مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

محبت جي مياڻ ۾ اسان انسانن ۽ جانورن:

[b]محبت جي مياڻ ۾ اسان انسانن ۽ جانورن:
[/b]محترم سامعين: هن سموري ڪائنات ۾ يا کڻي ائين چئجي ته هن آسمان هيٺ، جيڪا به ساهواري مخلوق آهي، سا آهي ئي محبت جي مياڻ ۾ بند. اسان انسانن ۽ جانورن جو ازل کان واسطو رهيو ئي قرب ڪرڻ وارن سان آهي. جتي به انسان کي محبت ملندي آهي يا قرب ڏسڻ ۾ ايندو آهي، اُتي ئي ان کي سڪون ۽ آرام ملندو آهي. ڇو ته محبت ۽ قرب اهو گهاٽو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ ڏاڍي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي. هن سماج ۾ محبتون ورهائيندڙ ۽ قرب ونڊيندڙ انسان به ٿڌا ڇانورا ڏيندڙ وڻَ آهن، جن جي ڇانوَ ۾ ويهي ماڻهو گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. “جي ايندي چَوني آءُ، ويندي چَوني ويھ، ٻيو ڇڏي سارو ڏيھ، اڱڻ وڃجي انِ جي.

[b]تعليم طاقت رکي ٿي:
[/b]سائين منهنجا: تعليم پنهنجي اندر ۾ هڪ طاقت رکي ٿي، اها ڳالهه تڏهن ممڪن آهي جڏهن ان جو مقصد مقرر ڪيو وڃي، ان کي منظم ڪيو وڃي ۽ ان جو رخ خاص منزل پاسي هجي يا ڪيو وڃي. اسان هميشه اهو سمجهندا آهيون ته جيڪو شخص اسڪول نٿو وڃي، اهو تعليم يافتا نه آهي. ايجوڪيشن اطالوي لفظ“ايڊوڪو”مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ “اندر مان اڀرڻ” “انڪشاف ڪرڻ” آهي. ضروري ناهي ته تعليم يافتا شخص وٽ خاص يا عام تعليمي سندون هجن ته اهو پڙهيل آهي. تعليم يافتا ماڻهو اهو آهي، جنهن پنهنجي ذهن کي تربيت ڏني آهي ته هو بغير ڪنهن جو حق ڦٻائڻ جي، هر اها شيءِ حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪا ان کي پسند آهي. علم حاصل ڪرڻ جا چار ذريعا آهن، هڪ پنهنجو پاڻ جي تربيت ۽ تعليم، ٻيولامحدود قابليت، ٽيون جمع ڪيل علم جيڪو لائبريرين ۾ موجود آهي ۽ چوٿون تحقيق ۽ سائنس.

[b]پوليو ڪيسن ۾ گهٽتائي بدران واڌ ڇو اچي رهي آهي؟
[/b]محترم سامعين: پوليو جو مرض سڄي دنيا مان ختم ٿي ويو آهي پر پاڪستان ۾ هي مرض اڃان موجود آهي. پوليو بيماري نه پر ھڪ لاعلاج مرض آھي، جيڪو وائرس ذريعي پکڙجي ٿو، ھي وائرس وات جي ذريعي انساني جسم ۾ داخل ٿيندو آهي. رت ۾ ڦهلجڻ کانپوءِ تنتي سرشتي ۾ پهچي ان جي تباهي ڪرڻ شروع ڪندو آهي ۽ مريض کي اپاهج بڻائي ڇڏيندو آهي. هي وائرس آنڊن کان پائخاني جي ذريعي خارج ٿيندو آهي. ضروري حاجت بعد هٿ نه ڌوئڻ، پاڻي جي ناڪاره نيڪال نظام سبب هي مرض تيزي سان ڦهلجي ٿو. پوليو جي نشانين ۾ بخار سان گڏ ٿڪاوٽ، مٿي جو سور، الٽيون، قبض ۽ ڪڏهن ڪڏهن دست ٻانهن ڄنگهن ۾ سور ۽ ڪنڌ آڪڙجي ويندو آهي. هي بيماري ڪنهن به عمر جي ماڻهو کي لڳي سگهي ٿي پر اڪثر ڪري ٽن سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي شرح وڌيڪ آهي. پيدائش کان 59 مهينن جي عمر وارن ٻارن کي ھن بيماري کان بچاءَ لاءِ پوليو جا ڦڙا پيئاريا وڃن ٿا ۽ ان سان گڏ پوليو جا حفاظتي ٽڪا پڻ لڳايا ويندا آھن. پاڪستان ۾ 1994 ۾ پوليو مهم جو گهر گهر آغاز ڪيو ويو. جيڪو اڄ تائين جاري آهي پر پوليو جو خاتمو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي.

[b]سوچ ڇا آهي؟
[/b]محترم سائين: سوچ ڇا آهي؟ سوچ هڪ ڪارخانو آهي جنهن ۾ منصوبا ٺهندا آهن، عقل ۽ شعور ۾ خواهشون هڪ راھ کان اينديون آهن، انهن جي ترتيب ٿيندي آهي ۽ پوءِ عمل ۾ اينديون آهن. سوال هي آهي ته “ڇا انسان هر اها شيءِ حاصل ڪري سگهي ٿوجيڪا هو سوچي ٿو؟” جنهن جو جواب هي آهي ته ها واقعي انسان هر اها شيءِ سوچي حاصل ڪري سگهي ٿو. انسان جي عقل ۽ شعور، هن ڪائنات جي انسانن لاءِ گهڻي ئي ڪارناما سر انجام ڏنا آهن. هي سائنسي ايجادون، انساني صحت کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ مختلف بيمارين جون دوائون ٺاهي انقلاب برپا ڪري ڇڏيا. جيڪڏهن ارادا شاھ لطيف جي ڪردار سسئي وانگيان مضبوط آهن ته پوءِ انسان هر شيءِ پنهنجي شعور جي وسيلي حاصل ڪري سگهي ٿو.

[b]اسان تعليم جي لحاظ تمام گهڻو پوئتي پيل آهيون:
[/b]محترم سامعين:اسان تعليم جي لحاظ تمام گهڻو پوئتي پيل آهي. هڪ عالمي اداري جي رپورٽ مطابق، اسان تعليمي ميدان ۾ نمبر 174 ملڪن مان 160 تي آهيون. ان ڳالهه مان اندازو لڳائجي ٿو ته، اسان جو تعليمي معيار پوري دنيا ۾ ڪهڙو پيغام پهچائي ٿو. هاڻي اچون ٿا، پنهنجي سنڌ صوبي جي تعليمي صورتحال ڏانهن، جيڪا ملڪ جي ٻين صوبن کان به گهڻو پٺتي پيل آهي. اسان جو وڏو درد اهو آهي ته، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪو به شهر يا ضلعو نه آهي، جنهن ۾ 5 کان 9 سالن جي عمر جا ٻار 50 سيڪڙو به اسڪول ويندا هجن. سروي مطابق، سنڌ جو سڀ کان گهٽ تعليم يافته ضلعو ٿرپارڪر آهي. جنهن ۾ 86.4 سيڪڙو ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم آهن. توهان کي اهو ٻڌي افسوس ٿيندو ته 100 مان 80 ٻار اهڙا آهن، جيڪي اسڪول وڃي نٿا سگهن.

[b]اها هستي استاد جي آهي:
[/b]سائين منهنجا:اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا، ان ۾ هڪ هستيءَ کي هر هنڌ مان ۽ مرتبو ملندو رهي ٿو. اها هستي استاد جي آهي. اهڙو انسان جيڪو ڪنهن کي به ٻه لفظ سٺا سيکاري ٿو اهو استاد آهي. اسين جن اسڪولن مان پڙهي نڪتا آهيون، انهن جي ڇتين هيٺان علم، عقل ۽ شعور ڏنو، انهيءَ هستيءَ کي اسين استاد چئون ٿا ان جي ايتري ئي عزت ۽ احترام ڪريون ٿا جيتري پنهنجي پيءُ ماءُ جو ڪريون ٿا. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه ورهين کان اسان ان هستيءَ کي وساري ويٺا آهيون. اها هستي هن وقت ڪنهن ٻي نظر سان ڏي وڃي ٿي. چوڻ وارا چون ٿا ته انهيءَ ۾ ڪجهه اهڙن استادن جو به عمل دخل آهي، جيڪي صرف پنهنجي پيشي کي پگهار حاصل ڪرڻ تائين محدود ڪري ويٺا آهن ۽ پنهنجي فرض کي قرض سمجهي ادا نٿا ڪن، جن جي ڪري استاد هستيءَ تي اڄ جا ماڻهو آڱريون کڻي رهيا آهن. جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اوترو ئي گهٽ آهي. اچو ته اسين سڀ پنهنجن فرضن کي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان نڀايون ۽ هن معاشري ۾ هڪ ٻئي جي احترام کي اوليت ڏيون.

[b]عورتن جي ڀلائيءَ جي نالي ۾ ٿيندڙ هوٽلائي تقريبون:
[/b]سائين منهنجا: سنڌ ۾ عورتن جي حقن جو ڏيهاڙو ملهائڻ جو رواج اسي واري ڏهاڪي کان پيو آهي، جنهن کي ملهائڻ ۾ وڏو ڪردار هتي ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن جو آهي، ان کان سواءِ ميڊيا جو به هن معاملي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عورتن جي نالي ۾ ٿيندڙ انهن هوٽلائي تقريبن، سنڌ جي عورت جي زندگيءَ ۾ ڪا به تبديلي آڻي نه سگهيون آهن. سنڌ جي پيڙيل عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ يا سرگرمي ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ ٻي ڳالهه آهي. هن وقت سنڌ جي عورت ٻٽي عذاب ۾ آهي. عورت سان نابرابريءَ وارو سلوڪ رکيو وڃي ٿو، جيون ساٿي چونڊڻ جو اختيار کيس نٿو ڏنو وڃي، ملڪيت ٺاهڻ يا پنهنجي نالي منتقل ڪرائڻ جو به کيس حق حاصل ناهي، سندس ڪيل پورهئي کي قدر جي نگاهه سان نٿو ڏٺو وڃي. ڏسجي ته عورتن سان سياسي، سماجي، اقتصادي، قانوني ۽ ثقافتي شعبن ۾ نا انصافيون ٿين ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ سماج ۾ ڪا به وڏي تبديلي، ڪوششن جي باوجود نٿي اچي، ان جو فقط هي سبب آهي ته عورتن جي زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ وارا هوٽلن ۾ چار سيمينار ڪرائي پنهنجي زندگيءَ کي ته تبديل ڪري رهيا آهن، پر زميني حقيقتن ۾ ۽ عمل جي ميدان ۾ هو بي عمل آهن. اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته عورت جي سڀني روپن ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ زال کي قبول ڪريون ته جئين هوءَ وڌيڪ معاشري جي بهتري لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي.

[b]پنهنجا فرض صحيح طرح سان ادا ڪريون:
[/b]محترم سامعين:گندگي جنهن جي نالي کڻڻ سان ڊپ ٿئي ٿو، جنهن مان هزارين مهلڪ بيماريون پيدا ٿين ٿيون. ڇا اهي بيماريون اسان پاڻ پيدا ته نه ڪري رهيا آهيون؟ اڄ اسپتالون ڏسو! ته بيمارن سان ڀريون پيون آهن، خانگي ڪلينڪون به مريضن سان سهڪن ٿيون، ڇا اسين ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته انهن بيمارين جي پيدا ڪرڻ جا اسين ئي سبب آهيون. جيڪي پنهنجي معاشري کي صاف سٿرو نٿا رکن، اهي اصل ۾ مختلف بيمارين کي پيدا ڪرڻ جا سبب پيدا ڪن ٿا. خبر ناهي ته اسان ايڏا بي حس ڇو ٿي ويا آهيون؟ جو اسان پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن کي پاڻ ئي گندگيءِ جي ازدها بلا جي وات ۾ وجهي رهيا آهيون، اسان اڪثر پنهنجي گهرن،دڪانن مان گند ڪڍي گهٽي ۽ رستي تي اڇلي انهن کي خراب ڪري رهيا آهيون، جنهن گهٽي يا رستي تان اسان ۽ اسان جا ٻار هر وقت گذر ڪريون ٿا، اسان هميشه اهو آسرو ڪندا آهيون ته اجهو ڄاڻ ڪي ڄاڻ صفائي ڪرڻ وارا اچي ويندا ۽ ماحول صاف ڪري ويندا. ٻي پاسي اهي عملي وارا اڪثر ڪم چور ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي فرض کي ايمانداريءَ سان نٿا نڀائين. سوال هي آهي ته ڇا اسين ائين هڪٻئي تي ڀاڙي پنهنجي معاشري کي صاف ڪري سگهون ٿا؟ جواب آهي ته نه! ان جو آسان حل هي آهي ته اچو ته پنهنجي معاشري کي صاف رکڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا فرض صحيح طرح سان ادا ڪريون.

[b]ماحول کي آلودگيءَ کان بچايون:
[/b]سائين منهنجا: شهرن جي آبادي ۽ واڌ،صنعتي،تجارتي ۽ رهائشي مقصدن لاءِ اڻ ڳڻيون اڏاوتون ٿي رهيون آهن، جن ۾ ڪم ايندڙ سرون ٺاهڻ وارا بي شمار بٺا ڏينهن رات ٻري رهيا آهن، جن مان وڏي مقدار ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ،گئس خارج ٿي رهي آهي، شهرن اندر صنعتي ادارن ۾ ڪتب ايندڙ خام ڪيميائي مادن جي استعمال سبب نڪرندڙ مواد، ڌاتن جي نمڪيات،تيزاب، روغنيات ۽ ٺوس مواد، پاڻي توڻي اڌ ٺوس گهاٽي مادي جي شڪل ۾ رات ڏينهن وڏن پائيپن وسيلي ويجهين ندين،شاخن توڻي واهن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. اهو زهر پاڻيءَ ۾ شامل ٿي نه رڳو آبي جيوت کي متاثر ڪري ٿ، پر اتي جي ماحوليات کي به تباهه ڪري رهيو آهي، ٻي طرف ڪينسر،دماغي بيماريون،ڦڦڙن،اکين ۽ معدي جي بيمارين جو سبب بنجن ٿا. ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهون هوا ۾ شامل ٿي هوا کي گدلو ڪري رهيو آهي، جنهن مان ساهه ۽ چمڙيءَ جون بيماريون پڻ پيدا ٿي رهيون آهن. ان دونهين مان پيدا ٿيندڙ “ايسبٽاس فائيبر” هڪ خطرناڪ مرڪب آهي، جيڪو انسانن کان سواءِ ٻوٽن تي به خراب اثر ڇڏي ٿو، فاسفورس،آرسيٽڪ،شيهي، پاري ۽ جست جا ذرا فضا ۾ شامل ٿي انسانن،جانورن ۽ ٻوٽن جي ڄمار گهٽائين ٿا. چوڻ جو مقصد هي آهي ته اچو ته گڏجي پنهنجي ماحول کي آلودگيءَ کان بچايون.

[b]مسلسل جدوجهد ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي:
[/b]سائين منهنجا: هر ماڻهوءَ جي اها اميد هوندي آهي ته هو جنهن به مقصد کي هٿ ۾ کڻي، منزل جي ڳولا ۾ وکون کڻي ٿو، اهو مقصد ان جو پورو ٿئي ۽ اها منزل ان کي ملي. سائين! منزلون به ڪيتريون ئي آهن، جن تي انسان بيهي ٿو، ساهي پٽي ٿو، مقصد ماڻي ٿو ۽ پوءِ وري ٻي منزل جي ڳولا ۾ نڪري پوي ٿو. انسان جو مقصد ئي آهي مسلسل جدوجهد ڪرڻ، سدائين چر پر ۾ رهي. انساني علم جي ڄاڻ رکڻ وارن ڏاهن جو چوڻ آهي ته جيڪا شيءِ هڪ هنڌ بيهي وڃي ٿي ان کي بي جان چيو وڃي ٿو. اڻٿڪ محنت انسان کي صدين تائين زندهه رکي ٿي، اسين جڏهن به ڪو بهتر مقصد کڻي ان تي سوچون ته ان وقت هيءَ ڳالهه به ذهن ۾ رکون ته هزارها ڪلوميٽر/ ميل سفر ڪرڻ، تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن اسين سفر لاءِ پهرين وک کڻنداسين، پوءِ اسين منزلن مٿان منزلون ماڻيندا اڳتي نڪري وينداسون.

[b]ڏاهن جي ڏاهپ ڀريل ڳالهيون:
[/b]محترم سامعين: ڏاهن جي ڏاهپ ڀريل ڳالهين ۾ اسان جي لاءِ بهتر زندگي گهارڻ جا سوين گس موجود آهن، حضرت مولانا رومي جو چوڻ آهي ته “جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ڏينهن وانگر روشن ٿيان ته پنهنجي هستيءَ کي پنهنجي دوست اڳيان ساڙي ڇڏ ” حافظ شيرازيءَ فرمايو ته “ڪجهه نه ڪجهه عيب سڀني ۾ موجود ٿين ٿا، فرق فقط اهو آهي ته عقلمند پنهنجا عيب پاڻ محسوس ڪري ٿو ۽ دنيا محسوس نٿي ڪري، جڏهن ته بيوقوف پنهنجا عيب پاڻ محسوس نٿو ڪري ۽ دنيا هُن جا عيب محسوس ڪري ٿي” ابن جوزيءَ جو چوڻ آهي ته “ غور ڪريو ته دنيا ۾ اسان کي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪو وقت ملي ٿو، ان جي حقيقت ڇا آهي؟ فرض ڪريو هڪ شخص سٺ ورهيه زندهه رهي ٿو، ان جا ٽيهه ورهيه آرام ۾ گذريا، پندرنهن ورهيه ننڍپڻ ۽ راند روند ۾، باقي جيڪو وقت بچيو اهو اسان جي کائڻ پيئڻ ۽ ڪمائڻ ۾ خرچ ٿي ويو. ان دائمي حياتيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ قيمتي وقت وڃائڻ نه گهرجي پر ان جي اهميت کي محسوس ڪرڻ کپي”

[b]پهريون پاڻ کي سڃاڻڻ گهرجي:
[/b]محترم سامعين: دنيا جي عظيم انسانن هميشه هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي پنهنجي وجود بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي ، هن ڪُل ڪائنات مان واقفيت حاصل ڪرڻي آهي يا پنهنجي پرائي کي سڃاڻڻو آهي ته پوءِ سڀ کان پهريون پاڻ کي سڃاڻڻو پوندو. هونءِ به سائين! جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي وٺنداسين، تڏهن ئي دنيا جي اسرارن تان پردا هٽندا ۽ جڏهن عجب اسرارن تان پردا هٽڻ لڳندا آهن، تڏهن انسان همه اوست جي واديءَ ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ماڻهو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي جهومندي ۽ ڳالهيون ڪندي نظر ايندو آهي. ڏاهن جو چوڻ آهي ته جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو تنهن ڄڻ سڀ کي سڃاتو.

[b]دوستي ۽ احسان مندي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي:
[/b]سائين منهنجا: دوستي ۽ احسان مندي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي، احسان واري جو هر هميشه خير گهرڻ ئي احسان چڪائڻ جو حق ادا ڪرڻ آهي. ڪو اسان کي رستو ڏسي ٿو ته ان جو احسان مڃڻ ۾ ڪو به حرج ناهي. هڪڙو ننڍڙو قصو اوهان جي سماعتن تائين.“ جهنگ ۾ هڪ نانگ ڊوڙندو هڪ شخص وٽ آيو ۽ کيس چيائينس ته “مونکي جوڳي پڪڙين ٿا ان ڪري مونکي لڪاءِ” تنهن تي ان شخص نانگ کي چيو ته “مان توکي ڪٿي لڪايان” نانگ ان کي چيو ته “پنهنجي اندر ۾ لڪاءِ” ان شخص نانگ کي پنهنجي اندر ۾ پناهه ڏني.” جڏهن جوڳي هليا ويا تڏهن نانگ جسم مان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار ڪيو. اها صورتحال هڪ ٻگهه پکي ڏسي رهيو هو. تنهن ان شخص کي چيو ته “ پنهنجو وات ڦاڙ ته مان اهو نانگ کاوان ٿو” ٻگهه ائين ڪيو پر نانگ مرندي ان شخص کي چيو ته “مون پنهنجو سمورو زهر تنهنجي بدن ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي” چوڻ جو مطلب هي آهي ته هر شيءِ پنهنجي فطرت جا رنگ ڏيکاريندي آهي.

[b]سڀ اهو آهي ۽ انهيءَ کان ئي آهي:
[/b]سائين منهنجا: جڏهن انسان غير الله کي ترڪ ڪري ٿو، يعني فنا في الله جي درجي تي پهچي ٿو، تڏهن لڪل ۽ ڳجهي نظر سان، سواءِ الله جي ٻيو ڪي ڪين ڏسي ٿو، تڏهن هن لاءِ ائين ئي ٿئي ٿو ته جيڪو هي ڏسڻ وارو آهي سو هو آهي، يعني هيءُ هُن ۾ گم آهي، تڏهن هِن ۽ هُن جي جدائي نٿي ٿئي، تڏهن ته چوي ٿو ته “ سوهي سو هُو، سو اجل سو الله ” جڏهن حقيقي محبوب جي ٻيو ڪي به ڪين ٿو ڏسي، تڏهن اجل به هڪ امُر الله جو ڀائنين ۽ چوي ٿو ته “سڀ اهو آهي ۽ انهيءَ کان ئي آهي” سو پرين منهنجو الله آهي، سو ئي منهنجو پساهه آهي، سو ئي منهنجو واهرو ۽ مددگار آهي، سو ئي سزا ڏيڻ وارو آهي. جيئن پساهه اندر ٻاهر هوندو آهي تئين منهنجو حقيقي محبوب به منهنجي اندر ۽ ٻاهر آهي.الله تعاليٰ پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته “ونحن اقرب اليه من حبل الوريد” يعني مان اوهان کي ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهيان.”

[b]ڏاهن جون ڏاهپ واريون ڳالهيون:
[/b]محترم سائين: هن دنيا جي ڏاهن جي ڏاهپ وارين ڳالهين ۾ اسان لاءِ هڪ صاف سٿرو رستو هوندو آهي، فرق فقط هي هوندو آهي ته اسان انهن نُڪتن کي سمجهي ان تي عمل ڪري پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائي سگهون ٿا يا نه !؟ سنڌ جو ڏاهو امرجليل ڇوي ٿو ته “ سچ جي حمايت فقط ڪوڙ نه ڳالهائڻ سان نٿي ٿئي، پر سچ جي حمايت صرف سچ ڳالهائي ڪري سگهجي ٿي.” سنڌ جي عظيم محقق ۽ باباءِ تعليم سنڌ علامه آءِ آءِ قاضي چوي ٿو ته“انسان اشرف المخلوقات تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هو زندگيءَ جو مقصد مقرر ڪري ٿو. ”لارڊ شين جي گم ٿيڻ بابت چوي ٿو ته“شيون وڃائجي ناهن وينديون، پر اصل ۾ اسان کين اتي ناهيون ڳوليندا، جتي اهي پيون هونديون آهن.” لبناني ڏاهو خليل جبران جو چوڻ آهي ته“تون محبت ۽ دلين جو روح آهين، تنهنجا نغما پاڪ ۽ آزادي جي ساٿ لاءِ آهن ۽ اهي گيت غلاميءَ ۾ ڪڏهن به آلاپي نٿا سگهجن” دوستي بابت چوي ٿو ته “دوستي فقط دوستيءَ خاطر ڪجي ڇو ته جيڪا دوستي ڪنهن مطلب لاءِ ڪئي وڃي ٿي، اها دوستي نه آهي پر هڪ ڄار آهي،جنهن ۾ شڪار ۽ شڪاري ٻئي ڦاسن ٿا”.

[b]سهڻي ڌرتيءَ ڪيئي روشن ستارا پيدا ڪيا:
[/b]محترم سائين: فن ادب صحافت توڙي راندين روندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ همت افزائي ڪرڻ يا اخلافي ۽ مالي سهائتا ڪرڻ ٻين ادارن سان گڏ اسان جو فرض ۽ ذميواري آهي اهي ماڻهو جيڪي زندگي جي مختلف ميدانن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن ٿا تن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ قوم ۽ ملڪ جو فرض آهي، ته کين سندن خدمتن عيوض اهو ساڳيو بلڪ ان کان وڌيڪ مانءُ ۽ احترام موٽائي ڏيون، جنهن سبب اسان جو ڪنڌ دنيا ۾ اوچو ٿيو آهي. اسان جي سهڻي ڌرتيءَ اهڙا ڪيئي روشن ستارا پيدا ڪيا آهن، جن تي اسان کي بجا طور تي ناز آهي، سنڌ به ان ڏس ۾ پٺتي ڪونه رهي آهي، اياز جهڙو شاعر امرجليل جهڙو ڪهاڻيڪار، عابده پروين، حميرا چنه ۽ صنم مارئي جهڙيون ڪلاسيڪل فنڪارائون، جيجي زرينه بلوچ، زيب النساءِ ۽ مائي ڀاڳي ۽ روبينه قريشيءَ جهڙيون لوڪ فنڪارائون، شير ميربحر جهڙو پهلوان، سلطانه صديقيءَ جهڙي ٽي وي پروڊيوسر، علي بابا ۽ شمشير الحيدري جهڙا آل رائونڊر، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙا مؤرخ، ڪنور ڀڳت، حيدر بخش جتوئيءَ، جيوڻي ٻائيءَ، ماسٽر چندر، استاد الهه ڏني نوناريءَ، علڻ فقير، محمد يو سف، استاد منظور علي خان، محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن جهڙا سريلي آواز جا مالڪ، اسان جي دلين ۾ سدائين لاءِ زندهه آهن. قربان جيلانيءَ، عبداللطيف ساقيءَ، نور محمد لاشاريءَ، مشتاق جيسڪاڻيءَ، محمود صديقيءَ، مشتاق چنگيزيءَ، انور سولنگيءَ، مصطفيٰ قريشيءَ، محبوب عالم، محمد علي ۽ ملڪ انوکي جهڙا عظيم اداڪار، صحافتي دنيا ۾ سراج الحق، فقير محمد لاشاري، اسلم آزاد، انور پيرزادي، هدايت منگي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا جيڪي اسان جا هيرا آهن تن سان محبت ڪرڻ ڄڻ وطن سان محبت ڪرڻ برابر آهي .

[b]ٻين جو دوست ۽ مددگار بنجڻ جو طريقو:
[/b]محترم سائين: اسان کي ٻين جو دوست ۽مددگار بنجڻ جو طريقو سکڻ گهرجي هميشه پنهنجائپ وارو سلوڪ ڪرڻ گهرجي اسان کي هن دنيا ۾ جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي سا آهي دوستي، دوستي رکڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ دشمن بنائڻ ۾ ڪابه دير ناهي لڳندي، دوستي نالو آهي سهپ ۽ رواداري جو، اُهي شخص جيڪي خوش نظر اچن ٿا، تن کي اها خوشي ۽ ڪاميابي دوستن وسيلي ئي حاصل ٿيندي آهي. انسان جا جيترا گهڻا دوست هوندا، اوترآساني سان تڪليفن کي منهن ڏئي سگهندو. اسين جڏهن پاڻ کي هڪٻئي جو دوست چئون ٿا، تڏهن اسانکي ڏک ۽ سک ۾ گڏجي رهڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي .

[b]عمل اسان جا پنهنجا ڪوجها آهن ۽ ڏوهه وري زماني جو:
[/b]محترم سامعين: مون اڪثر ٻڌو ۽ پڙهيو آهي ته زمانو خراب آهي. فلاڻي سال يا صدي هيترا هاڃا ڪيا، هيترا نقصان ڪيا ۽ هيترا ماڻهو ماريا. اصل ۾ زمانو خراب ناهي ٿيندو، سالن ۽ صدين جو ڪو به ڏوهه ناهي، ساڳيون راتيون ساڳيا ڏينهن، ساڳيو سج، اوڀر کان اڀري اولهه طرف لهي ٿو. ڪابه تبديلي نه آئي آهي. هر شيءِ جيئن جو تيئن آهي، هر شيءِ پنهنجي مقرر وقت تي پنهنجون سرگرميون انجام ڏئي ٿي. جي بدليا آهن ته صرف ۽ صرف اسانجا ڪردار. اسان جي نيت ۾ بدنيتي اچي وئي آهي. اسان منجهان ماڻهپو موڪلائي ويو آهي ۽ پنهنجائپ پري ٿي وئي آهي، اڄ ڀاءُ جو ڀاءُ دشمن بڻيل آهي. اڳ جتي پيار، محبت، ڀائيچاري، ايڪي، اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي پوک پوکي ويندي هئي، اڄ اُتي نفرتن جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي، پنهنجي اوڳڻن ڏانهن به جهاتي پائڻ گهرجي، پراڻي يا نئين صدي يا سال کي ڏهي قرار ڏيڻ سان اسان پاڻ سان نا انصافي ڪريون ٿا. اڄ اسان پاڻ ۾ سچائي، نيڪ نيتي پيدا ڪريون ۽ ڪنهن ڏانهن آڱر کڻڻ کان اڳ اهو غور ڪريون ته باقي آڱرين جو رخ اسان ڏانهن آهي. پنهنجي اندر ۾ ستل ماڻهپي کي جاڳايون، ڪنهن جا جذبا مجروح نه ڪريون، حق ۽ سچ جي راهه جا راهي بڻجون ته شايد اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن به ڏسڻا نه پون، ڪردار ۽ عمل اسان جا پنهنجا ڪوجها آهن ۽ ڏوهه وري زماني تي ڏيون ٿا!

[b]پيار جو رستو، ڀلو رستو آهي:
[/b]محترم سامعين: اسان مان ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي پنهنجو سمورو ڏينهن شڪ ۽ وهم ۾ گذاري ڇڏيندا آهن ۽ ٻئي ڏينهن وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه. چوندا آهن ته شڪ ۽ وهم جو علاج ته حڪيم لقمان وٽ به نه هيو. اهڙي قسم جا ماڻهو ڪنهن جي به خوشيءَ ۾ خوش ناهن هوندا، انهن جي هر هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته صلح نه هجي، ماڻهو هڪٻئي کان نفرتون ڪن، پاڻ ۾ وڙهيل هجن. اهڙي قسم جي ماڻهن کي ٻين جو اٿڻ ويهڻ به ناهي وڻندو، ان ڪري هو هميشه هٿ جا ناٽڪ ڪري، ڪوڙيون ۽ غير ضروري ڳالهيون گهڙي، ٻين جو سُک ۽ آرام وڃائڻ ۾ پنهنجي معتبري سمجهندا آهن. اهي سدائين ان شڪ ۾ هوندا آهن ته فلاڻا ماڻهو پاڻ ۾ ڇو کليا؟ پاڻ ۾ ڇو مليا؟ جي مليا ته ڪهڙي ڪم خاطر مليا؟ ڪٿي دال ۾ ڪارو ته ناهي؟ پوءِ اهڙا سوال هوندا آهن ۽ اهو وهمي ۽ شڪي ماڻهو ويندو نفرتن جا پهاڙ ٺاهيندو تان جو اهي پهاڙ ٻرندڙ لائو بڻجي آسپاس جي ماحول کي ساڙي خاڪ بڻائي ڇڏيندا آهن، پوءِ به اهڙن ماڻهن جو پيٽ ناهي ڀربو ۽ وري هو پنهنجي ڪِرتِ ۾ لڳي ويندا آهن. اسان وٽ شل نه اهڙا ماڻهو ڪنهن عورت کي ڪنهن مرد سان يا ڪنهن مرد کي ڪنهن عورت سان ڀائپي برادريءَ جي ڳالهه ڪندي ڏسي وٺن! پوءِ آسمان مٿي تي هوندن ۽ راڄ گڏ ڪري پيا ٻين ماڻهن اڳيان اهي لقاءَ وڌائي پيا پيش ڪندا ۽ پاڻ کي ٻين کان وڏو سمجهي پاڻ ننڍن کي پيا ڪوسيندا ته هو ان معاملي ۾ اڳتي ڇو ڪونه ٿا اچن؟ اچو ته اهڙيون غير ضروري ۽ بيڪار ڳالهيون پاڻ مان ڪڍون، شڪ ۽ وهم کي پنهنجي اندر ۾ پناهه نه ڏيون ۽ پنهنجي اندر کي کير وانگي اڇو، شيشي وانگيان اجرو رکون، ڇو ته جڏهن اسان جو اندر اڇو اجرو هوندو تڏهن سمورو سنسار به اجرو ڏسڻ ۾ ايندو. اچو ته گڏجي پنهنجن ماڻهن سان محبت ڪريون ڇو ته پيار جو رستو، ڀلو رستو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن کي، ڪنهن به قسم جي اوجهڙ ۾ ناهي اڇليندو.