پيغمبر اسلام جي تعليمات ۽ عالمگير معاشرو:
[/b]محترم سامعين: الله تعاليٰ جي آخري پيغمبر حضرت محمّد صلعم جي ولادت باسعادت 12 ربيع الاول سومر جي مبارڪ ڏينهن حضرت عيسيٰ عه کان 571 سال پوءِ مڪي شريف ۾ ٿي، جنهن جي آمد سان ظلمت ۽ اونداهين جو انت آيو، اُميدن جا ڏيئا روشن ٿيا، هيڻن ۾ همٿ ۽ حوصلو بيدار ٿيو، هڪ ٻئي جا ڪٽر دشمن محبت جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا، عورتن کي زندهه دفن ڪرڻ واري دور جو خاتمو ٿيو ۽ عالَم انسانيت ۾ اهڙي انقلابي اصلاحي بهار جون هوائون گهليون جن جو اثر صرف عرب نه پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين محسوس ڪيو ويو. الله جي آخري رسول حضرت محمّد صلعم انسانن کي حقيقي پروردگار جي بندگي بجا آڻڻ جي تبليغ ڪئي ۽ زندگي گذارڻ جا اهڙا اٽل اصول ٻڌايا جيڪي الهامي تعليمات تي مشتمل هئا، جن تي عمل جي صورت ۾ انسانن جي لاءِ هر ميدان ۾ فلاح ۽ ڪامراني جي ضمانت يقيني هئي. هاڻي هڪ نئين قوم، نئين امت، نئون تمدن، نئون قانون ۽ نئين حڪومت زمين جي پردي تي قائم ٿي، جنهن جو بنياد برابري ۽ مساوات تي هو ڇوته انسان دوست عالمگير معاشري جي قيام لاءِ پهريون اصول انسانن جي وچ ۾ برابري آهي.
[b]سڀني شين جو اصل الله تعاليٰ آهي:
[/b]سائين منهنجا: سڀني شين جو منڍ يا اصل الله تعاليٰ آهي. هن جي قدرت ۽ طاقت جي حد ڪانهي، هن جي ڏاهپ ۽ حڪمت ازل کان وٺي هلي اچي ۽ هُن جي چڱائي، مهرباني ابد تائين هلندي رهندي، هُن جي اشاري سان تارا پنهنجي پنهنجي دائرن ۾ ڊوڙندا وتن ٿا. هُن جي سڀني ڪمن مان عقل ۽ حڪمت جو آواز پيو اچي. انصاف ۽ رحم هُن جي درگاهه جا خدمتگار آهن، فضل ۽ ڪرم هميشه هُن جي حسن مان جلوا نما آهن. اي انسان! اهوئي آهي جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، هُن زمين تي تنهنجي جاءِ مقرر ڪئي آهي، عقل ۽ هوش توکي هُن پنهنجي فضل سان عطا ڪيو آهي.
[b]نفس کي سڃاڻڻ الله تعاليٰ کي سڃاڻڻ جي ڪُنجي آهي:
[/b]محترم سائين: اڄ اسين امام غزاليءَ جي لکيل ڪتاب “ڪيميائي سعادت” جي پهرين حصي جي پهرين انمول ڳالهه جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، امام غزالي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ لکي ٿو ته“توکي هيءُ معلوم هجڻ گهرجي ته پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ الله تعاليٰ کي سڃاڻڻ جي ڪُنجي آهي، تنهنجو نفس تو وٽ ويجهي ۾ ويجهي شيءِ آهي، جيڪڏهن تون پاڻ کي نه سڃاڻيندين ته پوءِ تون ٻين کي ڪيئن سڃاڻيندين!؟ پر جيڪڏهن تون چوين ٿو ته مان پاڻ کي سڃاڻان ٿو ته اهو صحيح ڪونهي، ڇا لاءِ جو اهڙي سڃاڻ الله تعاليٰ جي معرفت جي سڃاڻ نٿي ٿي سگهي، تون ته صرف پنهنجي ظاهري هٿن، پيرن، گوشت، چمڙي ۽ مٿي کي سڃاڻين ٿو، باقي اندر جي توکي هيءَ خبر آهي ته جڏهن بک لڳئي ٿي ته ماني کائين ٿو ۽ ڪاوڙ لڳئي ٿي ته وڙهين ٿو. تنهنڪري توکي پنهنجي حقيقت کان واقف ٿيڻ گهرجي، ته تون ڪهڙي شيءِ آهين؟ ڪٿان تون آيو آهين؟ ڪاڏي ويندين!؟ هن دنيا ۾ ڪهڙي ڪم لاءِ آيو آهين؟ ۽ تنهنجي نيڪي ۽ برائي ڇا ۾ آهي؟ تنهنجي اندر ۾ جيڪي مختلف صفتون آهن، ڪي حيواني ته ڪي روحاني، انهن مان ڪهڙين کي زور وٺائجي، جو تون وڃي حقيقي مالڪ جي حضور ۾ رسين.
[b]حضرت محمد ﷺ جو فرمان:
[/b]محترم سامعين: پيغمبرِ اسلام ﷺ جي قولن کي انساني فطرت، ضرورت ۽ مقصدن جي تجربن تي ڏسجي ٿو ته اهڙو مثال دنيا جي ڪنهن به شخص جو نٿو ملي، جنهن انهن شين تي پهريائين پاڻ عمل ڪري، پنهنجو مثال ٻين جي سامهون رکيو. حضرت ﷴﷺ جن فرمايو آهي ته “ پهلوان ۽ طاقتور اهو ناهي جيڪو مقابل کي ليٽائي ڇڏي، پر پهلوان ۽ سگهارو حقيقت ۾ اهو آهي جيڪو غصي جي وقت پنهنجي نفس تي ضابطو رکي. (بخاري ۽ مسلم) توهان مان ٻه خدمتون اهڙيون آهن، جيڪي الله تعاليٰ کي محبوب آهن. هڪ بردباري ۽ ٻيو جلدي نه ڪرڻ.(مسلم) هر انهيءَ شخص تي جيڪو مزاج جو تيز نه هجي، نرم هجي، ماڻهن سان قرب ڪندڙ هجي ۽ نرم ڳالهائيندڙ هجي، دوزخ جي باهه ان تي حرام آهي
[b]روزي رکڻ جي حقيقت:
[/b]محترم سائين: رحمت اللعالمين حضرت ﷴ ﷺ جن جو ارشاد آهي ته “ جيڪڏهن ماڻهن کي روزي رکڻ جي حقيقت (فضيلت) معلوم ٿي وڃي ته منهنجي امت اها تمنا ڪرڻ لڳي ته سڄو سال ئي رمضان المبارڪ رهي.” ان حديث جي روشنيءَ ۾ اسان کي هن ڀلاري مهيني ۾ پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي ۽ خود کان سوال ڪرڻ گهرجي ته ڇا اسان جي حياتي ۾ جيڪي به رمضان شريف جا مهينا هن کان اڳ اچي چڪا آهن، ان ۾ اسان به ڪو اهڙو رمضان المبارڪ ڏٺو، جنهن ۾ عبادتن جي ادائگي دوران اسان تي به ڪا اهڙي ڪيفيت طاري ٿي هجي، جنهن ۾ اسان رمضان جي عبادتن جي سُرور ۽ ڪيف کان مستفيد ٿيا هجو؟ موجودهه دور ۾ جنهن ۾ پريشانين جا انيڪ قسم انسانن لاءِ مشڪلاتن جا باعث بڻيل آهن، روزو انهن سمورين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جو هڪ زبردست نسخو آهي.
[b]رمضان شريف جو سمورو مهينو:
[/b]سائين منهنجا: رمضان شريف جو سمورو مهينو انسان جڏهن روزا رکي ٿو، تڏهن سندس دل، دماغ ۽ وجود لاتعداد پريشانين جي بار هلڪا ٿين ٿا ۽ طبعي طور تي پڻ روزن جي فائدن کي انسان جي صحت لاءِ مثبت نسخو تسليم ڪيو وڃي ٿو. روزا انسان کي کائڻ پيئڻ کان احتياط جي ڏس ۾ جيڪا برداشت جي سگهه فراهم ڪن ٿا، ان جا بيشمار فائدا آهن، جهڙوڪ کائڻ پيئڻ ۾ اعتدال رکندڙ ماڻهو گهڻو کائڻ جي مرض کان محفوظ رهڻ ڪري پنهنجي معاشرتي زندگيءَ ۾ جڏهن هٻڇ کان آجو ٿئي ٿو، سندس طبيعت ۾ ٻين جا حق غضب ڪرڻ واري بدعت ڪڏهن به جنم وٺي نه سگهندي، يعني ٻين لفظن ۾ روزو معاشري کي اهڙن ماڻهن سان لبريز ڪري ٿو، جن ماڻهن جو وجود انسان ذات، چرند پرند ۽ ماحول لاءِ سراسر منافعي بخش ٿئي ٿو.
قمري سال جو نائون مهينو رمضان المبارڪ:
محترم سامعين: قمري سال جو نائون مهينو رمضان المبارڪ پنهنجي رحمتن ۽ فضيلتن سان جاري آهي. هن مهيني جي تفصيل بابت حديث شريف ۾ بيان ٿيل آهي ته “ رمضان شريف جو پهريون ڏهاڪو رحمت، ٻيو ڏهاڪو مغفرت ۽ ٽيون ڏهاڪو گناهن کان نجات جو آهي.” هڪ هنڌ رمضان شريف لاءِ اهو پڻ چيل آهي ته “ هي الاهي مهينو آهي، هي الاهي اولياءَ جو مهينو آهي.” اولياءَ ڪرام جو سال هن مبارڪ مهيني کان شروع ٿيندو آهي. رمضان شريف ۾ روزن رکڻ جو حڪم آهي. ارشاد رباني آهي ته “ اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيئن اوهان کان اڳ وارن ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ته جيئن اوهان پرهيزگار بڻجو” (سورة البقر) رمضان رمض مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ اس جي شدت آهي. هڪ قول مطابق رمضان لفظ “ارتماض” مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ بيچيني آهي، اهوئي سبب آهي جو روزي ۾ بک ۽ اڃ پٺيان رضا الاهيءَ جي گرمي ۽ تڙپ ئي روزيدار کي رب جي بارگاهه ۾ نيازمنديءَ جي آڌار مقبول بڻائي ٿي. هڪ حديث مبارڪ ۾ آهي ته “ آخرت ۾ جڏهن انسان پنهنجن نيڪ عملن جي آڌار جنت ۾ داخل ڪيا ويندا، تڏهن روزيدار صرف سندن لاءِ مخصوص ڪيل باب “ ريان ” مان لنگهي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهي در مان ٻئي ڪنهن کي به داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي.
[b]رمضان جي آمد، انسان جي درجات جي بلندي:
[/b]محترم سامعين: روزو حقيقت ۾ دينِ اسلام جو هڪ اهڙو نظامِ حيات آهي، جنهن نظام کي سادگي، قناعت، لوڀ ۽ لالچ کان آزاد قدرن جو نظام تسليم ڪجي ٿو.تنهن ڪري رمضان جي هن بابرڪت مهيني ۾ اسان کي روزو اهڙي انداز سان رکڻ ۽ کولڻ گهرجي، جو ان ۾ انفرادي پهلوءَ بدران اجتماعي پهلوءَ کي هٿي ملي. رمضان المبارڪ جي آمد ئي اسان جي درجن جي بلندي جي خوشخبري آهي، جو سڄو سال اسين ماڻهو روزگار جي غم ۾ ديوانا بڻجي هڪٻئي سان ترڪِ محبت جهڙو ماحول قائم ڪري ڇڏيندا آهيون. پر رمضان شريف ۾ گڏجي، روزو رکڻ (سحري) روزو کولڻ ( افطاري) با جماعت نماز پڙهڻ ۽ پوءِ عيد جي ميڙاڪن ۾ گڏجي نماز پڙهي، جڏهن هڪٻئي کي ڀاڪر پائي عيد جي مبارڪ ڏيندا آهيون ته رب تعاليٰ به اسان جي هڪٻئيءَ سان اهڙي محبت جي منظر کي ڏسي اسان کي پنهنجن برڪتن سان مالا مال ٿو ڪري ڇڏي.
[b]همدري ڇا آهي؟
[/b]سائين منهنجا: همدري ڇا آهي؟ همدردي نالو آهي پنهنجائپ جو.همدري ٻيو روپ آهي قرب ۽ پيار محبت جو.اسين جڏهن ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن سان همدردي ڪندا آهيون ته دل کي سڪون ملندو آهي،همدردي يا پنهنجائپ بازار جي ڪنهن به دڪان تان، ڪنهن به قيمت تي ناهي ملي سگهندي.پر اها انمول ڪيفيت انسان جي اندر ۾ موجود هوندي آهي،جنهن وقت ڪوئي ڪنهن سان اوکي ويل ۾ صرف ٻه پيار جا ٻول ٻولي پنهنجائپ ڏيکاري ٿو ته اهو ماڻهو ڪيڏو نه ان وقت همدردي ڪرڻ واري ماڻهو کي پنهنجو پرين لڳي ٿو،تنهنڪري هميشه همدرديءَ جي سٿ ۾ رهجي ۽ ان کي پنهنجو محبوب سمجهي،پنهنجو سمورو جنم ارپي ڇڏجي.ائين ڪرڻ ۾ لطف آهي، مزو ۽ سڪون آهي.
[b]اکين کي آهين،عجب جهڙيو عادتون:
[/b]محترم سامعين:قدرت پاران زبان جهڙو بي بها تحفو عطا ڪيو ويو آهي،ڳالهائڻ لاءِ ڪنن جو تحفو مليو ته ٻڌو ۽ سٺين ڳالهين تي عمل ڪريو، پرائي پچار کي هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو.اکين جهڙي نعمت ڏنائين ته اکيون کولي ڏسو، سچ کي سڃاڻو.سونهن جا ساٿي بڻجو.قدرت جي حسن جي واکاڻ ڪريو. اکيون جيڪي ڏسڻ سان گڏ ڳالهائينديون به آهن،اکيون جڏهن ڳالهائينديون آهن،تڏهن اکيون ئي اهي ڳالهيون سمجهنديون آهن.اکيون پيار،محبت جا سنيها ڏيڻ لاءِ به ڳالهائينديون آهن ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو به اظهار ڪري وجهنديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته لفظن جا تير به وسائينديون آهن. اکين جون سدائين سمجھ نه ايندڙ ڳالهيون هونديون آهن.
اکين کي آهين، عجب جهڙيو عادتون،
سور پرائي ساٿ جا، وڃيو وهائين،
اُتي لنئون لائين، جت حاجت ناه هٿيار جي.
(شاهه)
[b]چنڊ اصل ۾ آهي ڇا؟
[/b]محترم سامعين: رات جي وقت اسان اڱڻ تي جڏهن سمهندا آهيون ۽ آڪاش تي ستارن جي سونهن ۾ چنڊ کي ڏسندا آهيون، يقينن ان وقت اسان چنڊ بابت ڪجهه سوچيندا ضرور آهيون ته “چنڊ اصل ۾ آهي ڇا؟”. سائنسدان چون ٿا ته چنڊ جو ڏينهن رات، زمين جي ڏينهن رات کان چوڏهن دفعا وڏو آهي. چنڊ تي زمين جو پاڇو مڪمل چنڊ گرهڻ وقت پوندو آهي. چنڊ زمين جي چوڌاري چڪر ڏيڻ وقت ٻه هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿو ۽ چنڊ زمين جي چوڌاري ستاويھ ڏينهن ست ڪلاڪ ۽ ٽيتاليھ منٽن ۾ هڪ ڦيرو ڏيئي ٿو. سال ۾ تيرنهن ڀيرا چڪر ڏيندو آهي. چنڊ ۽ سج وچ ۾ نو ڪروڙ ستاويھ لک ٻاهتر هزار مفاصلو آهي. چنڊ زمين کان ٻه لک اڻٽيھ هزار اٺ سو ستونجاھ ميل پري آهي. چنڊ جو قطر ٻه هزار هڪ سؤ سٺ ميل آهي ۽ چنڊ جي روشني هڪ ڏهائي ٽيٽيھ (1.33) سيڪنڊن ۾ ڌرتيءَ تي پهچي ٿي.
[b]سنڌ ۾ آپگهات جو رجحان ڇو پيو وڌي؟
[/b]سائين منهنجا: سنڌ جي مختلف شھرن ۾ خودڪشين جو رجحان وڌي ويو آهي، ڪٿي غربت سبب ته ڪٿي وري دوست جي ناراض ٿيڻ تان، ڪٿي مال ملڪيت تان ته ڪٿي وري خرچي گهٽ ملڻ سبب پاڻ کي ڦاهو ڏيئي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ جون خبرون پڙهون ٿا! سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر يا ڳوٺ ۾ مختلف مسئلن جهڙوڪ: پسند جي شادي، عشق ۾ ناڪامي يا گهريلو حالات ٺيڪ نه هئڻ، والدين سان ڪاوڙجڻ، مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين انيڪ مسئلن جي ڪري خودڪشيءَ ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن تحقيق ڪجي ته سماج ۾ وڌندڙ اڻ سهپ، عدم برداشت نه هئڻ سبب خودڪشي جهڙو وائرس تيزي سان ڦهلجندو ٿو وڃي، ان تي ضابطو رکڻ لاءِ حڪومت سميت مختلف ادارن، اين جي اوز ۽ لکيل پڙهيل طبقي کي اڳتي اچڻو پوندو، سنڌ جي هر شهر ڳوٺ ۾ پروگرام، جاڳرتا مهم ۽ سيمينار ڪرايا وڃن، استادن، ڊاڪٽرن ۽ لکيل پڙهيل طبقي شعوري ۽ سجاڳ ماڻهن پاران نوجوانن کي خودڪشيءَ جهڙي ڪڌي عمل خلاف آگاهي ڏني وڃي. ماڻهن ۾ هاڪاري رويا ۽ سوچون پيدا ڪرڻ ۽ نااميدي، مايوسي، ذهني طور مفلوج ٿيڻ کان بچاءَ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.
[b]ماضيءَ کي ڪڏهن به نه وسارجي:
[/b]سائين منهنجا: سياڻا چئي ويا آهن ته پنهنجي ماضيءَ کي ڪڏهن به نه وسارجي، ان کي سدائين ياد ڪندو رهجي.ڇو ته ماضيءَ جي تجربن مان ايندڙ وقت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ٽي اکر ي، الف ۽ د جڏهن پاڻ ۾ ملن ٿا ته هڪ لفظ “ياد ” ٺهي پوي ٿو، جيڪو هڪ وڏي معنيٰ ۽ مطلب رکي ٿو. رات جو ننڊ ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن اسان سموري ڏينهن جي ڪيل ڪمن کي ياد ڪيون ۽ انهن تي غور ڪيون ته اسين سڄي ڏينهن ۾ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا سٺا عمل ڪيا؟ جيڪڏهن اسان مان هر ماڻهو پنهنجي سمورين ڪا گذارين کي ياد ڪري ته هي سمورو سنسار وڌيڪ سونهن ڀريو ٿي ويندو. ماضيءَ ۾ جهاتي پائيندي جڏهن هڪ ياد، جيڪا وڇڙي ويل ساٿيءَ جي به ايندي آهي، تڏهن اندر جا اڌما ئي ٻيا هوندا آهن.
[b]تيز رفتاري يا “ون ويلنگ”:
[/b]سائين منهنجا: تيز رفتاري يا “ون ويلنگ” ڪرڻ ڪنهن به پاسي کان سٺو ۽ وڻندڙ عمل ناهي، يا روڊ تي هڪٻئي کان گوءِ کٽڻ جي چڪر ۾ نه پئجي، اوهان جي سواري ۾ ويٺل مسافر، اوهان کان ڪڏهن به وسرڻ نه گهرجن، جن جا ذهن ان وقت بي سڪون ٿي وڃن ٿا جنهن وقت اوهان اسپيڊ کي وڌايو ٿا، تيز رفتاري جو انجام سدائين دکدائڪ نڪتو آهي، ان لاءِ تيز رفتاريءَ تي ڪنٽرول رکجي. اهو ضرور ناهي ته اوهين تيز پهچو، ضروري هي آهي ته اوهين ڀلي ڪجهه گهڙيون دير پهچو پر صحيح ۽ سلامت پهچو. اوهان جي هٿن ۾ ڪيترن انسانن جو جانيون آهن، جيڪي وري ڪيترن ئي فردن جا سهارا آهن. ان ڪري تيز رفتاريءَ جو مظاهرو ڪري، ڪنهن جا سهارا کسڻ جي ڪوشش نه ڪريو.
[b]جذبات هڪ اهڙي ڪيفيت جنهن سان نقصان ئي ملي ٿو!
[/b]محترم سائين:جذبات هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن مان صرف نقصان کي حاصل ٿي سگهيو آهي، ڇو ته جنهن وقت به جذبات انسان مٿان حاوي ٿي ويندي آهي، تنهن وقت انسان اُٻهرو ٿي پوندو آهي ۽ اٻهرائيءَ ۾ اهڙا فيصلا ڪري وجهندو آهي، جنهن جا نتيجا سٺا ناهن نڪرندا. دنيا جا سڀ ڏاها ۽ اڪابر، هن ڳالهه تي متفق آهن ته “جيڪڏهن ڪو ماڻهو جذبات ۾ هجي ته ان وقت نه هو ڪا راءِ ڏيئي نه ڪو فيصلو ڪري” نفسيات جا ماهر چون ٿا ته جذبات جو ٻيو نالو“چريائپ” آهي.ڇو ته چريائپ به اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ نه نفعي جي ڄاڻ پوندي آهي نه ئي انسان نقصان جو سوچيندو آهي. تنهنڪري هردم پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، ڪڏهن به ان ڪيفيت جي تابع نه ٿجي، پر جذبات کي پنهنجي ئي حڪم هيٺ رکجي، جنهن مان فائدو ئي فائدو ملندو.
[b]مهانگائي گهٽ ڪري ماڻهن کي ڪجهه ته رليف ڏيو!
[/b]محترم سامعين: جتي ٽماٽن، ڪريلن ۽ ٻين کائڻ جي روزمره وارين شين کانسواءِ بصر اسي روپيا ڪلو ۽ گوگڙون سٺ رپيه ڪلو هجن اتي هن وڌندڙ مهانگائي ۾ ماڻهو جيئي ته ڪيئن جيئي!؟ هن وقت اسان وٽ مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ سميت عام ماڻهو ڪاوڙ ۽ ڊپريشن سميت مايوسيءَ جو شڪار آهي. نوجوانن جو لاڙو خودڪشيءَ طرف وڌندو ٿو وڃي، ٻيو ته عوام ۾ شديد ڪاوڙ واري صورتحال آهي. وري جڏهن نوڪريون ڏيڻ بجاءِ مختلف ادارا بند ڪرڻ جا افواهه به ٻڌڻ ۾ اچن ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ته گئس واپڊا سميت مختلف ادارا آءِ ايم ايف کي ڏيڻ وڃي رهيا آھيون، ته عوام ۾ شديد مايوسيءَ واري صورتحال ڦھلجندي ٿي وڃي. خدارا! ڪجهه خلق خدا تي به رحم کائو! ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ سميت بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ تڪڙا به اپاءَ ورتا وڃن. ان سان گڏوگڏ ملڪي ادارن طرف به ڌيان ڏنو وڃي، ته جيئن عام ماڻهن کي ڪجهه رليف ملي سگهي.