سيپٽمبر
[/b](انگريزي International Day of Charity ) گڏيل قومن جي اداري پاران هر سال پوري دنيا ۾ هي ڏينهن 5 سپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي. اقوامِ متحدا جي جنرل اسيمبليءَ سن 2012ع ۾ پنهنجي 67 هين سيشن جي ايجندا نمبر 15 جي قرارداد نمبر 105/67 مطابق هر سال مڌر ٽريسا جي وفات واري ڏينهن تي هيءُ ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي.
هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي خير واري ڪم ۽ ان سان لاڳاپيل غير سرڪاري تنظيمن، شخصيتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ خير واري ڪم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻڻ آهي. سن 2013ع ۾ هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات ٿي
[b]8 ــ سيپٽمبر: تعليمي شرح جو عالمي ڏينهن:
[/b]محترم سامعين: ٻار مستقبل جا معمار آهن اڳتي هلي ملڪ ۽ قوم جون واڳون ٻارن جي هٿن ۾ اينديون جنهن ڪري ٻارن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏبي ته اهي بهتر ماحول ۽ بهتر نظام قائم ڪندا. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد خاص ڪري ٻارن ۾ تعليم کي وڌائڻ انهن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ آهي.اقوام متحده جي اداري يونيسڪو پاران 17 نومبر 1965ع تي تعليم جي شرح جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سن 1966ع ۾ پهريون ڀيرو هن ڏينهن کي ملهائي عالمي ڏينهن جي شروعات ڪئي ويئي.
[b]10 ــ سيپٽمبر خودڪشيءَ کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن:
[/b](World Suicide Prevention Day) صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان هر سال دنيا ۾ خودڪشيءَ کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو وڃي ٿو. انگن اکرن موجب هر سال 10 لکن کان مٿي ماڻهو خودڪشي ڪن ٿا جيڪا ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عاڪمي سطح تي خودڪشيءَ کان بچاءُ جو شعور پيدا ڪرڻ، سماجي، معاشي ۽ ذهني صحت جي مسئلن تي ضابطو رکڻ آهي. هونءَ به بزدل ماڻهو جن ۾ هن سماج جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت نه هوندي آهي ، اهڙي ذهني ڪيفيت رکندڙ ذهن ئي خودڪشي ڪندا آهن. دلير، بهادر، همٿ ڀريا ۽ انسانن سان پيار ڪندڙ ماڻهو مڙس ماڻهو ٿي مسئلن کي منهن ڏئي حل ڪندا آهن.
[b]15 ــ سيپٽمبر جمهوريت جو عالمي ڏينهن:
[/b]جمهوريت جو عالمي ڏينهن (انگريزي: International Day of Democracy) هر سال 15 سيپٽمبر تي بين الاقوامي پارليامينٽ يونين جي تحت ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي شروعات سن 2008ع ۾ ٿي. اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ سال ۾ 2007 ۾ پنهنجي 62 هين سيشن جي ايجنڊا نمبر 12 جي قرارداد نمبر 62/7 وسيلي هڪ قرارداد منظور ڪري هر سال 15 سيپٽمبر واري ڏينهن کي جمهوريت جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد بين الاقوامي طور جمهوريت پسندن جي حمايت ڪرڻ آهي ۽ ملڪن ۾ حڪومتي سطح تي جمهوريت کي وڌائڻ لاء قدم کڻڻ آهي.
[b]16 ــ سيپٽمبر اوزون ته جي تحفظ جو عالمي ڏهاڙو:
[/b]اوزون ته جي تحفظ جو عالمي ڏينهن هر سال 16 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد اوزون ته جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. اوزون زمين جي چوڌاري اهو تھ آهي جيڪو سج جي خطرناڪ الٽرا وائلٽ شعاعن کي نه صرف زمين ڏانهن اچڻ کي روڪي ٿو پر تن شعاعن جي نقصانڪار اثرن کي به ختم ڪري ٿو. اوزون آڪسيجن جي ٽن اسمن سان گڏ هڪ شفاف ۽ نظر نه ايندڙ گئس آهي، جيڪا قدرتي طرح فضا ۾ موجود هوندي آهي. اوزون جو نوي سيڪڙو مقدار زمين جي سطح کان پندرنهن پنجونجاھ ڪلوميٽرن تائين فضا ۾ ملي ٿو. سن 1970ع جي ڏهاڪي ۾ هن ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته انساني ترقيءَ، زمين جي حفاطت ڪندڙ قدرتي نظام کي به ڪيترن ئي خطرن جي منهن ۾ آني رکيو آهي. انهن ئي خطرن جي بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سموري دنيا ۾ 16 سيپٽمبر تي اوزون تھ جي بچاءَ جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد ساري مخلوقات کي صاف ۽ صحت مند مستقبل ڏيڻ لاءِ شعور ڏيڻ، ذميواري ۽ عملي ڪم کي اڳتي وڌائڻ آهي.انسان جي غير ذميواراڻي روين سبب زمين جا قدرتي وسيلا گهٽ ٿي رهيا آهن، اوزون تھ ۾ ٿيل خال سبب سج جا نقصان ڏيندڙ شعاع سڌي طرح ذمين تي پهچي، زمين جي زندگيءَ کي متاثر ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري گرمي پَدَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي.
[b]سيپٽمبر جو ٽيون اڱارو امن جو عالمي ڏينهن:
[/b]محترم سامعين:امن هڪ اهڙو عمل آهي جنهن سان پوري ڪائنات ۾ انسان ذات جي ترقي ممڪن آهي،پوري عال۾ ۾ امن هوندو ته انسان روز نئين کان نوان تجربا ڪري پنهنجي لاءِ نوان گس ڳوليندو رهندو،پر جڏهن امن جي جاءِ تي گوڙ،گهمسان ۽ افراتفري جو جهان هوندو ته اتي ترقي ناممڪن بڻجي وڃي ٿي.تنهنڪري امن جي اهميت کي سمجهندي ۽ امن جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نومبر 1981ع ۾ جنرل اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد وسيلي هر سال سيپٽمبر جي ٽئين اڱاري کي امن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيوويو.جنهن وسيلي حڪومتن ۽ قومن جي وچ ۾ امن جي تصورن کي مضبوط بڻا.ڻ تي خاص توجھ ڏيڻ آهي.
[b]27 ــ سيپٽمبر سياحت جو عالمي ڏينهن:
[/b]سياحت جو عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ 27 سيپٽمبر جي ڏهاڙي ملهايو ويندو آهي. سياحت جو هي عالمي ڏينهن ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جي سفارش تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي قراداد موجب سال 1970ع کان ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد دنيا کي هي يقين ڏيارڻو آهي ته سياحت بين الاقوامي برادريءَ لاءِ اڻٽر آهي ۽ سياحت سماجي، ثقافتي ۽ معاشي حالتن تي سڌيءَ طرح پنهنجا اثر ڇڏي ٿي.
پاڪستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي چند اهڙن ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي مهم جوئي سياحت، قدرتي حسن، مذهبي سياحت ۽ تاريخي ماڳن ۽ مڪانن سان مالا مال آهن. پاڪستان جي قدرتي نظارن ۾ سامونڊي ڪناري کان وٺي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ برف سان ڍڪيل جبل ۽ سندن چوٽيون، خوبصورت جهرڻا / آبشار، چشما، ساوڪ سان ڀريل جبل ۽ واديون، خوابن جي حسين منظرن جهڙيون ڍنڍون ۽ وڏيءَ ايراضيءَ تي پکڙيل دنيا جي مشهور صحرا شامل آهن.
[b]28 ــ سيپٽمبر ڪتن جي بچاءُ جو عالمي ڏينهن:
[/b](انگريزي: World Rabies Day) ڪتن جي چڪ کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن هر سال 28 سيپٽمر تي گڏيل قومن جي ذيلي صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان سن 2007ع کان ملهايو وڃي ٿو. جنهن جي ملهائڻ جو مقصد ڪتن جي چڪ پائڻ واري مرض کان ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ ۽ ان جي بچاءَ جو شعور پيدا ڪرڻ آهي.