نومبر
[/b]سموري دنيا ۾ ذيابطيس کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن14 نومبر تي ملهايو وڃي ٿو.دنيا جا 24 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو هن مرض ۾ مبتلا آهن.سال 1985ع ۾ دنيا ۾ 3 ڪروڙ ماڻهو هن بيماري جو شڪاررهيا،جيڪي سن 2000ع ۾ 15 ڪروڙ ،سال 2003ع ۾ 19 ڪروڙ 49 لک ٿي ويا.22 ورهين ۾ شگر جي مريضن ۾ 21 ڪروڙن کان وڌيڪ،جڏهن ته گذريل ستن ورهين ۾ 9 ڪروڙ 60 لک يعني 64 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.عالمي سطح تي ساليانو 38 لک (20 کان 79 سالن جي عمر) ماڻهو ذيابطيس ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ ٻين مرضن سبب هي دنيا ڇڏي وڃن ٿا.هڪ سروي موجب ذيابطيس جي مرض ۾ مبتلا سڀ کان وڌيڪ ماڻهواولھ بحرالڪاهل جا آهن جن جو تعداد 6 ڪروڙ 70 لک آهي.جڏهن ته اسان جوملڪ شگر ۾ مبتلا ماڻهن جي حوالي سان دنيا ۾ ستين نمبر تي آهي،جتي 69 لک ماڻهو شگر جي مرض ۾ مبتلا آهن.ماهرن جي اڳڪٿي موجب سال 2025ع تائين ملڪ ۾ شگر جي مريضن ۾ 66.6 سيڪرو اضافو ٿيندو ۽ مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 15 لکن تائين پهچندو.سال 2025ع ۾ پاڪستان شگر کان متاثر ٿيل ملڪن ۾ پنجين نمبر تي وڏو ملڪ بڻجي ويندو.
[b]16 ــ نومبر سهپ / برداشت جو عالمي ڏينهن:
[/b]سهپ يا برداشت جو عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ هر سال 16 نومبر تي ملهايو ويندو آهي، جنهن کي سڀ کان پهريون يونيسڪو پاران سن 1995ع ۾ عالمي سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. ان سان گڏ هڪ ئي قراداد منظور ٿي هئي، جنهن ۾ سهپ يا برداشت کي نه خوشي ۽ نه ئي همدريءَ واري جذبي جي کوٽ سان جوڙيو ويو. پر هن ڏينهن کي دنيا جي سمورن انسانن ۽ قومن جي تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻيءَ واسطي عزت ۽ وقار جي سڃاڻپ قرار ڏنو ويو.
[b]17 ــ نومبر: شاگردن جو عالمي ڏينهن:
[/b]دنيا جي سڀني شاگردن جو عالمي ڏينهن،پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ هن تاريخ يعني 17 نومبر تي ملهايو وڃي ٿو.هي ڏينهن چيڪوسلواڪيا تي جرمني پاران ڪيل قبضي جي خلاف 17 نومبر 1939ع ۾ گاديءَ واري شهر پراگ جي رستن تي مزاحمت ڪندڙ شاگردن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو باقاعدي اعلان 17 نومبر 1941ع ۾ “لنڊن انٽرنيشنل ڪائونسل”پاران ڪيوويو.
[b]19 ــ نومبر مردن جو عالمي ڏينهن:
[/b]پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ مردن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مردن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ نه پر مرد پنهنجي صحت جو هميشه خيال رکڻ وارو مقصد آهي.
هن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات سال 1999ع کان ڪئي ويئي. مردن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد هي به آهي ته مردن جي ڪيل محنتن ۽ ڪم کي ساراهجي، ڇو ته عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد، مختلف بيمارين جو شڪار گهڻو ٿين ٿا،خطرناڪ ۽ سخت محنت وارا ڪم مردن جي روزگار ۾ شامل آهن، اهوئي سبب آهي جو 93 سيڪڙو مرد پنهنجو ڪم يا نوڪري ڪندي راھ رباني وٺي وڃن ٿا. سماجي، گهريلو ۽ معاشي مسئلا به مردن کي وڌيڪ متاثر ڪن ٿا. نشيدار شيون واپرائڻ، ورزش نه ڪرڻ جهڙا مسئلا به مردن جي عمر گهٽائن ٿا ۽ صحت جي خرابيءَ جو سبب بنجن ٿا. مرد پيءُ هجي ڀاءُ هجي يا مڙس پنهنجي گهر جو ڇپر ۽ ڇانوَ هوندو آهي، جيڪو پنهنجي گهر ۽ مٽن مائٽن کي سکيو رکڻ لاءِ زندگيءَ جي هر ڏکيائي کي گرمي هجي يا سردي سهندو رهي ٿو.
[b]21 ــ نومبر:ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن:
[/b]اسان جي ملڪ سميت سموري دنيا ۾ ورلڊ ٽي وي ڊي(ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن) 21 نومبر تي ملهايو وڃي ٿو.ٽيلي ويزن لاطيني زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ پري کان ڏسڻ آهي.ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ پهريون ڀيرو تصويرن کي فيڪس مشين وسيلي احساسن جي ترجماني ڪندڙ طور سامهون آندو ويو ۽ اها ايجاد سن 1926ع ۾ ٽي وي جي صورت ۾ سامهون آئي،جنهن کي اسڪاٽ لينڊ جي رهواسي بئيرڊ ايجاد ڪيو.1930ع جي شروعات کان ئي ٽي وي معلومات ڏيڻ جو اهم ذريعو بڻجي وئي.
[b]21 ــ نومبر:ماهيگيري/ مهاڻن ۽ مڇيءَ جي پالنا جو عالمي ڏينهن:
[/b]پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ 21 نومبر تي ماهيگيري ۽ مڇيءَ جي پالنا جي باري ۾ عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو.ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مڇي ماريندڙن جي اڳيان ايندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن مسئلن جي حل کي ڳولڻ واسطي قدم کڻڻ بابت جائزو وٺڻ آهي.مڇي ماريندڙن/گهاتن/مهاڻڻ جو وڏو تعداد سنڌ ۾ رهندڙ آهي.جن کي هن ڏينهن جي مناسبت کان ڄاڻ ڏيڻ تمام ضروري آهي ته جيئن اهي هن شعبي سان بهتر نموني سلهاڙيل رهن.
[b]نومبر جي ٽين خميس: فلسفي جو عالمي ڏينهن:
[/b]فلسفياڻي گفتگو جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، يونيسڪو پاران دنيا ۾ فسلفي جو عالمي ڏينهن نومبر جي ٽين خميس تي ملهايو ويندو آهي. پهريون هي ڏينهن 21 نومبر تي ملهايو يوندو هيو. سن 2002ع کان شروع ٿيندڙ هن عالمي ڏينهن تي سماج ۾ فلسفياڻي گفتگو/ مباحثي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. فلسفو تعليم جو هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن جي ساراھ اڃا تنازعي واري آهي، تنهن هوندي به ڳوڙهي خيال ڪرڻ بعد ائين چئي سگهجي ٿو ته فلسفو آسپاس جي حالتن بابت شخصي نظريو آهي. شايد ڪا اهڙي علم جي شاخ هجي جنهن انسان جي سوچ ۾ اهڙيون انقلابي تبديليون آنديون هجن، جيڪي فلسفي ذريعي ٿيون هجن. فلسفي انسانن کي سوال ڪرڻ سان گڏ جيئڻ سيکاريو آهي.
[b]29 ــ نومبر: فلسطيني عوام سان ايڪتا ۽ ٻڌي جو عالمي ڏينهن:
[/b]دنيا ۾ جڏهن به ڏاڍ ۽ جبر جي مڪمل حڪمراني قائم ٿي ويندي آهي، تڏهن ان جو سڌو اثر هر ان مظلوم ڌر تي پوندو آهي، جيڪا تاريخ جي وهڪري ۽ حالتن ۾ ڪمزور ٿي وئي هجي، ظلم ۽ استحصال جو دائرو هڪ فرد کان شروع ٿي ڪٽنب، قبيلي، فرقي، ذات، برادري ۽ قوم تائين وسيع ٿي ويندو آهي، فلسطين جيڪو وچ اوڀر ۾ هڪ عرب ملڪ آهي، گذريل ڪيترن ئي ورهين کان سڌي ظلم هيٺ آهي، دنيا ۾ ڪنهن مظلوم ۽ مزاحمت ڪندڙ قوم جو نالو کڻجي ته فلسطين جو رتبو ۽ درجو اولين هوندو.فلسطيني قوم جي مٿان سرائيل ۽ سندس اتحادي عالمي سامراجي ملڪن جو ظلم ان انتها تي پهتل آهي جو هاڻ فلسطيني جڏهن پنهنجا شهيد ٿي ويل ساٿي ۽ زخمي کڻي احتجاج ڪندا آهن يا کين اسپتالن طرف وٺي ويندا آهن ته انهن جي اکين ۾ لڙڪ ۽ غم نه هوندو آهي پر اهي جذبات ۽ خوشي ۾ فلسطين جي آزاديءَ جا ترانا ڳائيندي ڏٺا ويندا آهن، دنيا جا حساس ۽ ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙ ماڻهو جڏهن اهڙا منظر پنهنجي ٽي وي اسڪرين تي ڏسندا آهن ته ان بابت اهو فيصلو ناهن ڪري سگهندا ته هنن واقعن تي خوش ٿجي يا ڏک ڪجي.فلسطين جي عوام سان ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهائڻ لاءِ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي 2 ڊسمبر 1977ع تي هڪ قرارداد منظور ڪئي،جنهن تحت يو اين او جا ميمبر ملڪ هي ڏينهن ملهائيندا آهن.