مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

اپريل

[b]7 ــ اپريل: صحت جو عالمي ڏينهن:
[/b]سائين منهنجا: عام چوڻي آهي ته صحت آهي ته باقي جهان آهي.تندرستي هزار نعمت آهي.اسان جي وڏڙن جي اها چوڻي هر دور ۾ سچ ثابت ٿي آهي.ان جو قدر ۽ اهميت صحت مند ماڻهن کي گهٽ ٿئي ٿو،صحت ناهي ته سڀ ڪجهه بيڪار لڳندو آهي.انسان جيستائين صحتمند ۽ تندرست رهي ٿو تيستائين هو پنهنجي زندگي جي گهڙين کي خوشگوار گهاري ٿو.صحت جي انهيءَ اهميت کي محسوس ڪندي،سن 1948ع ۾ تاريخ 7 اپريل تي صحت جي عالمي اداري جو وجود پيو.هر سال صحت جي ڪنهن خاص موضوع کي کڻي هن ڏينهن کي ملهايو ويندو آهي.

[b]12 ــ اپريل خلا ۾ انساني اڏام جو عالمي ڏينهن:
[/b] محترم سامعين: اپريل خلا ۾ انساني اڏام جو عالمي ڏينهن
(International Day of Human Space Flight )
گڏيل قومن جي اداري پاران هر سال 12 اپريل تي هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ سال 2011ع ۾، پنهنجي 65 هين سيشن جي ايجنڊا، اسم نمبر 50 جي قرارداد نمبر 65/271 تحت 12 اپريل سال 1961ع تي خلا ۾ سفر ڪندڙ پهرين روسي شهري يوري گيگارين کي مڃتا ڏيندي، هر سال ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد خلا ۾ پهرين سفر ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.سال 2011ع ۾ هن ڏينهن کي ملهائن جي شروعات ٿي.

[b]22 ــ اپريل ڌرتيءَ جو عالمي ڏينهن:
[/b]هر سال 22 اپريل تي هيءُ ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي مناسبت سان سموري دنيا ۾ ماحول جو تحفظ ڪرڻ واري شعور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پوري دنيا ۾ تقريبون ڪيون وينديون آهن. ڌرتيءَ جو عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو سن 1970ع ۾ ملهايو ويو ۽ هر سال “ارٿ ڊي نيٽورڪ” پاران 192 ملڪن کان وڌيڪ ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي.
سن 1969ع ۾ سان فرانسيسڪو ۾ ٿيل يونيسڪو ڪانفرنس ۾، امن جي پرچارڪ جان مڪ ڪونل پاران ڌرتيءَ جي احترام ۽ امن جي تصور کي اجاگر ڪرڻ جي غرض سان، هڪ ڌينهن ملهائڻ جو خيال پيش ڪيو ۽ 21 مارچ 1970ع ( ڌکڻ همپشائر ۾ بهار جي پهرين ڏينهن) واري تاريخ تي ملهائڻ جي تجويز ڏني. تنهن بعد مڪ ڪونل انهيءَ تجويز کي هڪ اعلان نما صورت ۾ لکيو، جنهن تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اوٿان صحي ڪئي. هڪ مهيني کانپوءِ رياست هاءِ متحدا جي سينيٽر گيلارڊ نيلسن ماحولياتي تعليم جي غرض سان الڳ ڌرتيءَ جو ڏينهن 22 اپريل 1970ع تي ملهايو.

[b]23 ــ اپريل: ڪتاب ۽ ڪاپي رائيٽس جو عالمي ڏينهن:
[/b]پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪتاب ۽ ڪاپي رائيٽس جو عالمي ڏينهن اڄ يعني 23 اپريل تي ملهايو ويندو آهي،ڪتاب جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سموري دنيا جي ليکڪن ۽ ڪتابن کي ساراهيو ويندو آهي ۽ ڪتابن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريبون ڪيون وينديون آهن،جنهن ۾ ليکڪن جي ادبي خدمتن جي واڌاري کي ۽ ڪردار کي ساراهيو ويندو آهي.اڄوڪي ڏينهن تي مختلف ملڪن ۾ مختلف تنظيمون پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ادبي سرگرميون ڪري ميڙو مچائينديون آهن،جنهن سان ڪتابن پڙهڻ جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ آهي ۽ انهن جي اهميت تي روشني وجهڻ آهي.اڄوڪي ڏينهن تي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ ليکڪن جي ڪاوشن کي ساراهيو ويندو آهي.

[b]24 ــ اپريل: تجربي گاهن جي جانورن جو عالمي ڏينهن:
[/b]سائنسي تجربن جي لاءِ استعمال ٿيندڙ جانورن جو عالمي 24 اپريل تي ملهايو وڃي ٿو.جنهن جو مقصد سائنس جي نالي تي لکين جانورن کي ايندڙ تڪليفن کان اجاگر ڪرڻ آهي.تحقيقي عمل سبب متاثر ٿيندڙ جانورن جي باري ۾ حقيقتن کي لڪايو پيو وڃي.اڪثر ماڻهو هن عمل ۾ استعمال ٿيندڙ جانورن جي مختلف قسمن ۽ انهن جي ڳاڻيٽي کان نا واقف آهن.ڇو ته انهيءَ طريقيڪار جي چڱي طرح ماڻهن کي ڄاڻ ڪونهي. مختلف جانورن تي تجربا ڪري انهن مان حاصل ٿيندڙ معلومات جي روشنيءَ ۾ جانورن ۽ انسانن جي علاج واسطي دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون.

[b]25 ــ اپريل مليريا جو عالمي ڏينهن:
[/b]مليريا جو عالمي ڏينهن( World Malaria Day ) گڏيل قومن جي صحت واري اداري جي سهڪار سان 2008ع کان هر سال پوري دنيا ۾ 25 اپريل تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائيڻ جو مقصد هي آهي ته پوري دنيا کي مليريا جي مرض بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي ۽ ان جي بچاءَ لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. هن ڏينهن تي صحت سان لاڳاپيل شخص ۽ ادارا سيمينار، پوسٽر، ريليون ۽ ٻيون تقريبون ڪري جاڳرتا پيدا ڪن ٿا. مليريا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اخبارون ۽ رسالا خاص اشاعتن وسيلي مليريا بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽ بچاءَ لاءِ تدبيرن جي باري ۾ عوامي جاڳرتا پيدا ڪن ٿا.

[b]26 ــ اپريل علم ڏاهپ ۽ دانش جي حقن جو عالمي ڏينهن:
[/b]علم ڏاهپ ۽ دانش جي حقن جو ڏينهن ( World Inellectual Property Day )
هر سال 26 اپريل تي گڏيل قومن جي عالمي تنظيم (World Inellectual Property Orgnaization ) پاران پوري دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات WIPO سال 2000ع کان ڪئي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو ڪارڻ عالمي سطح تي علم ڏاهپ ۽ دانش جي حقن جو جي حفاظت جو شعور جاڳائڻ آهي.

[b]29 ــ اپريل: رقص/ ناچ جو عالمي ڏينهن:
[/b]ورلڊ ڊانس ڊي جي شروعات 29 اپريل سن 1982ع تي انٽر نيشنل ڊانس ڪميٽي ڪئي.ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عام ماڻهن کي رقص/ناچ کان واقف ڪرائڻ آهي ۽ انساني زندگيءَ ۾ ناچ/رقص جي اهم ڪردار کان آگاھ ڪرڻ به آهي.هن ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پنهنجي خوشين کي ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي لاءِ رقص ڪيوويندو آهي،پاڪستان جي چئني صوبن جا پنهنجا لوڪ ناچ آهن.پنجاب ۾ ڀنگڙا ناچ کي لوڪ رقص جي حيثيت آهي،ان کان سواءِ لُڊي،سمي به لوڪ رقص آهن.بلوچستان ۾ ليوا،چاپ ۽ جهمر کي لوڪ رقص ڪري مڃيو ويو آهي،خيبر پختون خواھ ۾ خٽڪ،اَٽن ۽ چترالي ناچ ۽ سنڌ ۾ ڌمال،هو جمالو ۽ جهمر کي لوڪ رقص جي حيثيت حاصل آهي.