مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

جـــــــي مون پڙهي پاڻ لئي،سبق سابق جو

[b]جـــــــي مون پڙهي پاڻ لئي،سبق سابق جو،
[/b]پهــــــــريون سڃاتم پنهنجي نفس جو نِهو،
جت عرفان اصل ۾،ٿي روحن روز ڪيو،
وري ورق پـــــيـــــو،گڏيم وَڍُ وِصالَ جو.
(سُرُ يمن ڪلياڻ/ داستان 5)

هن بيت جو حاصل مطلب هي آهي ته جڏهن مون پنهنجي سِرِ اصلوڪو سبق (الست بربڪم) پڙهيو،تڏهن روح جو اصلوڪو خزانو يا آستان سڃاتم،جتي روحن اصل ۾ خدائي علم جي رهاڻ پئي ڪئي.پوءِ اهڙو ورق وريو،جو جدائيءَ جو زخم يا ويڇو ميٽجي ويو.

[b]جـــــــــــوڙي جوڙ جهان جي، پاڻ ڪيائين پروار،
[/b]حـــــامي، هـــــادي، هاشمي، ســــــــــردارين سـردار،
سونهي صحابن وچ ۾،منهجهه مسجد مڻيادار،
چارئي چڱا چوڌار،هئا هيڪاندا حبيب سين.
(سر ڪلياڻ/ داستان 01 )

هن بيت جو مطلب آهي ته پاڻ کي پڌري يا ظاهر ڪرڻ واسطي جهان کي بڻايائين،حضرت محمد ﷺ سردارن جي سردار،هاشميءَ کي هن امت لاءِ هادي يعني هدايت ڪندڙ ڪري موڪليائين،جو پنهنجي مسجد نبوي ۾ مڻيادرن يعني رازدار صحابن جي سٿ ۾ هدايت ڪندي پيو سونهي،صحابن ۾ چار ڄڻا ٻين صحابن کان چڱا هئا،جيڪي الله جي حبيب جي چوڌاري ۽ گڏ ويهندا هئا،شاهه لطيف هن بيت ۾ الله ۽ الله جي رسول ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي تعريف ڪئي آهي.

وَٽَ وَٽَ وٽــــــــــيءَ ۾،مٽَ مٽَ منڌ ٻيــو،
قـــــــدر ڪيف ڪـــــــلال جو،پياڪن پيو،
اچن دُرس دڪان تي،ڪنڌ قبول ڪيو،
سُـــــرها سِرَ ڏيو،چَکن سُرڪ سيد چئي.
(سر يمن ڪلياڻ/ داستان 04)
هن بيت جو حاصل مطلب هي آهي ته پياليءَ پياليءَ ۾ نئين جنس آهي ۽ مَٽَ مَٽَ ۾ ٻيو منڌ آهي،پيندڙن کي ئي ڪلال جي اٿاريل خمار جو قدر آهي،هو سر ڏيڻ قبول ڪري،برابر اچيو سندس دڪان وٽ وارد ٿين،سرها سر ڏيئي ٿا سرڪي پين.

[b]اڳيان اڏن وٽ،پوين سِــــــــــــــر سنباهيا،
[/b]ڪاٽ ته قبول ۾، مُڇڻ ڀانيين گهٽ،
مـــــٿا مُــــــهاين جـــــــا،پيــا نه ڏسين پٽ،
ڪلڙڪي هٽ،ڪُسن جو ڪوپ وهي.
(سر ڪلياڻ/ داستان 02)
هن بيت جو مطلب هي آهي ته جي اڳيان آهن ته جا سِر اڏين تي آهن،پويان وري سر ڏيڻ جي سنبرڻ ۾ آهن،هي اها جاءِ آهي جتي سواءِ پنهنجي سر جهڪائڻ ۽ ڏيڻ جي ڪنهن به قسم جي قبولي ناهي ۽ انهيءَ سودي ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ايندي ،متان اهيو سمجهين ته اهي پَٽَ تي پيل سِرَ نٿو ڏسين؟ مرشد جي در تي ڪسڻ جو ڪم جاري آهي.

[b]وحدهُ لاشريڪ لهُ، ايءُ وهائج ويءُ،
[/b]کٽين جي هارائين،هنڌ تنهنجو هيءُ،
پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو.
(سر ڪلياڻ/ داستان 01)
هن بيت جو حاصل مطلب هي آهي ته “ هو هڪ آهي ء۽ سندس ڪو مَتَ ناهي” تون اهوئي سودو (دؤر) پيو ڪج، تنهنجي کٽڻ يا هارائڻ جو هنڌ هيءُ ئي جهان آهي. سپرين پاڻمرادو بهشت جو (روحاني) پيالو پُر ڪري، توکي چوندو ته “ پيءُ ”

[b]جن کي دور درد جو،سبق سور پڙهن،
[/b]فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.
(سر يمن ڪلياڻ/ داستان 05)
هن بيت جو مطلب هي آهي ته جيڪي پنهنجي اندر ۾ درد جي درس جو دؤر پيا ڪن، سي سور جئي سبق پيا پڙهن،انهن جي هٿ ۾ خيال جي پٽي آهي ،هو ماٺ جو اڀياس پيا ٿا ڪن،هو اهوئي ورق پيا پڙهن، جنهن ۾پرين کي ڏسن ٿا، يعني لطيف سائين هي ڳالهه فرمائي ٿو ته انسان جي اندر ۾ جڏهن ڪو درد ئي هوندو آهي تڏهن ئي هو پنهنجي حقيقي محبوب جي ڳولا ۾ نڪري پوندو آهي ۽ انهيءَ جي اڳيان دنيا جي ڪنهن به دنيوي ڪم جي ڪا به حيثيت ناهي هوندي ۽ هو صرف ۽ صرف پنهنجي ئي پرينءَ جي پسڻ لاءِ ڳولا ۾ هوندا آهن.

[b]عاشـــــــــــــــــق! معشوقن جي،وٺي ويهه ڳَري،
[/b]جِــــــــــــــم ورچي ڇڏئين، سندي دوست دري،
ڏيندا ٻــــــــــاجهه ٻُڪيءَ جي، ويندءِ ٺپ ٺري،
اسان تان نه سري،تو ڪيئن سري سپرين؟
(سر يمن ڪلياڻ/داستان 05)

شاهه لطيف هن بيت وسيلي اسان کي سمجهاڻي ڏيندي فرمائي ٿو ته“اي عاشق تون معشوق جي گهٽي وٺي ويهه،متان بيزار ٿي محبوب جي ڳر کي ڇڏين،هو مِهي جي سُتي توکي ڏيندو،پوءِ مڙئي ڦٽ تنهنجا ميٽجي ويندا اي پرين تو سواءِ اسان جي نٿي سَري،اسين تو بنا نٿا جي سگهون ۽ تون آهين جو اسان کان سواءِ گهاري وڃي ٿو؟ اسان جي بنا تنهنجي ڪيئن سَري وڃي ٿي.

[b]ســـــرُ جـــــــو سَڃيو ســــــڄڻين،ٻيهـــــر ٻاڻُ ڀري،
[/b]ڇمڪيو سو ڇوهه مان، ڪڙ ڪڙ ڪانُ ڪري،
جيـــــــرا جـــــگر بــُــــڪيون،لنگهي پيون پـــري،
لڳـــــــو جــــــــيءَ جــــــــڙي، تاڻيان تير نه نڪري.
(سر يمن ڪلياڻ/داستان 03 )
هي بيت اسان کي ڄاڻ ڏيئي ٿو ته “سڄڻ جو ٻيهر ڪانُ ڪشي هنيو آهي،سو ڪڙ ڪڙ ڪندو تيز مان، شوهه مان ڇم ڇم ڪندو اندر گهڙي ويو،جنهن ڪري جيرا،جگر۽ بڪيون ڪپجي پيون آهن ۽ تير جان ۾ اهڙو ته کُپي ويم جو ڇڪيان ٿو ته به ٻاهر نٿو نڪري.

[b]هيءِ هيءِ وهي هاءِ،من ۾ محبوبن جي،
[/b]جـــــيرا جـــــــوش جــــلايا، بُڪين ٻري باهه،
پــــسيو مـــــچ مــــــٿاءِ،ويســـــــاهه نه وسهو.
(سر يمن ڪلياڻ/ 03)
شاهه سائين هن بيت وسيلي اسان کي ٻڌائي ٿو ته “هيءِ هيءِ پرينءَ لاءِ “هاءِ هاءِ” جي ڪوڪار پئي پوي،محبت جي تاب جيرا جلائي ڇڏيا آهن ۽ بڪين ۾ باهه پئي ٻري،جي اوهان کي ويساهه نٿو اچي ته ،اچي ڏسو ته منهنجي سيني مٿان ڪيئن ٿي باهه پئي ٻري.

[b]سگهن سڌ نه سور جي،گهايل ڪيئن گهارين،
[/b]پيـــــــل پاســـــــــو پٽ تــــــــان، واڍوڙ نه واريـــــن،
پَرَ ۾ پَچَنِ پرينءَ لئه،هئي! هنــــــــجون هارين،
سڄــــــــــڻ جي سارين،تن رويو وهامي راتڙي.
(يمن ڪلياڻ/داستان 01)
هن بيت جو حاصل مطلب هي آهي ته چڱن ڀلن کي درد جي ڄاڻ نه وري انهيءَ ڳالهه جي ته اهي ڪهڙي ريت پنهنجي زندگي گهارين ٿا،وڍيل عاشق جيڪي پَٽَ تي پيا آهن،اهي عاشق پاسو به نٿا مٽائين،هاءِ هاءِ هو ڳجهوئي پنهنجي پرينءَ لاءِ پچي ڪباب پيا ٿين ۽ ڳوڙها پيا ڳاڙين،جن کي پرينءَ جي سار آهي تن جي رات روئندي ٿي گذري.

[b]آگي ڪيا اڳهين، نسورو ئي نور،
[/b]لاخوف عليهم ولا يحزنون،سچن ڪونهي سور،
مــــــــــــــولا ڪيو معمور، انگ ازل ۾ ان جو.
(سر ڪلياڻ/ داستان 01 )
شاهه لطيف فرمائي ٿو ته“ ڌڻي انهن کي سراپا نور ڪري ڇڏيو آهي،انهن کي نه ڪي خوف آهي نه ڪي ڪو سور يا ڏک رسندو، ڇو ته اهي سچا آهن ۽ سچن انسانن کي ڪو به درد نٿو رسي.(ظاهر ۾ اهڙن انسانن کي تڪليف ضرور ايندي آهي،جيڪا ٻين ماڻهن کي نظر ۾ ايندي آهي،پر جيڪي سچا آهن اهي انهيءَ تڪليف کي به سچ جو سودو سمجهندا آهن ۽ ارها ناهن ٿيندا) ڌڻي تعاليٰ انهن جو بخت اعليٰ ڪيو آهي.

[b]وحـــــــد هُـــــــــو جي وڍيا، الاالله سين اورين،
[/b]هنيـــــــــون حـــــقيقت گــــڏيو،طريقت تورين،
معرفت جي مــــــــاٺ سين،ڏيساندر ڏورين،
سُکُ نه سُتـــــا ڪـــــــــڏهين،ويهي نه ووڙين،
ڪلهنئون ڪورين،عاشق عبداللطيف چئي.
(سر ڪلياڻ/داستان 01 )
هن بيت جو مطلب آهي ته جيڪي سالڪ هيڪڙائي جا ڪُٺل آهن،سي اهو ئي دور پيا ڪن ته سواءِ سائينءَ جي ٻيو ڪو به سائين نه آهي،هو پنهنجو هِنيون حقيقت سان هڪ ڪري طريقت جي واٽ تي تڪي توري پيا هلن،هو سچي ڄاڻ واري سُن سان روحاني ولايت پيا ڳولين،هو ڪڏهن به سک سان نٿا سمهن،ويسر ۾ ويهي نٿا رهن،شاهه سائين فرمائي ٿو ته عاشق پنهنجو سِرُ پنهنجي ڪلهن تان ڪپي/ڪَوري پيا ڏين،يعني پنهنجي هستي کي ختم ڪري ٿا ڇڏين.