فيبروري
[/b]پاڪستان۾سميت پوري دنيا ۾ ڪينسرکان بچاءَبابت آگاهي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، يونين فارانٽرنيشنل ڪينسر ڪنٽرول طرفان هرسال4 فيبروري تي هـِي ڏهاڙوملهائڻ جومقصد دنيامان ڪينسرجي خاتمي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ آهي. صحت جي عالمي اداري خدشوظاهرڪيو آهي ته جيڪڏهن بنا دير قدم نه کنيا ويا ته 2030ع تائين دنيا۾ڪينسرجي مريضن جوانگ اڍائي ڪروڙکان وڌي سگهي ٿو. هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ به هي مرض تيزيءَ سان ڦهلجي رهيوآهي، هرسال ماڻهو ڪينسر ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته علاج جون بهتر۽ سستيون سهولتون نه هئڻ سبب هرسال هزارين ماڻهوفوت ٿي وڃن ٿا. رپورٽ موجب پاڪستان۾ وات جي ڪينسرسان گڏڇاتيءَ جي ڪينسرجو مرض به تيزيءَ سان ڦهلجي رهيوآهي. سال2013ع ۾ڪينسرجي مختلف مريضن ۾ مبتلا91 هزارماڻهوفوت ٿي ويا. مردن۾ وات جي ڪينسر۽ عورتن۾ وري ڇاتيءَ جي ڪينسرتيزي سان ڦهلجي رهي آھي.
فيبروري جو ٻيون آچر:شادي جو عالمي ڏينهن:
اسان جي ملڪ سان گڏ سموري دنيا جا ملڪ فيبروري جي ٻئين آچر کي محبت کي جذبي کي اڀارڻ وارن جذبن سان“شاديءَ جو عالمي ڏينهن”ڪري ملهايو وڃي ٿو.ڪنوار يا زال جي ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد،هن ڳالهه کي مڃڻو آهي ته زال مڙس نه فقط پنهنجي ڪٽنب جا سربراھ اهن پر هو معاشري ۾ بنيادي ايڪائي/يونٽ جي حيثيت پڻ رکن ٿا.
[b]13 ــ فيبروري: ريڊيو جو عالمي ڏينهن:
[/b]اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ ريڊيو جوعالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.سموري دنيا ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد51هزار 800 کان مٿي آهي، عالمي سطح تي (60 سيڪڙو) 31 هزار 220 ريڊيو اسٽيشنون ڏهن ملڪن آمريڪا،فرانس،اٽلي، برازيل، ميڪسيڪو، روس، ترڪي، فلپائن، برطانيا ۽ پيرو ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.جنهن مان 13 هزار 769 ريڊيو اسٽيشنون صرف آمريڪا ۾ آهن. پاڪستان ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد 203 آهي. سرڪاري ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد 56 آهي، جنهن ۾ 22 ميڊيم ويوو ۽ 34 ايف ايم ريڊيو اسٽيشننون آهن. ان کان سواءِ 147 خانگي ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن. 119 ڪمرشل جڏهن ته 28 مختلف يونيورسٽين ۾ نان ڪمرشل ايف ايم ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن. مجموعي طور تي 181 ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن. انٽر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن موج دنيا جي 90 سيڪڙو آباديءَ تائين ريڊيو سگنل جي رسائي آهي. انٽرنيٽ ۽ موبائل فون تي ريڊيو ٻڌڻ جي اضافي سهولت سبب ريڊيو کي ٻڌڻ جي هڪ نئين جلا بخشي.صرف آمريڪا ۾ 8 ڪروڙ ماڻهو ريڊيو ٻڌڻ لاءِ انٽرنيٽ جو استعمال ڪري رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري ريڊيو ۽ خانگي ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿيڻ سان ريڊيو جي بقا کي هٿي ڏئي رهيون آهن. برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي) جي 2008ع ۾ ڪيل هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ ريڊيو ٻڌندڙن ۾ 3 سيڪڙو بالغ مرد ۽ 20 سيڪڙو بالغ عورتون موبائل فون تي ريڊيو ٻڌن ٿا ۽ 4 سيڪڙو بالغ مرد ۽ 3 سيڪڙو بالغ عورتون گاڏين ۾ سفر ڪندي ريڊيو ٻڌي لطف حاصل ڪري رهيا آهن.
[b]14ــ فيبروري:ويلنٽائين ڊي:
[/b]ويلنٽائن ڏينهن (انگريزي ٻولي: Saint Valentine's Day جنهن کي ويلنٽائن ڊي (Valentine's Day) ۽ سينٽ ويلنٽائن جي دعوت پڻ چيو وڃي ٿو هڪ مخصوص عالمي ڏينهن آهي جيڪو ہر سال 14 فيبروري تي ڪجهه مغربي ۽ سيڪيولر ملڪن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور تي ملهايو ويندو آهي۔ هِن ڏينهن نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن.جڏهن ته پنهنجي وڻن،مٽيءَ ڌرتيءَ سان به محبت جي اظهار طور ملهائڻ به بهتر آهي ڇو ته محبت رڳو مخالف ٻن جسمن جو نالو ناهي.
[b]20 ــ فيبروري:سماجي انصاف جو عالمي ڏينهن:
[/b]هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي برادريءَ پاران غربت جي خاتمي ۽ روزگار جا گهڻي کان گهڻا ۽ هڪ جيترا موقعا پيدا ڪرڻ وارن قدمن کي اجاگر ڪرڻو آهي.نومبر 2007 تي گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسيمبليءَ هڪ قرارداد منظورڪندي،20 فيبروري کي باقاعدي نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ سن 2009ع ۾ پهريون ڀيرو هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهايو ويو.
[b]21 ــ فيبروري؛مادري زبانن جو عالمي ڏينهن:
[/b]انساني معاشري ۾ لڏپلاڻ،مختلف تهذيبن پاران هجرت ۽ آبادڪاري هڪ پاسي تهذيبن جي ميلاپ جو سبب بڻي ته ٻئي پاسي انهي لڏپلاڻ سبب ڪيتريون ئي تهذيبون آهستي آهستي ختم ٿي ويون جنهن جو اثر اتي ڳالهايون ويندڙ ٻولين تي پڻ پيو.اهو ڪارڻ آهي جودنيا ۾ ڳالهايون ويندڙ 6912 ٻولين مان 516 ٻوليون ختم ٿي ويون.زماني جي جدت ۽ سرڪاري زبانن جي وڌندڙ استعمال سان مادري زبانن جي اهميت گهٽ ٿي رهي آهي.عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ چيني زبان آهي ۽ سرڪاري سطح تي سڀ کان استعمال ٿيندڙ زبان انگريزي آهي. يونيسڪو پاران هن ڏينهن کي 17 نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل ان بنگالي شاگردن کي ڀيٽاطورڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو جيڪي شاگرد 21 فيبروري 1952ع تي پنهنجي ماءُ ٻولي کي پنهنجي اهميت ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ جو حصو هئا، ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پوليس ۽ فوج گوليون وسايون ۽ اهي ٻولي تان قربان ٿي ويا.
[b]22 ــ فيبروري: اسڪائوٽنگ جو عالمي ڏينهن:
[/b]اسڪائوٽ يا اسڪائوٽ تحريڪ جو عالمي ڏينهن هن ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي،اسڪائوٽ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات هن طرح سان ٿي.لارڊ پائول آف گلول نالي هڪ همراھ سن 1907ع ۾ انگلستان جي “برائون سي ٻيٽ” ۾ ويهن ڇوڪرن تي ٻڌل جٿي تي پهرين اسڪائوٽ ڪئمپ قائم ڪئي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مطلب نوجوانن خاص ڪري شاگردن ۾ اسڪائوٽنگ جي حوالي سان سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي.
[b]22 ــ فيبروري:سوچڻ جو عالمي ڏينهن:
[/b]سوچڻ جو عالمي ڏينهن(World Thinking Day) ملهائڻ جي شروعات پهريون ڀيرو سن 1924ع تي چوٿين گرل گائيڊ بين الاقوامي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي،جيڪا آمريڪا ۾ منعقد ڪئي ويئي هئي.انهيءَ ڪانفرنس ۾ موجود ماڻهن فيصلو ڪيو ته هڪ اهڙو خاص ڏينهن هجڻ گهرجي جنهن ڏينهن تي گرل گائيڊ ۽ گرل اسڪائوٽ پوري دنيا ۾ هڪ ٻئي جي مهرباني مڃين ۽ هڪٻئي جي ساراھ ڪن نيٺ هڪ فيصلي هيٺ 22 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪئي ويئي.ان تاريخ جي چونڊ ڪرڻ جو سبب هي هيو ته اها تاريخ بواءِ اسڪائوٽ تحريڪ جي باني لارڊ بيڊن پائول ، سندس گهرواري اوليو ورلڊ چيف گائيڊ جي جنم ڏينهن جي تاريخ آهي.تنهنڪري پوري دنيا ۾ سوچڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ ان ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ هڪ عنوان تجويز ڪيو ويندو آهي.