جنوري
[/b]پهرين جنوري جي دنيا ۾ امن واري ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي. اصل ۾ هي ڏينهن هر سال رومن ڪيٿولڪ چرچ پاران هر سال امن کي قائم رکڻ، ان جي آگاهي ڏيڻ ، دنيا جي امن ۽ امان جي شعور کي وڌائڻ آهي. عيسائي مذهبي رهنما پوپ پال ڇهين 26 مارچ 1967ع تي هڪ حڪم نامي تحت پهرين جنوري 1968ع تي ۽ پوءِ هر سال ،هن ڏينهن کي امن وارو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي طرح 1982 کان، حڪومتي سطح تي، يو اين او پاران 21 سيپٽمبر کي امن جو عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڪنهن به معاشري ۾ امن جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پر اڄ انساني تمدن جي بقا ۽ بچاءَ لاء تمام ضروري آهي. هيءَ ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته دنيا ۾ گهڻا ئي ملڪ بدامني سبب متاثر ٿي رهيا آهي
[b]31 ــ جنوري: ڪوڙھ جي مرِيضن جو عالمي ڏينهن:
[/b]هي ڏينهن ڪوڙھ جي مريضن سان پنهنجائپ ڏيکارڻ جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد،ماڻهن جو ڌيان هن موذي مرض ڏانهن ڇڪائڻ آهي ۽ ان سان گڏ وگڏ ماڻهن ۾ اهو احساس به جاڳائڻو آهي ته ڪوڙھ جي بيماري جي علاج واسطي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪنهن حد تائين ضرورت آهي.ان ضرورت کي اهميت ڏيندي، سن 1952ع ۾ ڪوڙھ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ڪئي ويئي.