مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

مئي

[b]پهرين ــ مئي: مزدورن جو عالمي ڏينهن:
[/b] پهرين مئي 1886ع تي شڪاگو جي پر امن مزدورن پنهنجي رت سان تاريخي جدوجهد جو هڪ سونهري باب لکيو، جنهن کي سڄي دنيا جا مزدور هڪ نئين عزم سان ياد ڪندا آهن.مزدورن جو مطالبو هيو ته هنن جي اجرت کي وڌايو وڃي ۽ ڪم جي وقت کي گهٽايو وڃي،جنهن مطالبن جي مڃتا لاءَ هنن جمهوري حق ادا ڪندي روڊن تي نڪري پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ۽ نتيجي ۾ سرمائيڪار مڇرجي مٿن حملو ڪرائي رت ۾ وهنجاريو.
هن ڏينهن کي دنيا جي ظلم ۽ نا انصافي ۽ سرمائيدارن جا ستايل مزدور پنهنجن حقن ۽ پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون عهد ڪندا آهن. وقت سان گڏو گڏ هيءَ تحريڪ سرمائيدارن خلاف نه بيهڻ وارو وهڪرو ٿي وئي، هن تحريڪ دنيا جي نقشي تي وڏين وڏين سماجي ۽ سياسي تبديليون برپا ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي.هن تحريڪ کان پوءِ سموري دنيا ۾ مزدور تحريڪن گهڻو زور ورتو.

[b]3 ــ مئي : صحافت جي آزاديءَ جو عالمي ڏهاڙو:
[/b]پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ صحافت جي آزاديءَ جو عالمي ڏيهاڙو اڄوڪي تاريخ تي ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو آهي،هن ڏينهن جي حوالي سان پاڪستان ۾ صحافت جي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ مختلف تنظيمن پاران سيمينار،ريليون ۽ مختلف تقريبون منعقد ڪيو وينديون آهن.صحافت ي آزاديءَ واري ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد پيشواراڻي فرضن جي بجا آوري جي لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيش ايندڙ تڪليفن،مسئلن، ڌمڪين وارن روين ۽ صحافين جي زندگين کي سامهون ايندڙ خطرن جي باري ۾ قوم ۽ پوري دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو هي به مقصد آهي ته سوسائٽي کي هي به ياد ڏيارڻو آهي ته عوام تائين حقيقتن تي ٻڌل خبرون پهچائڻ دوران ڪيترائي صحافي هن دنيا مام هليا ويا ۽ گهڻي تعداد ۾ صحافي زندانن ۾ قيد آهن.“ ورلڊ پريس فريڊم ڊي ” اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ هر سال 3 مئي تي ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات سن 1993ع ۾ ٿي ۽ هن ڏينهن کي ملهائڻ جي باقاعده منظوري اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبلي ڏني هئي.

[b]12ــ مئي:نرسنگ جو عالمي ڏينهن:
[/b]هي ڏينهن نرسنگ جي باني فلورنس نائٽنگل جي ڪيل بيمثال خدمتن جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي.سموري دنيا ۾ 6 مئي کان 12 مئي تائين نرسن جو هفتو ملهايو ويندو آهي.نرسن جي بين الاقوامي ڪائونسل سن 1965ع کان هر سال هي ڏينهن ملهائي رهي آهي.جڏهن ته سن 1974ع ۾ باضابطه طور اعلان ڪيو ويو ته نرسن جو عالمي ڏينهن 12 مئي تي ملهايو ويندو.طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ نرسنگ جو شعبوڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي.پاڪستان نرسنگ ڪائونسل موجب نرسنگ جي بنيادي تربيت لاءِ چئني صوبن ۾ 162 ادارا موجود آهن.جن ۾ 72 پنجاب ۾،59 سنڌ ۾،12 بلوچستان ۾ ۽ 19 صوبي خيبر پختون خواھ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.ٻي پاسي صورت حال آهي جو اسپتالن ۾ نرسن جو تعداد ضرورت کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي.

[b]مئي جو ٻيون آچر: مائرن جو عالمي ڏينهن:
[/b]پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.جنهن جو مقصد محبت جي خالص رنگ ۽ مقدس رشتي ماءُ جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ماءُ جي لاءِ عقيدت، شڪرگذاري ۽ محبت جي جذبن کي وڌائڻ آهي. مائرن جي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات آمريڪي عورت اينا هاروس جي ڪوششن جو لاڀ آهي.اينا هاروس جو خيال هيو ته هن ڏينهن کي هڪ مقدس ڏينهن طور ملهايو وڃي.جنهن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ 8 مئي 1914ع ۾ آمريڪي صدر ووڊ رولسن مئي جي ٻئين آچر کي سرڪاري طور مائرن جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو.اڄ مئي جو ٻيو آچر آهي،اسان جي ملڪ سميت ٻين ملڪن ۾ هي ڏينهن مائرن جي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي.هن ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي مائرن کي خوش ڪرڻ لاءِ خاص بندوبست ڪيا وڃن ٿا.اسان وٽ به هن ڏينهن جي اهميت هاڻي عام ٿي رهي آهي.پر تنهن هوندي به اسان وٽ ٻن خيالن جا ماڻهو موجود آهن.هڪڙن جو خيال آهي ته هي ڏينهن مائرن جي عظمت کي ياد ڪرڻ جو اهم ڏينهن آهي جڏهن ته ٻئي طبقي جي ماڻهن جو خيال آهي ته مائرن لاءِ محبت ڪرڻ جو صرف هڪ ڏينهن مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڇو ته ماءُ جهڙي عظيم هستي هر گهڙي ۽ پهر محبت جي عزت جي لائق آهي. هن ڏينهن جي موقعي تي اسان کي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته والدين هڪ ٿڌي ڇانوَ وانگر آهن،جنهن جي ٿڌاڻ جو احساس ان وقت تائين نٿو رهي،جيستائين انهن جي ڇانوَ اسان جي مٿان موجود آهي.

[b]17 ــ مئي: مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جو عالمي ڏينهن:
[/b]سن1865ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پهريون عالمي ٽيلي گراف ڪنوينشن پيرس ۾ ٿيو،جنهن ۾ ويھن ملڪن شرڪت ڪئي ۽ ٽيلي مواصلات جي بنيادي اصولن کي طئي ڪيو ويو. ان ڪنوينشن بعد 17 مئي واري ڏينهن کي ٽيلي مواصلات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ٽيلي مواصلات جو انساني معاشري ۾ اهم شعبي جي حيثيت ۾ تمام گهڻو ڪردار رهيو آهي،ائين کڻي چئجي ته ڪو زمانو هيو جو تڪڙي پيغام رسائڻ جو اسان وٽ واحد ٽيلي گراف ئي رستو رهيو آهي.

[b]28 ــ مئي خوشيءَ جو عالگير ڏينهن:
[/b]بين الاقوامي خوشي يا سعادت وارو ڏينهن، گڏيل قومن جي اداري پاران مقرر ڪيل هڪ عالمگير ڏينهن آهي، جنهن ڏيهاڙي ، يعني اڄوڪي ڏينهن تي خوشيءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، هن ڏينهن وسيلي سموري دنيا جي ماڻهن کي هي نياپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته اهي زندگيءَ ۾ پاڻ به خوش رهن ۽ پنهنجي آسپاس رهندڙ ماڻهن، مٽن مائٽن ۽ دوستن جي منهن تي مرڪون آڻڻ جي ڪوشش ڪن.
هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو اعلان 28 مئي 2012ع تي گڏيل قومن پاران ان وقت ڪيو ويو ۽ 193 ملڪن ان اعلان جي تائيد ڪئي. اصل ۾ هن ڏينهن ملهائڻ جو مشورو جيمي الين نالي هڪ شخص ڏنو. جيمي الين هڪ يتيم ٻار هيو، جيڪو هندستان جي ڪلڪتي شهر جر سڙڪن تي رلندو هيو، جنهن کي مڌر ٽريسا حاصل ڪيو، بعد ۾ ان ٻار جي پالنا آمريڪي عورت اينا بيلي الين ڪئي.