مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

آڪٽوبر

[b]پهرين آڪٽوبر: بزرگن جو عالمي ڏينهن:
[/b]سائين منهنجا:بزرگ ماڻهو اسان جي سماج جا اهي فرد آهن جن پنهنجي زندگي جي سمورن ڏينهن کي پنهنجن جي لاءِ وقف ڪري جستجو ڪئي ۽ نوجوانن لاءِ روشن مستقبل لاءِ هر راھ تان تڪليفن کي پري ڪيو.ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته“هڪ بزرگ سان هڪ ڪلاڪ جي ڪچهري،هڪ سؤ ڪتابن جي پڙهڻ کان وڌيڪ آهي”ان ڪري پهرين آڪٽوبر کي بزرگن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو،گڏيل قومن جي اداري UNO جي جنرل اسيمبليءَ تاريخ 14 ڊسمبر 1990ع تي پهرين آڪٽوبر کي بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ سن 2002ع ۾ ان حوالي کي ڏسندي هڪ قرارداد به منظور ڪئي ويئي.

[b]پهريون سومر آڪٽوبر: ٻارڙن جو عالمي ڏينهن:
[/b]هن ڏينهن کي ملهائڻ جي راءِ سڀ کان پهريون هڪ غير سرڪاري تنظيم“ٻارن جي ڀلائي واري بين الاقوامي يونين” پاران ڏني ويئي۽ سڀني کان پهرين انهيءَ تنظيم پاران آڪٽوبر سن 1953ع ۾ دنيا جي چاليھ ملڪن هن ڏينهن کي ملهايو ويو. سال 1954ع ۾ هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اقوام متحده پاران هڪ قرارداد منظور ڪئي ويئي.جنهن تحت هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي ڀلائي خاطر وڏن کي اهيو ياد ڏيارڻ آهي ته اهي پاڻ کي ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ انهن جي خوشي ۽ فلاح جي ڪم لاءِ پاڻ کي وقف ڪر ڇڏين. هي ڏينهن هر سال آڪٽوبر جي پهرين سومر تي ملهايو وڃي ٿو.

[b]5 ــ آڪٽوبر:استادن جو عالمي ڏينهن:
[/b]اڄ 05 آڪٽوبر تي هڪ عظيم پيشي سان تعلق رکندڙ استادن جو عالمي ڏينهن آهي. شاگرد پنهنجن پيارن استادن کي اڄوڪي ڏينهن تي خراج تحسين پيش ڪندي سلام ڪندا ڇو ته استاد معاشري جو هڪ اهم فرد آهي. سندس سکيا سان انسان پنهنجي منزل ماڻي ٿو. استاد سماج کي سيکاريندڙ ۽ سنواريندڙ آهي. استادن وٽ قوم جي مستقبل جون تقديرون هونديون آهن. جنهن قوم ۽ ديس جو استاد زندهه آهي، اها قوم ڪڏهن به مرڻي ناهي. استاد کي پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ اها سوچ رکڻي آهي ته مان جنهن مقصد لاءِ آيو آهيان ان سان ڪهڙو انصاف ڪري رهيو آهيان اهو استاد ئي ته آهي جيڪو انسان کي علم سيکاري ٿو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته استاد جو شان ۽ مرتبو وڏو آهي استاد ئي ٻارن جا روحاني والدين آهن. استاد پنهنجي قوم جا سفير هوندا آهن جيڪي ڀٽڪيل قوم کي سڌي راهه ڏيکاريندا آهن انهيءَ جي ڪري استاد کي گهرجي ته ٻارن کي نصاب کان سواءِ ٻي اهڙي تعليم به ڏئي جو ٻار کي غلامي ۽ آزادي جي خبر پوي ته آزادي ڇا آهي ۽ غلامي ڇا آهي؟ ٻارن کي تعليم جو قدر هئڻ گهرجي

[b]9 ــ آڪٽوبر:ٽپال جو عالمي ڏينهن:
[/b]سائين منهنجا: هر ماڻهو پنهنجي پيارن کي هر وقت ياد ڪندو رهندو آهي،جيڪي پيارا ماڻهو پري هوندا آهن تن ڏانهن نياپا سنيها موڪليا ويندا آهن.اڳي جڏهن نياپن پهچائڻ جا جديد ذريعا نه هوندا هئا،تڏهن ڪانگ،ڪبوتر کي نياپي پهچائڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو هيو. وري جڏهن ٽپال جي نظام جو وجود پيو ته خط انسان جي پيغام جو بهترين وسيلو ٿي پيو.جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري رهي آهي،تيئن تيئن ٽپال جو نظام به جديد ٿي رهيو آهي.اڳي جيڪو نياپو يا خط ڏينهن جا ڏينهن کائيندو هيو،اهو اڄ سيڪنڊن ۾ پهچي وڃي ٿو.سن 1872ع ۾ 9 آڪٽوبر جي تاريخ تي سوئيزرلينڊ جي شهر “برن” ۾ عالمي ٽپال بابت هڪ ڪانفرنس ٿي،جنهن ۾ “جنرل پوسٽل يونين” نالي هڪ تنظيم جو بنياد وڌوويو.ان ٺاھ تي 22 ملڪن صحيحون ڪيون ۽ پهرين جولاءِ 1875ع کان ان تي عمل ڪيوويو.يونين پهرين جولاءِ 1948ع تي اقوام متحده جي خصوصي ايجنسي بڻي. ٽپال جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مطلب هي آهي ته جيئن دنيا جا سمورا ملڪ ٽپال جي نظام کي بهتر کان بهتر ڪري سگهن.

[b]11 ــ آڪٽوبر: ٻارڙين/ننڍڙين نياڻين جو عالمي ڏينهن:
[/b]اسان جي ملڪ سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٻارڙين جو عالمي ڏينهن 11 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو.دنيا اندر ٻارڙين سان ٿيندڙ زيادتين جهڙوڪ ننڍي عمر ۾ شادي،تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ڌڪڻ،ٻين جي گهرن ۾ سخت پورهئي ڪرائڻ ۽ تشدد جي واقعن سبب ٻارڙين تي حد کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ضروري ٿي پيو آهي.نياڻيءَ سان ظلم ۽ زيادتي جي تاريخ جيتري پراڻي آهي اوتري اها ننڍڙي نياڻيءَ عورت جي روپ ۾ عزم ۽ همٿ جو داستان بڻجي پنهنجي پويان نه مٽجندڙ تاريخي نشان ڇڏيا آهن.اسان جي سنڌي سماج ۾ نياڻيءَ جي عظمت کي ايترو مڃيو ويو آهي جو نياڻيءَ کي ميڙ جي صورت ۾ ناهي موٽايو ويندو ۽ نياڻي جي اچڻ سان وڏي کان وڏا ڏوھ به معاف ڪيا وڃن ٿا.

[b]15 ــ آڪٽوبر بصارت (نظر کان محروم ماڻهن) جو عالمي ڏينهن:
[/b]15 آڪٽوبي سموري دنيا ۾ نابينن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي،هن ڏينهن کي سفيد لڪڻ جو به ڏينهن چوندا آهن،ڇو ته سفيد لڪڻ اکين جي روشني کان محروم ماڻهن جي نشاني ۽ سهاري طور استعمال ٿئي ٿو.هي ڏينهن نابينن جي بين الاقوامي فيڊريشن پاران هر سال ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد معاشري کي اکين جي روشني کان محروم ماڻهن جي مسئلن ۽ تڪليفن جو احساس ڏيارڻ آهي ته جيئن انهن ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت، روزگار تحفظ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن.

[b]15 ــ آڪٽوبر هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن:
[/b](انگريزي: Global Hand washing Day) سڄي دنيا ۾ سال 15 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هي هڪ عالمي مهم آهي ۽ هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هٿ ڌوئڻ جي اهميت ۽ صحت تي پوندڙ اثرن واري شعور کي بلند ڪرڻ آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات سن 2008ع ۾ ٿي. هٿ ڌوئڻ انساني صحت جو خاص ڪم آهي جنهن جي ادا ڪرڻ سان انسان ڪيترين ئي بيمراين جي حملي کان بچي سگهي ٿو.

[b]16 ــ آڪٽوبر:خوراڪ جو عالمي ڏينهن:
[/b]سموري دنيا اندر خوارڪ جي مسئلن بابت عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ بک،ناقص غذا ۽ غربت جي خلاف جدوجهد واري اتحاد کي مضبوط ۽ پائيداربڻائڻ لاءِ اقوام متحده جا ميمبر ملڪ هن ڏينهن کي خوراڪ جي عالمي ڏينهن طور ملهائيندا آهن.16 آڪٽوبر 1945ع تي ڪئنيڊا جي ڪوٽيبڪ واري هنڌ خوراڪ ۽ زراعت جي اداري جي قائم ٿيڻ جي سالگرھ جي موقعي تي هڪ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ان ڏينهن جي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد دنيا ۾ پيدا ٿيل خوراڪ جي بحران تي ضابطو آڻڻ آهي. اسين دنيا تي نظر وجهون ٿا ته دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي سبب ڪيترن کي ملڪن ۾ انسان جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي، خاص طور تي آفريقي علائقا بک ۽ بد حاليءَ جو شڪار آهن. جتي ماني انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي.

[b]17 ــ آڪٽوبر غربت جي خاتمي جو عالمي ڏينهن:
[/b]هر سال 17 آڪٽوبر تي سموري دنيا ۾ غربت جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد غربت واري زندگي گذاريندڙ ٻارن ۽ خراب حالت ۾ زندگي گهاريندڙخاندانن جي حقن ڏيارڻ واري ضرورت کي اجاگر ڪرڻ آهي. غربت ۽ محروميءَ واري زندگي بسر ڪندڙ انسانن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ۽ انهن جي مسئلن کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد غربت، محرومي ۽ اڻ برابريءَ کي ختم ڪرڻ، ٻارن جي حقن جي حفاظت ۽ غريب ماڻهن جي ڏکين حالتن ۽ انهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ وارن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سيمينار، مذاڪرا، بحث مباحثا ۽ خاص پروگرامن جو بندوبست ڪيو ويندوآهي. دنيا ۾ اهڙا به ملڪ آهن جتي غربت لي لڪير کان به تمام گهڻو هيٺ انسان پنهنجي زندگي گهاري رهيا آهن.

[b]19 ــ آڪٽوبر بيت الخلا جو عالمي ڏينهن:
[/b]بيت الخلا جو عالمي ڏينهن (انگريزي: World Toilet Day) گڏيل قومن پاران هر سال سموري دنيا ۾ 19 آڪٽوبر تي ملهايو يوندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عوام کي بيت الخلا جي استعمال، ان جي اهميت ۽ انساني صحت تي پوندڙ بيت الخلا جي اثرن جو شعور جاڳائن آهي. هن ڏينهن جي شروعات سن 2011ع ۾ عالمي بيت الخلا تنظيم پاران ڪئي وئي هئي.

[b]20 ــ آڪٽوبر: فضائي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ وارن جو عالمي ڏينهن:
[/b]اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ هوا ۾ هلندڙ آمد ورفت تي ضابطو رکڻ وارن“ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪندڙ“ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر” جو عالمي ڏينهن اڄوڪي تاريخ يعني 20 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد فضائي سفر دوران ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ جي اهميت کان آگاھ ڪرڻ آهي.هن ڏينهن جي مناسبت سان پوري دنيا جي هوائي اڏن تي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر جي اعزاز ۾ تقريبون ڪيون وينديون آهن.

[b]24 ــ آڪٽوبر: ترقياتي ڪمن بابت آگاهي جو عالمي ڏينهن:
[/b]پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ترقياتي ڪمن جي باري ۾ معلومات ۽ ڄاڻ ڏيڻ جو ڏينهن 24 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو،جنهن جو مطلب هي آهي ته ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن جي ڄاڻ ۽ ان شعبي ۾ عوامي خيالن جو ڌيان بين الاقوامي تعاون جي گهرج ۽ اهميت ڏانهن ڇڪائڻ آهي. اسان کي هميشه هيءَ ڪوشس ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن تي نه صرف نظر رکون پر جن اصولن ۽ ضابطن تحت اهي ترقياتي ڪم ڏنا ويا آهن،تن کان واقف ٿيون ۽ انهن اصولن پٽاندڙ پنهنجي علائقي ۾ ٺهندڙ،روڊ،اسڪول جي عمارت،اسپتال جي عمارت يا ٻيون اهڙيون اسڪيمون جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ هجن انهن تي نظر رکي صحيح اصولن تحت ڪم ڪرائي،ملڪي ناڻي جي حفاظت ڪريون.

[b]24 ــ آڪٽوبر:اقوام متحده جو عالمي ڏينهن:
[/b]سن 1945ع ۾ اقوام متحده جي منشور جي نافذ ٿيڻ واري عمل جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ،سڀ ميمبر ملڪ هر سال هي ڏينهن “اقوام متحده جو ڏينهن” ڪري ملهائيندا آهن.جنهن جو مقصد دنيا جي ماڻهن کي اقوام متحده جي مقصدن ۽ ڪارنامن کان واقف ڪرڻ آهي ته جيئن هن عالمي اداري جي ڪم لاءِ حمايت حاصل ڪري سگهجي.