري آمدني نه آهي، جيترو خرچ ٿئي ٿو. نوان گهر ٺاهي ڏيڻ واري واعدي تي عمل ڪرڻ بدران حددخلين جي نالي تي ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ دڪان ڊاهي مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ڪيا ويا. مٿان وري ڪيترين ئي ٽيڪسن جي نالي تي ماڻهن جا کيسا خالي ڪيا ويا، اڃا به مهانگائيءَ جو طوفان گهٽجڻ بدران وڌي رهيو آهي. خدارا وطن سان محبت ڪندڙ عوام کي خالي آسرن ۽ دلاسن ۾ نه رهايو ، عملي طور ماڻهن کي مهانگائيءَ جي طوفان مان ٻاهر ڪڍي روزگار ڏيو، اوھان جي نيڪ نيتيءَ ڪوبه شڪ ڪونهي، پر دير ٿيڻ سبب وسوسا ۽ انديشا پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي.
[b]خانگي تعليمي ادارن ۾ استادن جو استحصال روڪرايو:
[/b]محترم سامعين: اسان جي معاشري جي ترقي ۽ سڌاري ۾ استاد جو مُکيه ڪردار هوندو آهي. سائنس توڙي ٻين شعبن ۾ دُنيا جيڪڏهن ترقي جا ڏاڪا مٿي چڙهي رهي آهي ته اُن ۾ استادن جو ڪردار اهميت جوڳو آهي. هاڻي اسان جيڪڏهن پاڻ تي نظر وجھنداسين ته صورتحال بلڪل مختلف نظر ايندي. هتي هڪ پاسي خانگي اسڪولن ۾ استادن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي سرڪاري اسڪولن کي ڄڻ ته غلام سمجهيو ويندو آهي. خانگي تعليمي ادارن ۾ به صورتحال خوفناڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو اُنهن کي ڪير به چوڻ وارو نه آهي. خانگي اسڪولن ۾ استادن کي هن دور ۾ به ڪجهه هزار پگهار ڏني ويندي آهي، جيڪڏهن ڪو پگهار وڌائڻ يا بونس جي ڳالهه ڪندو آهي ته اُن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ بدران کيس اسڪول مان ئي نيڪالي ڏني ويندي آهي. استادن جي عالمي ڏينهن تي اسان وقت جي حڪمرانن کي اپيل ڪريون ٿا ته خدا جي واسطي سرڪاري اسڪولن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ خانگي تعليمي ادارن کي به ڇيڪ نه ڇڏيو وڃي. اُتي استاد جهڙي عظيم هستي سان ٿيندڙ زيادتين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن استادن کي مانُ ملندو ته نئون نسل سٺي نموني تعليم پرائيندو ۽ لازمي آهي ته اسان جو معاشرو ترقي ڪندو.
[b]ڇا فلاحي ڪم ئي ايمانداريءَ جي وصف آهي؟
[/b]محترم سامعين: صرف فلاحي ڪم ئي ايمانداريءَ جي وصف نه آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته جيڪو به ڪم اسان ڪري رهيا آهيون اهو صرف ۽ صرف سچائيءَ سان ڪريون. زندگي ڪاروبار وانگر آهي جنهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ايمانداريءَ جي ضرورت هوندي آهي. اسان شعوري يا لاشعوري طور تي هن سان جيڪو به سلوڪ روا رکون ٿا اهو شايد اسان جي يادگيريءَ ۾ پنهنجي اصل شڪل صورت ۾ محفوظ نه هجي پر زندگي پاڻ ان کي هرگز نه وساريندي آهي. ڪنهن خاص مُدي پوري ٿيڻ کان پوءِ اسان کي انتهائي ايمانداري ۽ خلوص سان اهو ثمر واپس ڏيڻ شروع ڪندي آهي.اهو ثمر پنهنجي جهوليءَ ۾ ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو آهي ته اسان کي ڪو حق نه ٿو پهچي ته بدنيتيءَ جا ڪنڊا پوکي ان مان سڪون ۽ امن جي گلن جي پوک جي اميد رکون.
[b]مهرباني ڪري سوشل ميڊيا جو درست رخ ۾ استعمال ڪريو!
[/b]محترم سامعين: جديد ٽيڪنالاجي جتي دنيا کي فائدو رسايو آھي اتي ان جا منفي اثرَ به سامھون اچن ٿا. دراصل اُھي منفي اثرَ انسان جي پيداوار ئي آھن. دنيا جتي سوشل ميڊيا کي انسان ذات جي فائدي لاءِ استعمال ڪري رھي آھي اتي اسان جي ملڪ ۾ ان جو انتھائي غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪنھن سان ذاتي دشمني پاڙڻ خاطر ابتيون سبتيون اڌوريون پوسٽون ۽ ايڊٽ ٿيل تصويرون رکي ان جي ڪردارڪشي ڪئي وڃي ٿي. جيستائين سچ سامھون اچي ان وقت تائين ان شخص جو منفي پاسو ڏيکاريو وڃي ٿو. نه اڳ سوچيو وڃي ٿو نه وري پٺتي جي سوچ رکي وڃي ٿي، خاص طور تي فيس بڪ کي سنڌي جوان ڪافي غلط استعمال ڪري رھيا آھن. جعلي نالن ۽ تصويرن سان آءِ ڊيز ٺاھي ڪنھن جو به پٽڪو لاٿو وڃي ٿو. جعلي تصويرن جي ڀرمار ۽ ايڊٽ ٿيل تصويرن سان فيس بڪ ڀريل رھي ٿو. حالت اھا آھي جو ھمراھ فيس بڪ جي نه ھلڻ جي فراق ۾ ماني به نٿا کائن. ٻي مصيبت اھا آھي جو ھمراھ تصوير يا پوسٽ رکي ميسيج ڪري نادرشاھي فرمان جاري ڪندا آھن ته تصوير يا پوسٽ تي ڪمينٽ ڪريو يا لائيڪ ڪريو. سنڌي جوانن کي ايتروچوندس ته مھرباني ڪري سوشل ميڊيا جو درست رخ ۾ استعمال ڪيو ۽ سنڌ جي سماجي مسئلن کي نروار ڪيو
[b]سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وڌايل فيسون گهٽايو!
[/b]محترم سائين: سنڌ جي يونيورسٽين ۾ جيڪي شاگرد انٽري ٽيسٽ ڏين ٿا، تن ۾ اڪثريت غريب شاگردن جي هوندي آهي جيڪي پوئتي پيل علائقن، ڳوٺن مان ايندا آهن. پر يونيورسٽين ۾ وڌندڙ ميرٽ جي لتاڙ، فيسن ۾ اضافو، شاگردن جي بي چيني کي وڌائي ڇڏيو آهي. سيلف فنانس ۾ وڪرو ٿيندڙ سيٽن سبب ڄڻ ته يونيورسٽين جو ڪاروباري بڻجي چڪو آهي. گذريل ڪيئي ڏهاڪن ۾ اٻوجهه مسڪين غريب شاگردن جو سهارو بڻيل هي يونيورسٽيون مسلسل ڳرين فيھن ، غريب شاگردن جي اعليٰ تعليم واري آپشن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ اسڪور ته سٺو ڪن ٿا پر يونيورسٽين طرفان گهڻي ڀاڱي ڊپارٽمينٽ جي ورهاست سيلف فنانس تي ڪرڻ سبب غريب شاگرد هئڻ ڪري هو ڳريون فيهون نه ٿا ڀري سگهن، جنهن ڪري مجبوري طور شاگردن کي وري ٽيسٽ لاءِ ڪافي وقت ضايع ڪرڻو ٿو پوي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ مسلسل وڌندڙ فيسن جي ڪري شاگردن جي انرولمينٽ به گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اعليٰ ڪميٽي ويهاري وڌايل فيهن تي نظرثاني ڪري فيهن کي گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن غريب شاگردن کي ڪجهه رليف ملي سگهي.
[b]اڄ جو هيءُ هڪ وڏو سماجي مسئلو ٿي ويو آهي
[/b]محترم سامعين: صبر ۽ سهپ وارو رويو رڳو هاڻي هڪ جنس تائين محدود ناهي رهيو پر هي کوٽ ته هر هنڌ ڏٺي وڃي ٿي. ايتري قدر جو هاڻي ته رتُ جي رشتن، ويجهن عزيزن يا کڻي ايئن چئجي ته ڀاءُ، ڀاءُ جي شناس ناهي رهي، ملڪيتن ۽ آسودگين جي ڪري اولاد والدين کي سڃاڻڻ لاءِ تيار ناهي، اِهو ڇا آهي؟ مزاجن ۾ پختگي ناهي رهي، برداشت ناهي رهي، هڪٻئي جي عزت ڪرڻ وارا جذبا ناهن رهيا، صبر ناهي رهيو، ٻئي جي شخصيت ۽ ڳُڻن کي مڃڻ واريون صلاحيتون گم ٿي رهيون آهن، هر هنڌ نفرت جا تڏا وڇايل آهن. جتي وڃ اُتي هر ڪنهن کي پنهنجي تڪليف جي ڳڻتي آهي، گاڏي هلائڻ مهل تيز کان تيز ڊرائيونگ ڪري، هارن تي هارن ڏيئي هر ڪنهن جو رستو ڪَٽي پنج منٽ اڳ ۾ پهچڻ جي تڪڙ آهي، سبزي، گوشت يا عام واهپي جي، جهڙي به شيءِ وٺڻي هجي اڳ ۾ “مان، مان” جو آواز ايندو آهي، ايتري قدر جو ڪنهن به سواريءَ تي چڙهڻ وقت، ڏسڻ وٽان ماحول هوندو آهي، هر هڪ کي پنهنجي جلدي هوندي آهي. پاڻ تي ضبط ڪونه، ڪاوڙ ايتري قدر جو ڳالهه ڳالهه تي وڙهيو پون، زالون اڳ ۾ ئي گهر جي ڪمن کان پريشان، ويتر مڙسن جو منهن ڏسي ڊڄيو وڃن. اڄڪلهه ته هي وڏو سماجي مسئلو ٿي ويو آهي.
[b]پهرين اسان پاڻ ۾ ته تبديلي آڻيون!
[/b]محترم سامعين: ڪرپشن اسان جي معاشري جو ناسور ٿي ويو آھي، ان حوالي سان بحث ٿيندو رهي ٿو، ٻين ڏانهن آڱريون کڻندا رهون ٿا پر پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي نٿا ڏسون. جيڪي ماڻهو ڪرپشن ڪن ٿا، تن جي حوصله افزائي به ته اسان ئي ڪيون ٿا، مثال اسان ڪنھن به سرڪاري آفيس ۾ ڪم سانگي ويندا آهيون ته جائز ناجائز تڪڙو ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪلارڪن يا آفيسرن کي پاڻ خوشي سان رشوت ڏيندا آهيون. ڪنهن ڪرپٽ سان دوستي آهي ته فخر محسوس ڪندا آهيون، پر ڪنهن محفل ۾ حڪمرانن مٿان هڪ لاهيندا ٻي چاڙهيندا آهيون، اهو ڪونه سوچيندا آهيون ته جيڪڏهن اسان کي ڪو موقعو ملي پوي ته گهٽ اسان به نه ڪنداسين. ان باوجود به جيڪڏهن ڪو چڱو ڪم ڪري ٿو ته ان کي انيڪ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. جيڪڏهن اسان معاشري ۾ تبديلي جا خواهشمند آهيون ته پهرين پاڻ ۾ ته تبديلي آڻيون.
[b]ڏياري ھندن جو وڏو مذهبي ڏينهن:
[/b]ڏياري ھندن جو وڏو مذهبي ڏينهن آهي جيڪو ھر سال برساتي مند کانپوءِ ۽ سياري جي شروعات ڪَتيءَ جي مھيني ۾ دَسھڙي کان 20 ڏينھن پوءِ ايندو آهي. هي ڏينهن ريتن رسمن تحت 5 ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي روزگار سانگي گهر کان پري رهندڙ ماڻهو به خوشي ملهائڻ لاءِ گهر اچن ٿا. ظاهري طور اھو ڏينهن انصاف جي ظلم تي فتح جي خوشي ۾ ملھايو ويندو آهي. جڏھن شري رام چندر پنهنجي پتني سيتا کي حاصل ڪرڻ لاءِ راوڻ سان جنگ ڪئي ۽ ان وقت راوڻ کي اھو غرور ھو ته رامچندر ۽ سندس چند ساٿي سندس زبردست لشڪر جو ڌڪ جھلي نه سگهندا پر کيس اھا خبر ڪانه هئي ته هو ظالم ۽ پنهنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ وڙهي ٿو، جڏهن ته شري رام ۽ سندس ساٿي سچ، انصاف ۽ پنهنجي حق لاءِ وڙھي رھيا آهن. آخر شري رامچندر ۽ سندس ساٿين راوڻ ۽ ان جي ظالم ساٿين کي ماري مات ڪيو ۽ سيتا حاصل ڪيائون. شري رامچندر کيس شڪست ڏيئي 14 سال بنواس ۾ ڪاٽي واپس ايوڌيا پهتو، سندس آمد جي خوشي ۾ جشن ملهايو ويو، جيڪو ڏياري جي صورت ۾ اڄ ڏينهن تائين ملهائجندوپيو اچي.