مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

آگسٽ

[b]9 ــ آگسٽ:قديم مقامي رهواسين جو عالمي ڏينهن:
[/b]پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ قديم رهواسين جو عالمي ڏينهن 9 آگسٽ تي ملهايو ويندو آهي. ڊسمبر 1994ع ۾،اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبليءَ سن 1995ع کان 2004ع تائين بين الاقوامي سطح تي قديم مقامي رهاڪن جي ڏهاڪي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد رياستن جي وچ ۾ معاهدن ۽ واسطن ذريعي قديم مقامي رهاڪن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي.

[b]9 ــ آگسٽ:محتاجن جو عالمي ڏينهن:
[/b] سائين منهنجا:محتاجي ڪنهن به قسم جي هجي اها ڏاڍي ڏکائتي ۽ احساس ڏياريندڙ آهي،هڪڙا بلند ذهن جا ماڻهو پنهنجي محتاجي کي محنت ۽ جستجو ڪري دنيا کي ڏيکاريندا آهن ته محتاجي مجبوري ناهي.پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ محتاجن جو عالمي ڏينهن 9 آگسٽ تي ملهايو وڃي ٿو.هن ڏيهاڙي ملهائڻ جو مقصد دنيا جي محتاجن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي سار سنڀال جي لاءِ مثبت قدم کڻڻا آهن،محتاجن جي عالمي ڏينهن جي شروعات سن 1994ع ۾ گڏيل قومن جي اداري UNO جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هڪ قرارداد جي منظوريءَ کانپوءِ ٿي.

[b]آگسٽ 12 نوجوانن جو ڏينهن آهي:
[/b]جيڪو هر سال 12 آگسٽ تي سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد نوجوانن جي مسئلن ۽ انهن لاءَ ترقيء جا موقعا ڳولڻ، ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ موقعن ج پتو لڳائڻ ۽ خطرن کان آگاھ ڪرڻ آهي. انهي سلسلي ۾ دنيا اندر نوجوانن جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمون مختلف تقريبون ڪنديون آهن. جن ۾ نوجوانن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ تن جي حل تي بحث ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جي ترقي لاء، ملڪ ۾ وسيلن جي ڳولا ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي نوجوانن جي ترقي لاء بهتر قدم کڻڻ لاءِ سوچ ويچار ڪيو وڃي ٿو. دنيا ۾ آبادي جو ڇهون حصو۽ پاڪستان ۾ آبادي جو اڌ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي. اسان جي آبادي ۾ سڀ کان وڏو حصو نوجوانن جو آهي، يعني 15 کان 30 سالن جي عمر جو ڳاڻيٽو 40 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

[b]19 ــ آگسٽ: انسانيت جو عالمي ڏينهن:
[/b]تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 19 آگسٽ کي انسانيت جو عالمي ڏينهن ملهايو،جنهن جي منظوري اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبلي 2008ع واري اجلاس ۾ منظوريءَ بعد ملهايو ويو.هن ڏينهن جي ملهائڻ لاءِ گڏيل قومن جي سڀني ميمبر ملڪن خاص انتظام ڪيا.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته سموري عالمِ انسانيت کي انسانيت جي جذبي کان اجاگر ڪري انسان ذات جي خدمت کي سر فهرست رکجي.دنيا جي سڀني مذهبي ڪتابن ۾ جنهن ڳالهه تي گهڻو زور ڏنل آهي اها ڳالهه انسانيت جي آهي.

[b]29 ــ آگسٽ: جوهري تجربن جي خلاف عالمي ڏينهن:
[/b]جوهري تجربن جي خلاف بين الاقوامي ڏينهن 29 آگسٽ تي ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن ملهائڻ جو هي مقصد آهي ته دنيا جي ماڻهن جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندڙ جوهري تجربن سبب ماحول ۽ ساهوارن کي ڪيترو نقصان پهچي چڪو آهي.هن ڏينهن ملهائڻ جي تجويز قازقستان پيش ڪئي هئي،ڇو ته سڀ کان پهريون جوهري تجربو روس قازقستان سر زمين تي ڪيو هو. هن قسم جي تجرن سان سموري حياتيات کي تمام گهڻو نقصان رسي ٿو، جنهن ڪري وڻن، ٻوٽن ۽ ٻين نباتات سميت انساني زندگيءَ تي به خطرناڪ اثر پون ٿا. تنهنڪري هن ڏينهن کي ملهائڻ وقت پنهنجو ڀرپور آواز اٿاري، جوهر تجربن کي ننديو وڃي.

[b]30 ــ آگسٽ: گم ٿي ويل ماڻهن جو عالمي ڏينهن:
[/b]محترم سامعين:هر احساس مند انسان کي اهو احساس ضرور تڙپائيندو ته جن جا مٽ مائٽ گم ٿي وڃن ٿا،تن مٿان ڇا ڇا نه گذرندو هوندو،هنن جو هڪ هڪ پل ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندو.ٻي طرف جيڪي ماڻهو گم ٿي وڃن ٿا يا گم ڪيا وڃن ٿا،اهي به تمام وڏي اذيت ڀوڳيندا هوندا. ان ڪري 30 آگسٽ تي پاڪستان سميت سموري دنيا گم ٿي ويل ماڻهن ۽ حراست ۾ ورتل ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائي ٿي.هي ڏينهن پهريون ڀيرو لاطيني آمريڪا جي ملڪ اسٽاريڪا ۾ خفيه حراست جي خلاف ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم پاران سن 1981ع ۾ ملهايو ويو.جنهن کان پوءِ هي ڏينهن هر سال 30 آگسٽ جي تاريخ تي ملهايو ويندو آهي.