مارچ
[/b]جهنگلي جيوت جو عالمي ڏهاڙو( انگريزي: World Wildlife Day) هرسال گڏيل قومن جي اداري پاران 3 مارچ تي ملهايو ويندو آهي. اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبليءَ 20 ڊسمبر 2013ع ۾ پنهنجي 38 هين سيشن جي ايجنڊا اسم نمر 19 جي قراداد نمبر 205/68 تحت هر سال هن ڏينهن جي ملهائڻ جي رٿ منظور ڪئي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد سموري دنيا ۾ جهنگلي جيوت جي نسل جي واڌ ويجھ،انهن جو ماحول تي اثر ۽ جهنگلي جيوت جي حفاظت بابت ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي.
[b]3 ــ مارچ سماعت جوٻڌڻ عالمي ڏينهن:
[/b]ٻڌڻ جو عالمي ڏينهن (World Hearing Day) هر سال دنيا ۾ هي ڏينهن 3 مارچ تي ملهايو ويندو آهي. ٻڌڻ واري صلاحيتن ۽ گوڙ سبب ٻڌڻ واري سسٽم تي پوندڙ خراب اثرن بابت ماڻهن کي شعور ڏيڻ لاءِ سال 2007ع ۾ پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي اداري جي سب اداري “صحت جي عالمي اداري” پاران هي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. سال 2016ع کان اڳ هن ڏينهن کي “ ڪنن جي مرضن جي سار سنڀال جو عالمي ڏينهن” چيو ويندو هيو.
[b]8 ــ مارچ :عورتن جو عالمي ڏينهن:
[/b]سائين منهنجا: اسان وٽ عورتن سان ٻٽي معيار وارو رويو عام آهي،اسين ڏسون ٿا ته ڪن قبيلن ۾ بنيادي جيئڻ جي حقن کان به اسان جي عورت کي محروم رکيو وڃي ٿو،ايتري قدر جو اهڙن قبيلن جي عورتن کي گوشت ۽ مڇيءَ جهڙي خوراڪ کائڻ کان به منع هوندي آهي.دنيااندرعورتن سان اهڙي قسم جهڙي مت ڀيد کي ڏسندي ۽ سماجي،اقتصادي ۽ سياسي شعبن ۾ عورتن جي حقن تي توجھ ڏيڻ لاءِ هر سال هن تاريخ تي سموري دنيا ۾ عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو اعلان سن 1975ع تي ميڪسيڪو شهر ۾ ٿيل عورتن جي عالمي سال کي عالمي ڪانفرنس جي سفارش سبب ڪيو ويو. ويهين صدي جي شروعات ۾ نارٿ آمريڪا ۽ يورپ ۾ مزدور تحريڪ جي سرگرمين کان پوءِ ”عورتن جي عالمي ڏهاڙي جو بنياد پيو.آمريڪا ۾ عورتن جو پهريون قومي ڏينهن 28 فيبروري 1909ع تي ملهايو ويو.اهو ڏينهن نيو يارڪ جي ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جي اعزاز ۾ هو. جن 1908ع ۾ پورهيي واري هنڌ جي انتهائي خراب ۽ ناموافق حالتن تي احتجاج ڪيو هو.دي سوشلسٽ انٽر نيشنل 11- 1910 ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ملڪن جي هڪ سئو کان وڌيڪ عورتن يڪراءِ ٿي ”عورتن جي عالمي تحريڪ“ جي حمايت ڪئي. نتيجي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 19 مارچ تي آسٽريا، ڊينمارڪ، جرمني ۽ سوئزرلينڊ ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.
[b]مارچ مهيني جي ٻين خميس:گردن جو عالمي ڏينهن:
[/b]هي ڏينهن هر سال مارچ جي ٻي خميس تي ملهايو ويندو آهي ان سال ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ گردي جي مستقل خرابي کان بچڻ جي سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ 10 مان هڪ ماڻهو گردي جي خرابي ۾ مبتلا ٿيو وڃي هر سال فقط پاڪستان ۾ گردي جي مستقل خرابي جا 25000 ماڻهو مريو وڃن. پهريون دفعو هي سال 2006ع ۾ ملهايو ويو، دنيا جون ٻه وڏيون تنظيمون انٽرنيشنل سوسائٽي آف نيفرالوجسٽ (آءِ ايس اين) ۽ دنيا جو گردي جو ادارو World kidney foundation اهو ڏينهن ملهائيندا آهن. ان سان جي جسم ۾ ٻه گردا ٿيندا آهن، جيڪي ٻنهي ڪُکين ۾ هوندا آهن، بُڪيون روزانو 200 ليٽر رت صاف ڪنديون آهن، اهي بلڊ پريشر ضابطو رکن ٿيون، رت جا ڳاڙها جزا ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ هڏين کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون بڪيون رت مان خراب مادا پيشاب رستي ٻاهر نيڪال ڪنديون آهن، جيڪڏهن اهي خراب ٿي پون ته زهريلا مادا رت ۾ جمع ٿيندا آهن ۽ ماڻهو کي اُلٽيون، بک جو ختم ٿي وڃڻ ۽ پيشاب جو مقدار گهٽجي وڃڻ جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن.جيئن ته بُڪيون اسان جي جسم جو اهم عضوو آهن،ان ڪري انهن جي سار سنڀال تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.
[b]21 ــ مارچ : نسلي فرق جي خاتمي جو عالمي ڏينهن:
[/b]سائين: هر ماڻهوءَ کي پنهنجي حقن جي آواز اٿارڻ جو پئدائشي حق آهي،جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا ڪا قوم پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم يا ڪنهن ظالم قوم هٿان وسيلن جي ڦرلٽ ڏسندي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪري ٿي،اهو ان جو اخلاقي،قانوني ۽ سماجي حق آهي،ڪنهن کي به اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن به فرد يا قوم ۽ نسل کي پنهنجي بنيادي حقن جي حاصل ڪرن واري آواز کي دٻائي سگهي.ان سلسلي ۾ سمورا حق اخلاقي ۽ قانوني طور مڃيل آهن،تنهن هوندي به ڪن ملڪن ۾ اهڙن احتجاجن کي ڪچلڻ لاءِ تشدد جو رستو اختيار ڪيو ويندو آهي.سن 1960ع ۾ ڏکڻ آفريقا جي علائقي “شارپ ويل” ۾ پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ “برائن آفريقي” ماڻهن جو پوليس قتلِ عام ڪيوهو،ان ظلم جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ جنرل اسيمبلي سن 1966ع جي هڪ قرارداد هيٺ 21 مارچ کي نسلي فرق جي روٿام لاءِ ملهائڻ جو اعلان ڪيوويو.
[b]21 ــ مارچ : شاعريءَ جو عالمي ڏينهن:
[/b] شاعري انسان جي اندر جي جذبن جو اظهار هوندي آهي ۽ شاعر جو داد واھ واھ هوندي آهي ، شاعرن کي جي خدمت کي ساراهڻ لاءِ شاعرن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد شاعرن جي ڪاوشن کي ساراهڻ ۽ معياري ادب جي تخليق لاءِانهن جي حوصله افزائي ڪرڻ آهي،گڏيل قومن جي اداري جي تعليم،سائنس ۽ ثقافتي شعبي(يونيسڪو) سن 1999ع ۾، 21 مارچ کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو.شاعري هڪ ڪائناتي حيثيت رکي ٿي ۽ ڪو به فن شاعريءَ کان سواءِ مڪمل ناهي.اسان جو هي طبقو تمام حساس به ٿئي ٿو ۽ تيز نظر به.جتي عام ماڻهوءَ جي نظر پهچي نٿي سگهي،شاعر اتان ئي لفظن جا انمول موتي ميڙي اچي سڀني ۾ ورهائيندو آهي.
[b]22 ــ مارچ : پاڻيء جو عالمي ڏينهن:
[/b]اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي۔ پاڻي الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پاڻي هر ساهواري جي زندگي لاءِ اهم جزو آهي. جنهن کان سواءِهرساهواري جو زنده رهڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ پاڻي مان غذائيت معلوم نه ٿئي ٿي. پوءِ به پاڻي ۾ قدرت هر توانائي رکي آهي،پاڻي اسان جي غذا جو اهم جزو آهي. انسان جي جسم ۾ 60کان 70 سيڪڙو تائين پاڻي هوندو آهي. پاڻي جي مقدار ڪري انسان جي جسم ۾ چرٻي گهٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي.کير پياڪ ٻارن ۾ 75 سيڪڙو پاڻي ٿيندو آهي. مَردن ۾ پاڻي جو مقدار 61 سيڪڙو جڏهن ته عورتن ۾ 51 سيڪڙو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي جسم ۾ چرٻي جو مقدار وڌيڪ آهي. پاڻي اسان جي ٿڪ، جگر، ٽائي رائيڊ، گلينڊس، ساهه ۽ خوراڪ جي نالين، اکين جي وچ ۽ بڪين ۾ موجود هوندو آهي۔
23 ــ مارچ:ڪنن جي مرض ۽ ٻڌڻ جي حفاظت جو عالمي ڏينهن:
ڪنن جي مرض ۽ ٻڌڻ جي حفاظت بابت ڄاڻ لاءِ سال2013ع تي پهريون ڀيرو صحت جي عالمي اداري (WHO) ملهائڻ جو اعلان ڪيو.ڊبليو ايڇ او موجب 642 ملين ماڻهو ٻڌڻ جي گهٽتائي جو شڪار آهن،جن ۾ 275 ملين ماڻهو ٻڌڻ جي صلاحيت کان بلڪل محروم آهن.ميڊيڪل سائنس جديد علاج وسيلي ٻڌڻ جي صلاحيت جي محرومي کي قابلِ علاج قرار ڏنو آهي.
[b]23 ــ مارچ : موسميات جو عالمي ڏينهن:
[/b]سائين منهنجا:هن ڪائنات ۾ هر ساهواري يا بي جان شين تي موسمن جو اثر پئي ٿو،موسمون زندگي بخشينديون به آهن ته زندگي وٺنديون به آهن.جهڙي طرح سانوڻي جي رُت ۾ زمين ساوڪ سان سينگارجي ويندي آهي ته دل باغ و بهار ٿي پوندي آهي.تهڙي طرح سخت گرمي يا سرديءَ ۾ طبيعت ۾ مزو ناهي رهندو.ان ڪري هن ڪائنات ۾ موسم جي اهم حيثيت آهي.ان اهميت کي سمجنهدي ،سن 1950ع ۾ تاريخ 23 مارچ تي موسميات جو عالمي ڪنوينشن ٿيو ،تنهن بعد موسميات جو عالمي ادارو قائم ڪيو ويو.ان ڪري 23 مارچ کي موسميات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.جيڪڏهن اسان هن ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ وڻ پوکڻ جي ڪوشش ڪريون ته اسان جي اها ننڍڙي ڪوشش،ماحول کي نه صرف خوبصورت بڻائيندي،پر اسان جي آبهوا به صاف ٿيندي،جنهن ڪري اسان وٽ بيمارين جو انگ به گهٽجي ويندو ۽ صحت اسان جي بهتر رهندي.سٺا شهري هميشه پنهنجي علائقن جي سٺي نموني سار سنڀال لهندا آهن.
[b]24 ــ مارچ: ٽي بي جو عالمي ڏينهن:
[/b]پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ٽي بي /سلھ جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ يا ٻن هفتن کان وڌيڪ کنگهه رهي، بلغم ۾ رت اچي، مسلسل بخار رهي، رات جو پگهر اچي، بک نه لڳي ۽ وزن گهٽ ٿيندو وڃي ته جلدي ٽي بي جي چڪاس ڪرائي وڃي، رڳو ڇهن مهينن جي مڪمل علاج سان هي مرض ختم ٿي سگهي ٿو.ٽي بي ڪا وڏي بيماري نه آهي پر علاج نه ڪرايو ويو ته اها خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٽي بي جو علاج اڌ ۾ ڇڏڻ انتهائي خطرناڪ آهي، اڌ ۾ علاج ڇڏيندڙ مريضن کي پوءِ ساڳيون دوائون اثر نه ٿيون ڪن. پاڪستان ٽي بي جي بيماري ۾ پنجين نمبر تي آهي، جنهن سان هر سال 5 لک ماڻهو متاثر ٿين ٿا. ڊبليو ايڇ او مطابق دنيا ۾ هر سال اٽڪل 90 لک ماڻهو هن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿا. انهن مان 3 سيڪڙو ماڻهو علاج نه ٿا ڪرائين.
[b]26 ــ مارچ:مرگهيءَ جي بيماريءَ جي آگاهي جو عالمي ڏينهن:
[/b]سڄيءَ دنيا ۾ 26 مارچ کي هر سال جيان (Purple Day) يعني واڱڻائي ڏينهن، بطور مرگهيءَ جي آگاهيءَ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. 2008ع کان وٺي هي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. سڄيءَ دنيا ۾ اڄ انهيءَ ڏينهن جي حوالي سان عوام کي آگاهي ڏني ويندي آهي، پر انهيءَ جي ابتڙ اسان جنهن سماج ۾ رهون پيا، اتي جي صورتحال تمام خطرناڪ آهي، علم، واقفيت ۽ سائنسي ڄاڻ نه هئڻ سبب اڄ تائين مرگهيءَ جي مريضن کي وڏي اذيت مان گذاريو پيو وڃي، مرگهي، دماغ جي هڪ اهڙي حالت جو نالو آهي، جنهن ۾ دماغي گهرڙا (Cell) پنهنجي ڪم ۾ تيزي اچڻ سبب تيز هلڻ شروع ڪندا آهن يا کڻي ائين چئجي ته، دماغ جي گهرڙن (Neuron) جي ڪاروهنوار ۽ هلت ۾ اوچتي ڪنهن سبب جي ڪري تيزي اچڻ جي ڪري دماغي سرگرمي وڌي ويندي آهي، پوءِ اها تيزي، جنهن دماغ جي حصي سان وابسته هوندي آهي، انهيءَ حصي سان جُڙيل جسماني عضون ۾ حرڪت پيدا ٿيندي آهي، جيڪا تمام تيزيءَ سببان جَهٽڪن جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي، ڪجهه مريضن ۾ بيهوشي، جَهٽڪن سان گڏ ٿيندي آهي، ڪجهه مريضن ۾ بنا بيهوش ٿيڻ جي به جَهٽڪا ٿيندا آهن. مرگهيءَ جي ڪجهه قسمن ۾ سڄو جسم جَهٽڪن جو شڪار ٿيندو آهي، ڪجهه مريضن ۾ جسم جا خاص حصا جهڙوڪ هَٿَ، پيرَ، چَپَ ۽ اَکيون جَهٽڪن جو شڪار ٿيندا آهن، اڄ تائين مرگهيءَ جي اهم سببن جي ڳولا لاءِ کوجنا هلي رهي آهي.
[b]27 ــ مارچ : ٿيٽر جو عالمي ڏينهن:
[/b]27 مارچ تي ٿيٽر جو عالمي ڏيهاڙو ملهايو ويندو آهي.اسان سڀني کي خبر آهي ته ٿيٽر/ناٽڪ منڊلي/ناٽڪ گهر کي فنونِ لطيفه جي سڀ کان مشڪل صنف مڃيو وڃي ٿو.ڏسندڙن جي سامهون سڌيءَ طرح پرفارمنس جي مزي کان اهي ئي فنڪار واقف آهن جيڪي پنهنجي بهترين پرفارمنس سبب ماڻهن کي تاڙين وڄائڻ تي مجبور ڪندا آهن.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته ان فن جي پذيرائي ٿئي ۽ ان کي هٿي وٺرائي وڃي.ڏسجي ٿو ته اسان وٽ هي شعبو ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رهيو آهي،ڪو زمانو هيو جو سنڌ ۾ ناٽڪ منڊيلن پاران ناٽڪ ڪري سماجي سجاڳي پيدا ڪئي ويندي هئي،پر اڄ ڪٿي ڪو ورلي ناٽڪ ٿي رهيو آهي.ان ڪري هن شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن.