معاشري ۾ وقت کي اهميت ڏجي
[/b]محترم سائين: اسان جي معاشري ۾ وقت کي اهميت نه ڏيڻ ڪري، گهڻو ڪري ڪم مقرر وقت ٿي ناهن سگهندا. اسان اڪثر ڪري ڏٺو هوندو ته ملازم آفيسن ۾ وقت تي ناهن پهچندا، شاگرد وقت تي ڪلاس اٽينڊ نه ڪندا، ريل گاڏيون پنهنجي مقرر وقت تي نه پهچنديون، شادي جي تقريب ۾ ڪارڊ اندر لکيل وقت تي مهمانن کي ماني نه ملندي، هڪ دوست ٻئي دوست کي ڏنل وقت تي نه پهچندو، مطلب ته اسان وٽ اهو هڪ قسم جو رواج ٿي ويو آهي ته ڪو به ڪم مقرر وقت تي ناهي ڪرڻو، ٻيو ته ٺهيو پر سماج جا سلجهيل ماڻهو، اديب،شاعر، فنڪار، دانشور ۽ سياسي اڳواڻ به دير ۾ پهچڻ جي معاملي ۾ ڪنهن کان به گهٽ ناهن، اڪثر سيمينارن، ورڪشاپن، جلسن جلوسن ۽ مختلف دعوتن ۾ سماج جو ساڃاهه وند طبقو ئي وقت تي نه پهچندو آهي، هر تقريب ۾ دير بعد تقريرون شروع ٿينديون ته پرچي مٿان پرچي هوندي ته سائين جلدي ڪريو وقت تمام گهٽ آهي، ٻيا به آهن انهن کي به ڳالهائڻو آهي، وري تقرير ڪرڻ کان فورن بعد همراه هليو ويندو ته منهنجو وقت ٻئي هنڌ به آهي، ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي جو صدر ۽ مهمان خاص هليا ويندا آهن پر تقريب جاري هوندي آهي. اهي ريتون يا وڏپايون ختم ٿيڻ گهرجن.
[b]ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائن جو وڪرو بند ڪرايو!
[/b]محترم سامعين: ميڊيڪل اسٽورن تي نقلي دوائون وڪرو ڪرڻ هڪ وڏو آهي. نقلي دوائن جو ڪاروبار عام طور تي ٿوري ٽائيم ۾ گهڻو پئسو ڪمائڻ لاءِ ڪجي ٿو. ان ڪم ۾ تمام گهڻيون ڪمپنيون شامل آهن ۽ اهي ڊاڪٽر به جيڪي پنهنجي ڊگري وٺڻ وقت اهو قسم کڻندا آهن ته اهي صرف انسان ذات جي خدمت ڪندا. حڪومت انهن ڪمپنين خلاف ڪوئي قانوني قدم ناهي کنيو ۽ نه ئي انهن ميڊيڪل اسٽورن جي چيڪنگ ڪئي وڃي ٿي، جتي نقلي دوائن جو وڪرو عروج تي آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر صرف غريب عوام تي پوي ٿو جيڪو پنهنجي پگهر جي ڪمائي صرف انهن نقلي دوائن تي خرچ ڪري ڇڏين ٿا. حڪومت کي گهرجي ته اهو سستو ڪاروبار بند ڪرڻ لاءِ جلد کان جلد اُپاءُ ۽ انهن ڊاڪٽرن خلاف پڻ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي اهڙيون دوائون تجويز ڪن ٿا.
[b]برسات گهٽ پوڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب وڻن جي واڍي آهي:
[/b]سائين منهنجا: ماحوليات جي عالمي ماهرن جو خيال آهي ته برسات گهٽ پوڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب وڻن جي واڍي آهي، ڇاڪاڻ ته برسات جو پوڻ وڻن سان لاڳو آهي. سنڌ ۾ هونئن وڻن جي غير قانوني واڍي واري مسئلي تي ڪا اين جي اوز به روڄ راڙو نٿي ڪري، سنڌو درياءَ جي ڪنارن وارا ٻيلا مڪمل ختم ٿي ويا آهن، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه وڃڻ سبب لاڙ ۾ تمر جا ٻيلا به اجڙي ويا آهن. هوڏانهن ٿر واري ڪارونجهر جبل ۾ گُگَرَ جا وڻ به وڍجي چڪا آهن. اسان جا ماڻهو وڻن جي معاملي ۾ اڃا ايترا باشعور ۽ حساس نه ٿيا آهن، جو هر سال نوان وڻ پوکي سنڌ کي سوئيزرلينڊ بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪن. مهذب معاشري ۾ وڻ پوکڻ جو ڪم حڪومتون ڪنديون آهن پر اسان وڻن جي غير قانوني واڍي به روڪرائي نه سگهيا آهيون، وڻ ڌرتيءَ جي نه رڳو سونهن چيا وڃن ٿا پر وڻ ڌرتيءَ جي بقا پڻ آهن. سنڌ جي سڀني ماحول دوست ماڻهن ۽ تنظيمن کي هن مسئلي جو ضرور نوٽيس وٺڻ گهرجي.
[b]اسين رڳو سکڻن نعرن ۾ پنهنجي دل وندرائي رهيا آهيون:
[/b]سائين منهنجا: هن ئي پروگرامن ۾ اسين وڻن جي اهميت تي ڪافي گفتگو وقت بوقت ڪندا آيا آهيون، اڄ اسين هن ڳالهه تي نظر وجهون ٿا ته هي جيڪي وڻ اسين ڪَٽي رهيا آهيون تن جو ڪيترو نقصان ٿي رهيو آهي. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته وڻن جي وڍجڻ کان پوءِ دريائن جا وهڪرا گهٽجي ويندا آهن، جَرَ جو پاڻي اونهو ٿي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻيءَ جو ڏڪار ٿيندو آهي، جيڪو اسين سنڌ واسي ڪافي عرصي کان ڀوڳي رهيا آهيون، ٻيلن جي وڍجڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ايڪالاجيڪل تبديلي اچي رهي آهي، جهنگلي جيوت جو خاتمو ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ اسان ماڻهن وڻن جي ايتري ته واڍي ڪئي آهي جو هاڻ ٻارڻ لاءِ به ڪاٺيون اڻلڀ آهن. اڄ ٿر ۾ انهن ٻيلن جو نانءُ نشان به ڪونهي. سنڌوءَ جي ڪنارن وارا قيمتي ٻيلا اسان جي اکين اڳيان وڍجي ڀڳڙن مٺ تي وڪامجي ويا ۽ اسين رڳو سکڻن نعرن ۾ پنهنجي دل وندرائي رهيا آهيون، جيڪو عمل افسوس ناڪ آهي.
[b]امن لاءِ ڪوشش وٺي، پنهنجي وجود کي بچايون:
[/b]سائين منهنجا: امن جتي به هوندو اتي ترقي ٻرانگهون ڀريندي اڳتي هلندي ويندي، ڇو ته امن سان ئي ساري سنسار جي سونهن ترقي ۽ بقا آهي. هن ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ اهي انسان جن جي دلين ۾ انسانيت زنده آهي، جن جو من اڄ به پرائي درد تي جاڳي ٿو توڙي اهڙا انسان هن ڌرتيءَ جي گولي تي امن گهرندا آهن نه صرف امن گهرندا آهن پر امن لاءِ ڪو ششون به ڪندا آهن. اسان کي به اڄ اهو واعدو ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ امن قائم ڪريون، جتي جهيڙا وڏا نقصان ڏين ٿا، اتي گڏجي امن لاءِ ڪوشش وٺي، پنهنجي وجود کي بچايون ۽ سموري عالم ۾ امن لاءِ ۽ سموري عالم کي آباد رکڻ لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو ٿيون.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
[b]هيءَ دنيا هڪ وهندڙ درياءُ آهي:
[/b] سائين منهنجا: هيءَ دنيا هڪ وهندڙ درياءُ آهي. اها خبر اسان سڀني کي آهي ته جيڪا به شيءِ ڳري هوندي آهي، سا پاڻي ۾ ٻڏي ويندي آهي. چوڻ جو مقصد هي آهي ته دنيا جي هن درياءَ ۾ هر انسان کي ڪک پن وانگي هلڪو ٿي گذارڻ گهرجي، ڇو ته ڪک پن کي ٻڏڻ جو ڪو به خطرو نه هوندو آهي. ڪک ۽ پن ته خود ٻين جو سهارو بنجن ٿا، هن دنيا ۾ جنهن انسان پنهنجو پاڻ کي ڪجهه به نه سمجهيو، ان ئي سڀ ڪجهه حاصل ڪيو. اسين دنيا جي ڪنهن به عظيم انسان جي زندگيءَ تي نظر وجهنداسين، ته اهو معلوم ٿيندو ته ان عظيم انسان پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ڪاوڙ ۽ ڪروڌ نه ڪيوهوندو، هن هميشه ڪاوڙ کي پي ڇڏيو، هن وٽ هر ايندڙ ويندڙ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.
[b]هر ڪامياب ماڻهو اهوئي ٿيو آهي:
[/b]محترم سامعين: هن دنيا ۾ هر انسان ڪامياب ٿيڻ لاءِ مختلف جتن ڪندو رهي ٿو ۽ هر ڪامياب ماڻهو اهوئي ٿيو آهي، جيڪو هنن ڳالهين تي عمل ڪري ٿو. ڪٿي دعا سان ته ڪٿي دوا سان، ڪٿي دنيا سان ته ڪٿي رضا سان، ڪٿي نياز سان ته ڪٿي ناز سان، ڪٿي نظر سان ته ڪٿي نينهن سان، ڪٿي علم سان ته ڪٿي عمل سان، ڪٿي عقل سان ته ڪٿي عدل سان، ڪٿي ذڪر سان ته ڪٿي فڪر سان، ڪٿي شڪر سان ته ڪٿي صبر سان، ڪٿي سينگار سان ته ڪٿي نثار سان، ڪٿي گفتار سان ته ڪٿي رفتار سان، ڪٿي اخلاق سان ته ڪٿي اخلاص سان، ڪٿي حسن سان ته ڪٿي سخن سان، ڪٿي شيريءَ سان ته ڪٿي فقيريءَ سان، انسان هن دنيا ۾ لکين ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻي سگهي ٿو. جنهن لاءِ هيءُ شرط لازمي آهي ته انسان کي ان رستي تي هلندي ڪجهه تڪليفون ضرور اينديون، ڪٿي لالچون ڏنيون وينديون ته ڪٿي ڌڙڪا، دهمان ۽ داٻا، پر ان عمل ۾ ڪڏهن به پنهنجي ڪردار کي داءَ تي نه لڳائڻ گهرجي.
[b]اسپتال جي فرش تي ٻار ڄڻيندڙ ماءُ ۽ صحت کاتو!
[/b]محترم سامعين: صحت کاتي جي ڪارڪردگي تان پردو کڻڻ لاءِ ته ميڊيا جون رپورٽون ئي ڪافي آهن پر، سنڌ جي اسپتالن ۾ پيش آيل واقعا صحت کاتي سميت اعليٰ اختيارين جي منهن تي چماٽون آهن. هڪ طرف سنڌ جا واڳ ڌڻي چون ٿا ته جنهن کي ترقي ڏسڻي هجي اهو سنڌ ڏسي، ته ٻئي طرف وري مائرون اسپتالن ۾ فرشن تي ٻارن کي جنم ڏئي صحت کاتي جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاري رهيون آهن. سنڌ جي اڪثر اسپتالن ۾ عملي جي بي حسي ۽ غير معمولي لاپرواهيءَ سبب ڳورهاري عورتون اسپتال جي احاطي ۾ فرش تي ٻارن کي جنم ڏين ٿيون. هي ڪي نوان واقعا ناهن، پر ماضي ۾ ليئو پائڻ سان اهڙا کوڙ مثال ملندا جن سان سنڌ جي صحت کاتي تي ڪيئي سوال اٿاري سگهجن ٿا، ڪڏهن روڊن تي، ڪڏهن فٽ پاٿن تي، ته ڪڏهن وري رڪشائن ۾ عورتن ٻارڙن کي جنم ڏنو آهي. صحت کاتي کي ملندڙ اربين روپيا بجيٽ الائي ڪٿي خرچ ڪئي وڃي ٿي، ڪيستائين ڊاڪٽر غير ذميواري جو مظاهرو ڪندا رهندا؟
[b]اها محبت جي انتها آهي:
[/b]سائين منهنجا: جڏهن نه ڪو پيارو ماڻهو رسي ويندو آهي تڏهن دل ۾ بيچيني ۽ بيقراري پيدا ٿي پوندي آهي ۽ ان بيقراريءَ کي ڏسندي، سنگتي ۽ ساٿي چريو چوڻ لڳندا آهن. سائين! هونءَ به چاهت ۾ ماڻهو کي چريو ئي سڏيو ويندو آهي. ڇو ته چاهت جي درياءَ ۾ اڻ تارو به پنهنجي پرينءَ جي چيچ پڪڙي گهڙي پوندو آهي، هو اهو ناهي ڄاڻيندو ته درياءَ جون تيز ڇوليون هن کي وڪوڙي نه وڃن. بس هو فقط پنهنجي پرينءَ جي سڪ ۽ اُڪير ۾ هلندو رهندو آهي. هو ته هميشه ان خيال ۾ رهندو آهي ته هُن جو محبوب هن کي ياد ڪري، پر جي هن کي پنهنجو پرين ياد به نه ڪري ٿو تڏهن به هو پنهنجي پرينءَ کي مياري نٿو سمجهي، اها محبت جي انتها آهي.
[b]سي جي فنڊن کي اسڪولن جي بهتريءَ لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجي:
[/b]محترم سامعين: سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ ۾تعليم جي سڌاري، اسڪولن جي بهتري ۽ شاگردن کي، بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ مختلف اسڪيمن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽيون قائم ڪري مقامي سطح تي ڪروڙين روپيا ڏنا پيا وڃن، جيڪي صحيح طرح استعمال ڪرڻ بدران هيٺ مٿي ڪري پنهنجا نوازي ڪئي ويئي آهي. ايس ايم سي جي فنڊن کي اسڪولن جي بهتريءَ لاءِ خرچ ڪرڻ بدران همراهه هڪٻئي کي ڪميشنون ڏيئي، انهن پيسن کي پنهنجي ذاتي سڌاري لاءِ سمجهي خرچ ڪيو پيو وڃي. اسان کي الائي اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته اسان پنهنجي ٻارن جو مستقبل پاڻ تباهه ڪري رهيا آهيون ۽ ڏوهه وري ٻين تي ڏيون ٿا. اسين پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي پوءِ ڦريل وانگيان يا ائين چئجي ته جعفر ڪوڙي وانگر رڙيون ڪري دنيا جي اڳيان اهو بانور ڪرائي رهيا آهيون، ته اسان جا هٿ صاف آهن ۽ اسين وڏا ايماندار آهيون.
[b]ڪوهه نور هيري کان به وڌ قيمتي هيرا:
[/b]محترم سامعين: اسان اڪثر ڪري پنهنجي نفسانفسيءَ ۾ قوم جي هيرن کي وساري پنهنجن ڌنڌن ۾ لڳي ويندا آهيون، انهن ڪوهه نور هيري کان به وڌ قيمتي هيرن، اسان لاءِ آزاديءَ جو جنگيون وڙهي اسان جي ڪنڌن مان غلاميءَ جا طوق لاٿا، جن جي قربانين سبب اسان کي بقا ملي آهي، اسان کي وطن مليو آهي. اهڙن عظيم انسانن کي هردم هر گهڙي نه صرف ياد رکڻ کپي پر اهي اسان جي ساهه ۾ ائين سمايل هجن، جيئن اسان جو وجود انهن جي ئي دم سان هجي. وڏائي ان ۾ ناهي ته انسان وٽ ڌن ۽ دولت آهي، اها دولت ڪهڙي ڪم جي جيڪا غلام بڻائي. اهي انسان عظيم ڪٿي ٿي ٿا سگهن، جيڪي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ غلاميءَ کي قبول ڪن ٿا. تاريخ ته عظيم انسان انهن کي لکيو آهي جيڪي ڏاڍ جبر ۽ ظلم خلاف اٿي وڙهيا آهن، جن ڌن دولت جي عيوض پنهنجو ايمان ۽ وطن نه وڪيو. اسان جا اهي انمول هيرا اسانجي عزت، آبرو، شان ۽ مانُ آهن، ان ڪري اسان کي پنهنجا هيرا وسارڻ نه گهرجن پر هر حال ۾ هر هنڌ انهن جي عظمت جا ڳڻ ڳائي پنهنجي عظيم تاريخ کي ياد ڪري اهو پڪو پهه ڪريون ته غلاميءَ کي ناپسند ڪبو پوءِ اها ڪهڙي به روپ ۾ ڀلي ڇو نه هجي.
[b]اسان به برابر جا قصوار آهيون:
[/b]محترم سامعين: سنڌ جي آبپاشي نظام کي دنيا جو بهترين نظام مڃيو ويو، پر اڄ ان نظام جي حالت تمام بري آهي. واهن، ڪئنالن ۽ شاخن سان جيڪي وڻ لڳايا ويا هئا، اهي انساني آسيس ۽ ڪنارن جي مضبوطي خاطر پوکيا ويا هئا، جن کي اسان تمام ٿوري ذاتي فائدي لاءِ وڍائي ناس ڪري ڇڏيو. آبپاشي کاتي جا عملدار اول ته اها ڳالهه مڃيندا ئي ناهن ته ڪو وڻ وڍيا ويا آهن، پر جي ڪٿي نجي ڪچهرين ۾ مڃيندا به آهن ته وڻ وڍيندڙن جو بااثر هجڻ وارو بهانو بڻائي، پاڻ کي هر ذميواريءَ کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جي کڻي ٿوري دير لاءِ مڃي به وٺجي، پر آبپاشي عملدارن کي وڻ وڍجڻ جي جاءِ تي نوان وڻ لڳائڻ کان ڪير روڪيندو هوندو!؟ هي هرسال پنهنجي رڪارڊ ۾ ڏيکارين ٿا ته اسان هر سال تمام گهڻي تعداد ۾ وڻ لڳايا آهن پر اصل ۾ اهي ڪاغذن جي سونهن بڻيل هوندا آهن. ڪجهه به هجي هر حال ۾ عام ماڻهوءَ جو ئي نقصان ٿيندو آهي.
[b]هيءَ ڪائنات ڪيڏي نه خوبصورت آهي:
[/b]سائين منهنجا: ڪنهن ڏاهي ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته “ هيءَ ڪائنات ڪيڏي نه خوبصورت آهي، حسين ڪائنات کي خلقيندڙ، حسن کي پسند ڪري ٿو، جيڪو حسن کي چاهي ٿو اهو خلقيندڙ جي ساراهه ڪري ٿو. هن ڌرتيءَ جا رنگ، هن ڪائنات جون خوش مجازيون، پکين جون وڻندڙ ٻوليون، ساوا ۽ سرسبز کيت ۽ باغ، درياءَ ۽ واديون سڀ حسن جو مظھر آهن. حسين دنيا کي خلقيندڙ دنيا جي سڀني رنگن کي ملائي هڪ حسين تر تحفو انسان هن ڌرتيءَ تي پيدا ڪيو، انسان کان وڌ هن ڪائنات ۾ ڪو به خوبصورت ناهي ۽ ان کي وري لفظن جي مالها ڏئي بي بها بڻائي، پنهنجي وڏائي ظاهر ڪئي ۽ سائين! جنهن انسان جي اکين ۾ جهاتي پائي ڏٺو تنهن ڄڻ حسن جي گهري ساگر مان انمول ماڻڪ موتي ميڙي ورتا.
[b]مايوسي هڪ اهڙي ڪيفيت آهي:
[/b] سائين منهنجا: مايوسي هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا انسان کي بي همٿ، بزدل، نِٻَلُ ۽ نڪمو بڻائي اونداهين جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏي ٿي. مايوسي انسان جي ذهني توڻي جسماني سگهه جو انت آڻي ٿي ۽ انسان کي اهرو ته معذور ۽ مفلوج بڻائي ٿي، جو هو هن سنسار ۾ پنهنجي جيون کان بيزار ٿي پوي ٿو. سچ پچ ته انسان جي سڀ کان وڏي ويڌن مايوسي آهي ۽ ان کي آس جي آڌار مات ڏيئي سگهجي ٿي. هنن حالتن سان مقابلو ڪرڻو آهي ۽ اهو فن سکڻ گهرجي، ڇو ته انسان جون حالتون سدائين ساڳيون ۽ هڪجهڙيون ناهن رهنديون. اهو بلڪل وسارڻ نه گهرجي ته هر ڪاري رات کان پوءِ صبح ضرور ٿيندو آهي ۽ اهو صبح در تي انبار خوشين جا کڻي اچي در کي کڙڪائيندو آهي.
وٺڻ حوصلي کان به ڪجهه ڪم جڳائي، روئڻ تي ئي خالي قناعت ڪجي ڇو؟
جڏهن عزم ڪامل ئي موجود ناهي، تڏهن بخت جي ڪا شڪايت ڪجي ڇو؟
[b]زبان مان مٺا ۽ وڻندڙ ٻول ٻولڻ:
[/b]محترم سائين: زبان مان مٺا ۽ وڻندڙ ٻول ٻولڻ سهڻا ۽ سنجيدهه سخن ڪڍڻ نرم ۽ سهائيندڙ ڳالهه ڳالهائيندڙ کي ئي مٺي زبان چئبو آهي، جنهن زبان مان مٺا ٻول نڪرندا آهن،تنهن ۾ جادوءَ کان به وڌيڪ اثر هوندو آهي، اهڙي زبان مرليءَ جي منڊ کان وڌيڪ آهي. مٺڙي زبان سان برهه واريون باتيون ڪري انسانن جون دليون فتح ڪري سگهبيون آهن. اها ئي مٺي زبان جڏهن ڳالهائيندي آهي، تڏهن ڄڻ پياسي دلين ۾ ۽ ذهنن تي محبت جا مينهن وسڻ لڳندا آهن ۽ قرب ڪڪر بنجي سورن جي سج کي لڪائي ڇڏيندا آهن. ان ئي زبان ۾ اهڙي طاقت آهي جو دشمن به دوست بنجي وڃن ٿا. انهن ئي مٺن گفتن جو مُلهه قيمتي موتين کان به مهانگو آهي.
[b]وڏي خوبي ڪري وري اٿڻ ۾ آهي:
[/b]سائين منهنجا: انسان جي سڀ کان وڏي خوبي ڪڏهن به ڪرڻ ۾ ناهي پر وڏي خوبي هر دفعي ڪري وري اٿڻ ۾ آهي. ڪِري وري اٿڻ ۾ ڪاميابيءَ جو راز آهي، مشڪلاتن سان مقابلو ڪرڻ جو نالو ئي جياپو آهي ۽ ان تي ضابطورکڻ ڪاميابي آهي. جفا ڪشيءَ جي سمنڊ ۾ ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا موتي ڀريل آهن، ڪڏهن به ناڪاميءَ تي گهٻرائڻ نه گهرجي، ڇو ته ناڪامي ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو آهي پر ان شرط سان ته پاڻ تي ڀروسو ۽ اعتماد هجي. ڀروسو سڀ کان وڏي طاقت آهي ۽ اعتماد ئي ڪامياب ڪري ٿو. شڪست نه کائڻ وارو ارادو، پريشان نه ٿيڻ وارو خيال ۽ ختم نه ٿيڻ واري جدوجهد به ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. جنهن لاءِ هر حال ۾ هر طرح، هر پاسي کان ۽ ڏک سک ۾ هميشه بردبار رهڻ ئي عقلمندن جو ڪم آهي.
اڏارون اڃا به چون ٿيون اڏامون، مگر هي هوائون چون ٿيون ته هوريان،
مونکي شوقِ منزل ۽ طوفان کي مستي، ٻئي زور ڏيون ٿا، ڏسجان زمانا.
[b]پکين جو تحفظ نه جهڙو:
[/b]محترم سامين: ناياب پکين ۽ جانورن جي تحفظ لاءِ اسان وٽ ڪي ادارا موجود آهن، جيڪي انهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ڏينهن رات سرگرم ضرور آهن، پر بنهه نه جهڙو ۽ ڏسڻ جي حد تائين. ماري پرديسي پکين کي ونجهرن يا ٻين ذريعن سان ڦاسائي شهرن ۾ ۽ عام روڊن رستن تي هٿن ۾ جهليو وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي، اسان وٽ مهمان ٿي آيل پکين جو ڪوس ڇو ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟ اسان جا آدرش، اسان جي مهمانوازيءَ وارا اخلاقي معيار ۽ رحمدلي وارا جذبا ڪٿي وڃي ڪريا آهن؟ اسين ايڏا ته مفادن جا محتاج ٿي ويا آهيون جو خسيس ذاتي مفاد لاءِ ٻين جي جان وٺڻ لاءِ هر وقت اُتامِرا بڻجي ويا آهيون. پرديسي پکين سان اسان جي سهڻي لطيف ڪيڏي نه محبت ڪندي ماريءَ کي ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو.
مارِي! مَرِين شالَ! ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون؛
جِئن تو اَچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وِرِهَنِ کي.
(شاهه)
[b]تعليم جي تباهيءَ جا ذميوار ڪير آهن؟
[/b]محترم سامعين: هونئن ته سڄي ملڪ ۾ تعليم جي صورتحال ڪا بهتر ناهي پر خاص ڪري سنڌ، ملڪ جو واحد صوبو آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ اسڪول بند ملندا، جيڪي اسڪول کليل آهن، اهي به جهڙا بند آهن. اڪثر کليل اسڪولن جي صورتحال اها آهي جو شاگرد آهن ته استاد ناهن ۽ جنهن اسڪول ۾ ڇهه ڇهه استاد آهن ته اتي وري شاگرد ناهن. ملڪ ۾ تعليمي ماهر لاچار ۽ آفيسر طبقو موجن ۾ آهي. ڏينهون ڏينهن زندگيءَ جي وڌندڙ رفتار ۾ والدين وٽ وقت ڪونهي جو هو اولاد تي ڌيان ڏيئي سگهن. ٻارن جي پڙهائي انهن جي اٿڻي ويهڻي جي نظرداري ڪري سگهن. والدين جي ان بي ڌياني جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ جو ٻار مڪمل ڇڙواڳ ٿي ويو آهي. اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته تعليم جي چمن جو مالهي استاد آهي. جڏهن به مالهي ڪم ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ته باغ اجڙي ويران ٿي ويندا آهن، جيئن اڄڪلهه سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول بند ملن ٿا. ائين به ناهي ته ڪو انهن بند پيل اسڪولن جا ذميوار صرف استاد ئي آهن، ٻئي پاسي سڀ کان وڌيڪ ذميوار تعليم کاتي جا ڪرتا ڌرتا ڪامورا آهن، جيڪي پنهنجي ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ مختلف بهانا بڻائي تعليم جي تباهيءَ جا اصل ڪارڻ آهن.
[b]هر مشڪل انسان جي همت جو امتحان:
[/b]محترم سامعين: هر مشڪل انسان جي همت جو امتحان وٺڻ ايندي آهي. حسد نيڪين کي ائين ساڙيندو آهي، جيئن باهه سڪل ڪاٺ کي ساڙيندي آهي. جيڪو ٻين جي خوشين ۾ خوش نٿو ٿئي، اهو پاڻ به ڪڏهن زندگيءَ ۾ خوش ناهي رهندو. وفا جو سبق سکجي ته گلن کان جيڪي ڪنڊن کان جدا ٿيندي ئي ڪومائجي ويندا آهن. وڏائي عقل جي ۽ مايوسي زندگيءَ جي تباهي آهي.سچ اهڙي دوا آهي جنهن جو ذائقو ڪڙو ۽ اثر تمام مٺو هوندو آهي. محبت سخت دلين کي به نرمائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ اسان جي قبضي مان نڪري وڃي ٿي ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهو وٽ هلي وڃي ٿي ته اسان اهيو نه چئون ته منهنجو مال مون وٽان هليو ويو، پر اسين چئون ته اها شيءِ هڪ رعايت هئي، جيڪا ڪجهه فائدو ڏئي هلي ويئي، جيڪڏهن منهنجو مال هجي ها ته ٻين وٽان مون وٽ نه اچي ها ۽ مون کان ٻين تائين نه وڃي ها. سياڻا سچ چئي ويا آهن ته جاهل جي لاءِ سڀ کان سٺي ڳالهه خاموشي آهي ۽ عالم سان هڪ ڪلاڪ جي گفتگو ڏهن ورهين جي مطالعي کان به وڌيڪ آهي.